زمانا! اسان کي ملڻ کان ٿو روڪين!؟
پريان ڏس ته ڪيئن هو پکي ٻئي ملن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
دکي دل جي مکڙي کلڻ کان ٿو روڪين!
هي گلشن ۾ گلڙا هزارين ٽڙن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
اي مالهي! اسان لئه ته ممنوع خوشبوءِ!
سرِ عام پوپٽ گلن کي چمن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
اسين چاهه وارا سِڪون ساٿ ڪارڻ!
مگر خار گلڙن سان گڏجي رهن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
پرين! تنهنجي ويجهو اچان ٿو وڙهين ٿو!
هوا جا هي جهوٽا بدن کي ڇهن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
نظر هڪ نڇاور ڪيان مان ته ڪاوڙ!
سڀئي چنڊ تارا ته گهوري ڏسن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
اي ساقي! صراحيءَ مان پيارڻ ڇڏيو تو!
مگر جام نظرن مان پياسي پين پيا،
انهن کي ته جهل تون؟
او “خاطي”! ڪڇڻ کان تو روڪيو زبانُ کي!
مگر خان محمد! هي ڳوڙها ڳڙن پيا،
انهن کي ته جهل تون؟