شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

هي بهارون هي بهارون،

هي بهارون هي بهارون،
الفتن جون يادگارون.

ٿڌڙا جهوٽا هي صبا جا،
مست موسم هي ملارون،
الفتن جون يادگارون.

بلبل جي نغمه سرائي،
۽ چتن جون هي چونگارون،
الفتن جون يادگارون.

هي گلابي واڱڻائي،
ڳاڙهن گلڙن جون قطارون،
الفتن جون يادگارون.

خان محمد ڪيريو نه هوندو،
شعر ان جا هوندا سارون،
الفتن جون يادگارون.