شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

ڪنهن سان قرب ڪرڻ، ڪنهن سان مرڪي ملڻ،

ڪنهن سان قرب ڪرڻ، ڪنهن سان مرڪي ملڻ،
ڪنهن ڏي گھوري ڏسڻ، اڄ ڏوهه ٿيو،
ڪنهن کان حال پڇڻ، ڪنهن جا لڙڪ اگھڻ،
ڪنهن سان سور سلڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

هي پابنديون پيون، ڪيئن پو قرب ڪيون،
ڪيئن ٿي ڌار جيون، ڀلا ڪنهن جا ٿيون،
واهون سڀئي ويون، دانهن ڪنهن کي ڏيون،
ڪنهن کي دانهن ڏيڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

هت جذبات مٿان، ڪيئي پهرا اڃان،
نه ٿو سوچي سگهان، ڪيئن جڳ ۾ رهان،
ڪنهن کي پنهنجو چوان، هي ايڏو جرم ڪيان،
دل کي ڏيڻ وٺڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.

ڪونهي همدردي، ويو ڪينو وڌي،
هي ڪيريو بي وسي، ويو توکان ڇڄي،
خان محمد جي، لُٽي هر ڪا خوشي،
گڏجي کلڻ گھمڻ، اڄ ڏوهه ٿيو.