اها تنهنجي ئي دولت آ، جدائيءَ جو سبب سائين،
ٻيو منهنجي به غربت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.
گھڻا ڪم واسطا ياريون، صفا مصروف گھارين ٿو،
اسان جھڙن غريبن لاءِ تو وٽ وقت ڪونهي ڪو،
اها تنهنجي ئي عادت آ،جدائيءَ جو سبب سائين.
تنهنجا مهمان سڀ چالاڪ هڪ سادو ٺهان ڪيئن مان،
تنهنجي تقريب روزانو هٿين خالي اچان ڪيئن مان،
اها سچ پچ حقيقت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.
اٺين دنگ تي اسين پر “هُو” اڳيان سڀ مطلبي ماڻھون،
اسين جن کي نه ٿا چاهيون ڏسڻ هرگز اکين سامهون،
انهن سان تنهنجي رغبت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.
سدا گڏ گڏ رهڻ وارا ٿيئي ڇا دور ٿي وئين تون،
گھڻو چاهيم جڏهن توکي تڏهن مغرور ٿي وئين تون،
منهنجي بي لوث محبت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.
زمانو پيو ڪري سڀڪجھ ،رڳو دل مون نه آ لاتي،
کڻان وک ٿو کڄن ٿا هٿ اهو شاعر اهو “خاطي”،
بڻي منهنجي به شهرت آ، جدائيءَ جو سبب سائين.