پنهنجي عاشق جو پرين، اچ آخري ديدار ڪر،
هن حياتيءَ منجهه جاني، پرچي مونسان پيار ڪر.
منهنجي هاڻي آخري بس آس هيءَ آهي مٺا،
هڪڙو ڀيرو ٻانهون پنهنجون هن گلي جو هار ڪر.
دل ڏکويل آ گھڻي هن کي آٿت ڏي اچي،
اڄ ملي محبوب مونسان الفتي اظهار ڪر.
چئن ڏينهنِ جي جدائي جيءُ ٿي جهوري ڇڏي،
هن هميشه دور ويندڙ جو وري ويچار ڪر.
الوداع جي ويل آئي قرب ڪيرئي تي ڪري،
ويهه ويجهو ٿي کلي خوش اڄ نه تون انڪار ڪر.