روئي راهون تنهنجون نِهارين ٿيون اکيون،
ڳوڙها هجر فراق ۾ ڳاڙين ٿيون اکيون.
جنهن ڏينهن لاڪون توسان ٿيو واسطو اٿن،
ان ڏينهن لاڪون توکي سدا ياد ٿيون رکن،
هڪڙي گهڙي نه تو کي وسارين ٿيون اکيون.
تصور ۾ روز تنهنجي تصوير ٿيون پسن،
وسندڙ ڪڪر جيان ڪيو هي وڏ ڦڙو وسن،
تنهنجي غمن ۾ گم ٿي گذارِين ٿيون اکيون.
شل قربدارَ تنهنجو سايو قريب ٿئي،
دم دم دعا گهرن هيءَ درشن نصيب ٿئي،
درشن جو شوق “خاطي” ڌارين ٿيون اکيون.