شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

منهنجي دل آ پيارَ ونگي،

منهنجي دل آ پيارَ ونگي،
منهنجون سوچون ست رنگي،

دل جي اندر واري دنيا،
بي حد لاحد ريءَ دنگي.

هن کان هن کي گھريو مون،
ٻيو هن کان هن جي تار منگي،

شهرت عزت مليڪت جام آ،
پر هڪ محبت جي آ تنگي.

تينءَ حياتيءَ لئه چاهت جيئن،
وارَ سنوارڻ ڪاڻ ڪنگي.

مون ۾ ڪهڙي سگهه او سائين!
توتي آهي ننگ ننگي.

لفظ خماريل ٿي پيا “خاطي”،
ڏاههَ جي ڏينڀن ڏات ڏنگي.

