شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

پيار کپي بس پيار کپي بس،

پيار کپي بس پيار کپي بس،
ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

مونکي هيڏي حسين دنيا ۾،
هڪڙو سهڻو يار کپي بس،
ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

مونکي وڻي هُو هُن کي وڻان مان،
اهڙو ئي قربدار کپي بس،
ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

هرڪو سهڻو هڪڙو گل آ،
مونکي گلڙن هار کپي بس،
ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.

سهڻا سهڻا کوڙ هي “خاطي”،
سهڻن جو سردار کپي بس.
ٻي ڪا شيءِ مونکي ڪانه کپي.