منهنجا نيڻ اڃا نهارين چارا،
مونکي مرڪن سان ماري وڃڻ وارا،
اڃا ٿورو ساهه اٿم.
آوي اندران ڪئينءَ جلي ٿي،
ڪل ڪنڀر کي ڪانه پوي ٿي،
منهنجي بدن ۾ باهه ڏيڻ وارا،
اڃا ٿورو ساهه اٿم.
تبسم جي تلوار سان گھائي،
تير نظر جو نشانو بنائي،
منهنجي ڇاتيءَ کي ڇيهون ڪرڻ وارا،
اڃا ٿورو ساهه اٿم.
ماڪ ڀنل معصوم جواني،
خون آلوده توڪئي جاني،
منهنجي جيون ۾ زهر ڀرڻ وارا،
اڃا ٿورو ساهه اٿم.
ڪيرئي تي ڪيو تو ته ستم آ،
سهبو رهبو جيسين دم آ،
خان محمد کان خوشيون کسڻ وارا،
اڃا ٿورو ساهه اٿم.