سوچ ۾ آهيان هو جي اچي ويو، ان سان ملي ڪئن مان سگھندس،
هن جا پٽائين ڪنئورا هٿڙا، تن کي ڇهي ڪئن مان سگھندس.
هن جي اچڻ سان لڙڪ ڏکن جا ويندا سڪي پر پوءِ وري،
لڙڪ خوشيءَ جا آيا اکين ۾، لڙڪ اگھي ڪئن مان سگھندس.
هڪ به گھڙي دل تان نه لهين ٿو، سچ سچ مونکي اڄ تون ڏس،
توبه ڪڏهن تئن ياد ڪيو آ، سوبه پڇي ڪئن مان سگھندس.
پيار پنهل سان جيڏو سسئي جو، پيار منهنجو تيڏو توسان،
دل ته چوي ٿي محب کي چوندس، سوبه چئي ڪيئن مان سگهندس.
حال اندر جو ڪوبه منهان منهن هن کي چئي سگهيس نه ڪڏهن،
دل کي جهلي اڄ پيار پرين کان هاڻ گھري ڪئن مان سگھندس.
موڪلائڻ جي مهل به ايندي، نارَ شروع نيڻن ٿيندا،
وقت وڇوڙي روئي پوندس، ماٺ رهي ڪئن مان سگھندس.
جيءَ جيارو ڌار جي ٿيندو هاءِ الا پوءِ ڪيئنءَ ڪبو؟
هيڏو جبل جيڏو سو وڇوڙو هاءِ سهي ڪئن مان سگھندس.
سوچن ۾ سرهاڻ رچيل آ قرب واري جي ڪيريو چئي،
سوچ آ تن سپنن جي به ساڀيا “خاطي” ڏسي ڪئن مان سگھندس.