محبوبن جي مرڪن ۾ ڄڻ مهڪيا موتيا پئي،
ساهن منجهه هڳاءَ تن سرها سرها اوتيا پئي.
جوڀن جلوا جيون ۾ پڻ پل کن سونهنِ ٿا،
ڄڻ ته هوا گلڙا گلابي ٻوٽن تي لوڏيا پئي.
کيت سرنهن جي سهڻائپ ۽ خوشبو پنهنجيءَ سان،
روڊ ڪناري ايندڙ ويندڙ ماڻهو موهيا پئي.
مند به ساڳي باغ به ساڳيو جت آ ميلو ٿيو،
وڇڙڻ ويلي انب هي ساڳيا ٻور سان ٻوڪيا پئي.
سونهن ڏي منهنجو چاهه به اهڙي طرح ڊڪي هردم،
ٻيرن چونڊڻ لئه جئن ٻارڙا ٻيرِ ڏي ڊوڙيا پئي.
رات لڙيء جو رستي سان آوازن ڀڻڪا ها،
سنگت وارا محفل مان ٿي واپس موٽيا پئي.
سنڌ سنگت جي باغن جا ڦل کائبائي رهبا،
ورهاڱي اڳ اياز مالهيءَ جن جي پوکيا پئي.
جنهن پل جيون کان مون ٿي فرار ٿيڻ جو سوچيو،
محبوبي ادا تنهن پل “خاطي” رستا روڪيا پئي.