شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

رهي يارَ دل ۾ نه ٿا هاڻ نڪرن،

رهي يارَ دل ۾ نه ٿا هاڻ نڪرن،
ويو وسري سڀ ڪجهه نٿا پيار وسرن.

زمانو به بگڙيو ، ته هو پڻ خفا ٿيو،
ڇڏيو ساٿ سڀني سڄڻ بيوفا ٿيو،
نه پر ساٿ ڇڏيو ساروڻين ۽ سپنن.

ويون گذري مدتون ڦٽو شهر آخر،
مگر دل جي ويرانُ کنڊرن ۾ ظاهر،
آثارِ محبت اڃا تائين ڏسجن.

جوڙي جاءِ جيءَ منجهه جلون ۽ غمزن،
پڪا نقش من تي ڪيا “خاطي” قربن،
اهي عڪس دل تان نٿا هاڻ نڪرن.