منهنجي محبوب جي سامهون سڀئي سينگار گھٽ ڄاڻان،
سهڻا منظر نظارا ۽ چمن گلزار گھٽ ڄاڻان.
سڳنڍ سرهاڻ ۾ ثاني نه پاڙيان ڪو پرينءَ سان مان،
عطر عود ۽ کٿوري نا، فئه تاتار گھٽ ڄاڻان.
مٺائيءَ ۾ نه مٽ ڪوئي مٺو سڀني مٺاڻن کان،
پتاشا مصريون ماکيون، سڀئي اثمار گھٽ ڄاڻان.
نفاست ۾ نزاڪت ۾ چمڪ ۾ چنڊ ڇا پڄندو،
پڄي ڪوهنور ٿو ڪا ٿي، هيرا هربار گھٽ ڄاڻان.
سڄي دنيا ڇڏيان گھوري سندس قدمن تان ڪيريو چئي،
سهڻي جي سونهن جي سامهون، سارو سنسار گهٽ ڄاڻان.