شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

بس ڪر اي دل نه روء تون دلدار آهي اچڻو،

بس ڪر اي دل نه روء تون دلدار آهي اچڻو،
توکي تلاش جنهن جي سو يار آهي اچڻو.

آسن جي مکڙين تي برسي اجها ته شبنم،
پوپٽ گلن تي مڙندا ساڀيا سندا سي هڪدم،
ويندي هلي خزان اڄ ۽ بهار آهي اچڻو.

تڙپڻ روئڻ ڇڏي ڏي دلڙي ڪو هوش تون ڪر،
ڪر آجيان ادب سان پرجوش حاضري ڀر،
ساري اڱڻ جي زينت سينگار آهي اچڻو.

جهوليءَ چنڊ جهلندءِ محبوب جي آ آمد،
ماضيءَ جون ڪل مرادون پنيون ٿئي خان محمد،
اي قلب! تنهنجو سچ پچ ته قرار آهي اچڻو.