دل دل جي صدا هوندي!
دک جي ڪا دوا هوندي؟
اڌ رات اٿي روئي،
لبڙن تي دعا هوندي!
لاعلاج مريضن لاءِ،
ڪنهن جاءِ شفا هوندي؟
احتياط ڪجي ڪهڙو؟
پرهيز ته ڪا هوندي؟
دک لاءِ سواءِ دل، ٻي،
مهمان سرا هوندي!
ڇا درد فنا ٿيندو؟
هر چيز فنا هوندي!
وڻ هيٺ دکايل لئه،
فطرت جي سخا هوندي.
هر لهر سمونڊ سندي،
اظهار سوا هوندي!
هر لڙڪ سندي پنهنجي،
دردن جي ڪٿا هوندي.
آ ميڙ هزارن جو،
پر هن جي پڇا هوندي!
راضي جي ٿيو آ “هو”،
رب جي رضا هوندي.
هي ڏوهه، وڏو ايڏو!
“خاطيءَ” جي خطا هوندي!