عشق کي سونهون ڪري هلجي نه ڇو؟
منزلِ مقصود تي رسجي نه ڇو!
حسن وارو جي هجي ڪو باوفا،
پو غلامي ان سندي ڀرجي نه ڇو؟
هر قدم تي ساٿ جو ڀرپور ڏي،
تنهن کي پنهنجو سمجهجي سڏجي نه ڇو؟
دل اکيون محبوب جو مسڪن هجن،
روح سان رلمل پرين رکجي نه ڇو؟
جي هِتان بند واهه ٿي وئي، خير آ!
ٻيو کڻي رستو ڪٿان ڪڍجي نه ڇو؟
پيار جي ٻولي جي سمجهن هو نه ٿا،
حق ڇني پنهنجو ڀلا وٺجي نه ڇو؟
ڇو ڊڄي نقصان ۾ پئجي ڀلا،
نانگ کي نوڙي ڪري جھلجي نه ڇو؟
دل شڪستو ٿي جيئڻ کان آ ڀلو،
مڙس ٿي سچ لئه وڙهي مرجي نه ڇو؟
عشق “خاطي” کوڙ ٻيڙا تاريا،
عشق کي ترهو ڪري ترجي نه ڇو؟