وري پيارا ڪيو پنهنجو، پنهنجي عاشق پراڻي کي،
پنهنجي عاشق پراڻي کي، صفا سادي نماڻي کي.
رسڻ پرچڻ به آ ٿيندو، يڪو منهن ڪير موڙيندو،
ميارون روبرو ماڻهو، پرين پنهنجن سان کوليندو،
رڳو دانهون وتين ڏيندو، فلاڻي کي فلاڻي کي.
سنجھا ٽاڻي خدا ڄاڻي، سڪايل روح ٿو تاڻي،
اڃان ڪيسين چريو چت هي، وڇوڙي جا مزا ماڻي،
اچو هاڻي اچو هاڻي، ڇڏيو اڄ يا سڀاڻي کي.
نئين چاهت اسان لاتي، تڏهن آتي هيئي ڇاتي،
اهي ڏينهن شروعاتي، هئا ڪيڏا نه جذباتي،
اها ساري وفا “خاطي”، اچو ويجھو اياڻي کي.