شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

مان سوال بنجي تنهنجي ئي سامهون اچان ٿو،

مان سوال بنجي تنهنجي ئي سامهون اچان ٿو،
نظرن مان ڇو نه ٿو پڙهين پيار گھران ٿو.

پلڪن جي سايي ۾ سوين سپنا سمايل،
التجائون اڻ ڳڻيون اکڙين ۾ لڪايل،
سرڪار سي شرمائي توڏي کڻان ٿو.

صدين جي صدائن جو هن دل ۾ آ مسڪن،
شايد نه قبولين تڏهن ٻاهر نٿيون نڪرن،
ڪوشيش اشارن ۾ سلڻ جي مان ڪيان ٿو.

لبڙن جي ڪنارن کي رخسار سان لائي،
ڇڏ ته خان محمد ڪا آس پڄائي،
آغوش ۾ اچڻ لاءِ “خاطي” سڪان ٿو.