جڏهن هن چيو اچ هاڻِي موڪلايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون،
سڄڻ الوداعي ڳراهٽيون ٿي پايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.
جڏهن پن ڪو وڻ مان ڇڻندي ڏٺو مون،
جڏهن گل پٽيل ڪو سڪندي ڏٺو مون،
ته سمجهي ويس پو ، ڇا آهن جدايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.
پڇيو مون پتنگ کان شمع لئه جلين ڇو؟
چڪور کي چيم چنڊ ڏي تون تڪين ڇو؟
چيائون اسان ڇو ته دليون لڳايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.
هو پولار ۾ پنڇي ڀٽڪي پيو ڇو؟
هو صحرا ۾ سيلاني وڙڪي پيو ڇو؟
ٻڏس سوچ ۾ ڇو مِليَن هيڪلايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.
جڏهن سج سمنڊ ۾ سنجهي ئي ٻڏي ويو،
ڪو ديويءَ جي ٽاريءَ کي دل ۾ رکي ويو،
اداسين چيو اچ ته سينو ملايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.
هو راڳيءَ جو آلاپ آڌيءَ ڌاري،
ويو جيءَ ۾ نئون ڪو آڙاهه ٻاري،
اهو “خاطي” ڪيريو چئي ڪيئن اجهايون،
الائي ته ڇو هي اکيون ڀرجي آيون.