شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

زماني لڳايو نهارڻ تي ڪرفيو،

زماني لڳايو نهارڻ تي ڪرفيو،
کلي مرڪي گڏجي گذارڻ تي ڪرفيو.

خبر ناهي هاڻي هتي حال ڇا ٿئي،
لڳو آهي جيئڻ جيارڻ تي ڪرفيو.

لڳي ماٺ جا ويا ڪي تالا چپن تي،
هي آواز دل جو اٿارڻ تي ڪرفيو.

ڏسان پيو وڃي پيو اهو هُو وڃي پيو،
مگر ان کي پويان پڪارڻ تي ڪرفيو.

پراون ته پي پي ڀريو پيٽ پنهنجو،
ته پنهنجن کي ڇو آ پيارڻ تي ڪرفيو.

نه ڪڇ ڪيريا تون چڱي چپ اٿئي اڄ،
اهي ڳالهيون هت پچارڻ تي ڪرفيو.

