تو سواءِ تڙپان لڇان ۽ گھاريان اهڙي طرح،
جئن اڪيلي ڪونج ڪرڪي آهيان اهڙي طرح.
ڏئي سلامي نگاهه جي ۽ مرڪ جا موتيا ڇٽيان،
جي اچين محبوب ڪريان آجيان اهڙي طرح.
گل ڇٽي هر گام تي ۽ گلم غاليچا پلنگ،
روشنيون خوشبو سجايان آشيان اهڙي طرح.
ويس وهنجي سهنجي پائي تيل ۽ سرما ڪري،
پاڻ کي مان تنهنجي خاطر ٺاهيان اهڙي طرح.
چاههُ دل وارن جو ڌرتي ديس سان جھڙي طرح،
توکي “خاطي” خان محمد چاهيان اهڙي طرح.