شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

اڄ ملي محبن ڪيون ڪي، مُلَهه مهانگيون ڳالهيون،

اڄ ملي محبن ڪيون ڪي، مُلَهه مهانگيون ڳالهيون،
نينهن جون نازڪ نيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

چاهه مان چپڙا جي چوري، گلبدن گفتار ڪئي،
واهه جو مونکي وڻيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

لفظَ لالڻ جا مٺا سڀ، نقش دلڙيءَ تي ڪيم،
ٿي ٻڌم، ڳڻتيون ويون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

آ مٺو محبوب منهنجو، تيئن مٺي ٻولي اٿس،
ٿو ڪري اهڙيون مٺيون ڪي، ملهه مهانگيون ڳالهيون.

خان محمد ڪيرئي سان، ڇا ته راڻل راز جون،
سڪ منجهان سهڻل سليون ڪي ملهه مهانگيون ڳالهيون.

