شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

جي پيار پنهنجي تي پهرا لڳا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو،

جي پيار پنهنجي تي پهرا لڳا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو،
پو پهاڙ غمن جا دل تي ٽٽا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

پاڻ پيار ڪرڻ وارا ماڻهون، آزاد فضائن وارا پکي،
قفس ۾ ڪيئن جي سگهبو ڀلا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

تاراج ٿينِ ناشاد ٿينِ، سي پيار ذري جي ڪاڻ سڪنِ،
جن پيار پنهنجي ۾ رخنا وڌا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

هي هيڏو سارو ڪِيس ڏسي، پولار ڪنان پاتار تائين،
سڀني جا آهن نيڻ ڀنا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

هڪ هڪ حسرت پاڻي ٿي وئي، اڌ ۾ قرب ڪهاڻي ٿي وئي،
کوڙ حصا جنهن جا رهجي ويا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.

هي خان محمّد ڪونهي ڪوي، ڪڍيون ڪيرئي آهون سور سهي،
سڏڪن ۾ مون سوين گيت چيا، مون ڏاڍو رنو ۽ ڏاڍو لڇيو.