جھڪيل مونڏي کنئي نازڪ، نظر آهستي آهستي،
ڪيو آخر هن آهُنِ، اثر آهستي آهستي.
دکي دلڙيءَ جي ڌڙڪن اچي آخر ته رنگ لايو،
ڦڙي مان پيار جو بڻيو بحر آهستي آهستي.
ڦڙو قطرو مسلسل جي ڪِري پاڻي پٿر تي ٿو،
ڳري پوندو اهو آهي پٿر آهستي آهستي.
هئي قسمت مٿان ڇانيل ڪا ڪاري رات جي چادر،
اميدن جو اچي اڀريو سحر آهستي آهستي.
کلي اڄ خان محمد سان مليو محبوب محفل ۾،
کُلي وئي خلق ساريء ۾ خبر آهستي آهستي.