دکي آ دلڙي ڪري ٿي دانهون، اچي جو دردن وڪوڙيو،
اگهي اکين جو پڄان نه پاڻي، اچي جو لڙڪن وڪوڙيو.
حوال دل جا اچي ڪي اوريان،سلي سگهان پر اهي نه ٿو،
نه سگهه سلڻ جي رهي آ باقي،
اچي جو سڏڪن وڪوڙيو.
ٿِي ڳڻتي ڳاري جسم جڏو ٿيو، ۽ پور پلپل پيا پون،
تڙپ تنهنجي لڇان ۽ ڦٿڪان،
اچي جو فڪرن وڪوڙيو.
ڏسي ڏکن ۾ ڇڏي هليا ويا، سڀئي سهارا به دور ٿي،
سکن جا ساٿي سڄڻ ڇڏي ويا،
اچي جو صدمن وڪوڙيو.
الاءِ قسمت جو کيل آهي، الاءِ دنيا جو ڪو چڪر آ،
خطا ڪا ٿي يا ڪو امتحان آ،
اچي جو وهمن وڪوڙيو.
حڪيم حاذق هزار ڀيٽيم، مگر ڪيو تن به لادوا،
ختم خوشي ٿي سموري “خاطي”،
اچي جو مرضن وڪوڙيو.