شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

ڀري پير مون وٽ منهنجو محب آيو،

ڀري پير مون وٽ منهنجو محب آيو،
گهري پئي دعا مون مولا سو ملايو.

جنهن جي اچڻ سان هٻڪار ٿي ويا،
اڱڻ ۾ الاهي ته چمڪار ٿي ويا،
هيس چهرو چنڊ کان سونهن ۾ سوايو.

نه احوال ان آڏو اوري سگهيس مان،
کڻي نيڻ خاموش ڏسندو رهيس مان،
پرينءَ کي پسي هوش مون هو وڃايو.

سڀئي خوف خطرا ٿي “خاطي” ختم ويا،
ڀلارن جا داخل اڱڻ ۾ قدم ٿيا،
ڪري ڪرم ڪيريو ، پنهنجو تن بنايو.