هي زخم ويندو ڇٽي ڳالهه نه وسري ويندي،
تو منهنجي آس ڪٺي، ڳالهه نه وسري ويندي.
سڏڪن جي ميوزڪ تي دردن کي ڳائي،
ڇڏبا لڙڪ اگهي، ڳالهه نه وسري ويندي.
سڀ سوچن اڌمن جذبن ۽ نغمن ۾،
هڪ تون ئي ته رڳي، ڳالهه نه وسري ويندي.
نه خوشي ڪابه ڏني تو پر رهندو ئي وري،
ڪئي دلڙي تو دکي، ڳالهه نه وسري ويندي.
هي نئون باب وڌيو پيار جي مجموعن ۾،
ويندو هي وقت ڊڪي، ڳالهه نه وسري ويندي.
هن دل جي تنبوري کي تو ڇيڙي ۽ ڇيڙي،
ڇڏيون تارون ڇني، ڳالهه نه وسري ويندي.
مصنوعي تبسم جي تجليءَ سان پيارا،
تو هيءَ پريت لُٽي، ڳالهه نه وسري ويندي.
تنهنجي تجلن جلون نخرن ۽ غمزن آ،
ڇڏيو “خاطي” ڪهي، ڳالهه نه وسري ويندي.