ننڍي لاڪون لڳم نينهن،
اٿم الفت عجيبن سان.
چڪور عاشق جئين چنڊ تي،
شمع تي جئن پتنگ جلي،
ڀنور گل تي ٿو ڀيرا ڏي،
منهنجي دل تئن مجيبن سان.
سدا دل ۾ رهڻ وارا،
پري ٿيئڙا پرين پيارا،
لتاڙي لڪ ڏکيا سارا،
هلي ملجي حبيبن سان.
هلي نه حجت جتي ڪائي،
اسان الفت اتي لائي،
مگر محبن ڪئي ڀلائي،
اسان جھڙن ضعيفن سان.
منهنجو نينهن سچو سمڌن،
ڏسن جت جي مليو خوش ٿين،
شڪر “خاطيءَ” سان سڄڻن،
رکيو ناتو نصيبن سان.