شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

پيار ۾ اي پرين تو آ پاڳل ڪيو،

پيار ۾ اي پرين تو آ پاڳل ڪيو،
مان ته سياڻو هُيس توئي جاهل ڪيو.

تنهن جي هر هڪ ادا پر اثر ٿي پرين!
مرڪ موهي وڌو، گھورَ گھايل ڪيو.

زندگي خوش سدا مون گذاري هئي،
ٿي جدا جيء ۾ غم تو شامل ڪيو.

نه ته هي ويندو ٻڏي تنهنجو خادم سڄڻ،
ڪو سهارو ڏئي ويجهو ساحل ڪيو.

ڪين ٿيندي دوا تنهنجي بيمار جي،
پاڻ پنهنجي دوا خاني داخل ڪيو.

خون “خاطي” اميدن جو ناحق ڪري،
سنگدل ڏس سچي ڇا تو حاصل ڪيو.

