شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

قرب توسان جو ڪيم، حال منهنجو هي ٿيم،

قرب توسان جو ڪيم، حال منهنجو هي ٿيم،
جانِ جهوريءَ ۾ جهريم، حال منهنجو هي ٿيم.

ويو ڳري آهيان صفا، سَتُ نه آهي جان ۾،
آ اثر اهڙو پرين ٻيو اکين جي ڪانَ ۾،
تير تو اهڙو هنيم ، حال منهنجو هي ٿيم.

پيو پتو هاڻي اٿم تون آهين قاتل مٺا،
درد وارا مون جهڙا، تو صنم ڪيئي ڪُٺا،
ريءَ ڪاتيءَ تو ڪٺم، حال منهنجو هي ٿيم.

ڪئي خطا “خاطيءَ” ڪهڙي، ڏوهه ڏس ڪهڙو ڪيم،
قرب ڪيرئي آ ڪيو سا سزا شايد مليم،
روز شب تو لئه رنم، حال منهنجو هي ٿيم.