شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

منهنجي محبوب جو مشڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو،

منهنجي محبوب جو مشڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو،
سندس رخسار جو چمڪڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

سڄي ڪائنات پُرُ آهي، عجب اسرار رازن سان،
رڳو هڪ راز جو سمجهڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

دليون اڳ ئي هيون ڄڻ ڪي، پيون بس پاڻ ۾ پرتل،
لبن نيڻن جو پو پرچڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

پيو جڳ جرڪي هو سارو، ڪڍي سج جو ڪني ٿوري،
نئين ڪنهن آس جو اڀرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

هيو هڪ هڪ اهو ڳوڙهو، لڳو مونکي ڦُٽل ڪنول،
اکين جي تلاءَ جو ڀرجڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

لٿو جو پاند هو منهن تان، ٿيو محسوس هو مونکي،
اهو جلون سندو اڏرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

اثر آ ڪو ته جادوئي، مٺن ٻولن ۽ لهجن ۾،
سٺي سُرَ ساز جو وکرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

اڇين ڦٽين گلن گاهن، ڦٽڻ سان گڏ مٺن ميون،
سونن سنگن پچڻ نسرڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

اڃايل روح جي ڪارڻ، ڪڻي قربن جي ائن آهي،
جيئنءَ برسات جو برسڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

غزل هي سونهن پرستيءَ جو، ثبوت آهي سچو “خاطي”،
قلم سان لفظ هي لکجڻ، رنگي ڄڻ روشني خوشبو.

