ڏسي ڏوهه منهنجا ڪرين ڌار متان،
هي ڪوتاهيون سڀ مونکي معاف ڪجان.
سمونڊ ڪنان وڌ مون لئه سڪ ڏسي،
تنهنجي هانوَ ڇهندڙ اها ڇڪ ڏسي،
تنهنجي پيار جي مون لئه مهڪ ڏسي،
پنهنجي من ئي من ۾ ڪڏان ۽ نچان.
مليو تنهنجي الفت جو اعزاز اٿم،
ڪيو آڪاش تي ڄڻ ته پرواز اٿم،
مٺا قرب تنهنجي تي ناز اٿم،
مليو ڪونه مونکي اهڙو پيار ڪٿان.
کڻي ڪيڏو توکي ٿو چاهيان پرين،
جتيءَ جوڙ بلڪل مان ناهيان پرين،
تنهنجو ادنى خادم آهيان پرين،
تنهنجا ٿورا لکين ٿو محبوب مڃان.
حڪم تنهنجو هر هڪ اکين تي رکان،
تون جيڏانهن وارين تيڏانهن وران،
گھڻي چاهه سان مان ادب تنهنجا ڪيان،
تنهنجا اکين چپن سان پيزار چمان.
مان ڪوجهو ڪنو مون ۾ عيب سڀئي،
پرين “خاطي” جي وري پارت اٿئي،
جوانيءَ جو جاني خدا خير ڪرئي،
دعا خان محمّد ٿو گهرندو وتان.