ڪيڏو حسين انبر ڪيڏي حسين ڌرتي،
سبحان الله ڇا ڇا خالق آ سونهن خلقي.
ڏس بادلن جي بيهڪ آڪاش جي اڱڻ تي،
صورت جدا جدا جن رنگت عجيب ورتي.
ڏيئا وسامجي ويا تارا لڪي ويا سڀ،
جلوي نما پئي ٿئي هڪ چنڊ جي جو هستي.
رنگين خوبصورت هي گل نفيس نازڪ،
مالهيء ڪيئن اپايا؟ مالهي وڏو آ خفتي.
هي چنڊ ۽ ستارا، سهڻا گلن نظارا،
ست رنگ انڊلٺ جا، آهن خدا پُرستي.
جھرڻا جبل نديون ۽ دريا سمونڊ صحرا،
پوپٽ پکي فصل سڀ هر سونهن ساههَ _ پرتي.
تارن به سج لٿي کان لاٿي ٽمڪ ٽمڪ آ،
ڏورئون سجهي پئي ڄڻ بيرا ڳيُن جي بستي.
دنيا اندر حسن جو ڪو ڇيهه ڪونه آ پر،
منهنجي حسين سنڌڙي منهنجي حسين سرتي.
اڀ ۽ زمين جا سڀ منظر حسين پو ڀي،
ماڻهوء جي سونهن پنهنجي ماڻهوء جي پنهنجي مستي.
ها! جهنگ ۾ به سهڻا ٿا گل ٽڙن ڏسون ٿا،
گھاري ٿي جھوپڙين ۾ انمول سونهن سستي.
نيڻن جي ڍنڍ ڇا هئي! لوڙهي ڇڏيائين ٻوڙي،
هڪڙي نهارَ سان ئي، ڪيئن هوش واري ڪشتي.
هڪ مرڪ ۾ هزارين، ڄڻ زندگيون سمايل.
سا مرڪ ٿي جياري الهام ٿي الستي.
ڪنهن دين ذات جي ڪا ميراث سونهن ناهي،
سينگار _ ويس مان هيءَ مونکي لڳي ٿي مهتي،
معصوميت ڪشش ڪئي ۽ سادگيء موهيو،
هن جي حياءَ “خاطي” ڪئي دل زيردستي.