آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

پنھنجي پاران

ساروڻيون سارڻ ۽ سلڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي. بس وجود کي نپوڙي ان مان دوستن جون يادون ڪڍي ڪو حيات جو آب زم زم پيئجي ٿو. يادن جي مالھا بہ ساھن جي سورڻ وانگر آھي جتي خيالن جي آمد ۽ واپسي ٿئي ٿي. وقت کي ابتو ڦيرائڻ بہ اھا پرولي آھي جنھن کي اوھان ڀڃي سگهو ٿا. آواز پڙاڏا ٿي گونجن ٿا. ۽ اھا گونج اوھان جي حيات تائين آھي. جيسين ممات جي جهوليءَ ۾ ھليا نہ ٿا وڃو. 100 ارب تنتي گهرڙن ۽ 500 کرب تنتي رسد گاھن جي پيچرن تان پھتل اھي نياپا، سنيھا اوھان جي شعور، لاشعور ، تحت الشعور يا مابعد الشعور جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا. ۽ پوءِ اوھان جنھن يادن جي ڪشڪول کي کوليو ٿا تہ اھي ماضيءَ جا جرڪندڙ موتي اوھان کي جيون جي نئين جوت ڏئي وڃن ٿا.
چانڊڪا جي ڀونءَ بہ ڀلاري ھئي ان جا رنگ ڍنگ نرالا ھئا. مادر علم ممتا جو ٻيو روپ آھي. اسان اڄ جو ڪجهہ آھيون چانڊڪا جي ڪري آھيون. ھي ادارو بہ پنھنجي پرڳڻي جي قديم ۽ عظيم تاريخ جيان ڪنڌ اوچو ڪيون بيٺو آھي. ۽ چانڊڪا جا ڊاڪٽر ايشيا کان آفريڪا تائين، يورپ کان آمريڪا تائين ھوائيءَ کان ھونو لولو تائين ۽ آسٽريليا کان ڪئناڊا تائين ھر ھنڌ پنھنجي علمي درسگاھ جو نالو اوچو ڪيون اچن ٿا.
چانڊڪا تہ پريميڪا جي پيار کان الاھي اتم آھي جنھن زندگيءَ جي ھر جيو گهرڙي ۾ نئين جيون، جوت اوتي ڇڏي آھي. اسين جڏھن مڇن جي ساول واري وَھيِ ۾ ھتي آيا ھئاسون تہ چرچا، چلولايون، وڏا ٽھڪ زندگيءَ جو روٽين ھئا. پوءِ ھتان اسين پختہ سوچ سان پچي راس ٿي نڪتاسون. چانڊڪا ۾ گهاريل ھر گهڙي ھر لمحو منھنجي ذھن تي ترندو رھي ٿو، اسان زندگيءَ جو حسين ترين حصو ھتي گذاريو آھي. آءٌ ھيس تہ چانڊڪا جو معمولي ڇوڪرو، اڪيلو، اڪيلو پنھنجي سوچن ۾ گم، پر چانڊڪا منھنجي ڪنھن سپرين پرين جيان رھي. ان جا رستا، ھاسٽلون، وڻ ٽڻ، منھنجي وجود جو اڻ ٽُٽ حصو ئي رھيا. زندگيءَ جو انتھائي مشغول روٽين، عشق، دوستيون سڀ بہ چانڊڪا جون يادون وساري نہ سگهيا.
عشق بہ ڪيم، عشق اوھان کي ڪئي شيون ڏئي وڃي ٿو. خوشيون، مرڪون، اُداسيون، نراسائيون، کل، خوشي، لڙڪ، ڳوڙھا. عشق اوھان کي ھندورن ۾ بہ لوڏي ٿو ۽ سوليءَ تي بہ چاڙھي ٿو. خير مون واري محبوبا کي بہ منھنجي چانڊڪا جي يادن، ڳالھين کان چڙ ھئي. ھوءَ ڪڏھن برداشت ئي نہ ڪندي ھئي تہ مان ڪا ان سان چانڊڪا جي ڳالھہ ڪيان ھوءَ چڙ کائيندي ھئي. پر شايد منھنجو چانڊڪا سان عشق ان کان بہ وڌيڪ ھو. پوءِ ٿيو ائين جو وقت بدل کاڌي جو مان پيڙجي نپوڙجي ڏکن جي اھڙي پيچري تي ھليو ويس جو مون شاھ لطيف کي پڙھيو ڏک جي گھرائي، پروڙي ۽ پوءِ اھو پرايو تہ ڏک ئي اوھان جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي منھنجي ان بريڪ اپ کان پوءِ آءٌ لکڻ پڙھڻ جي ڪرت کان پري ھليو ويس ۽ پنھنجي ڊاڪٽريءَ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويس.
پوءِ ڪنھن محفل ۾ ڪا اجنبي ڇوڪري ملي. نمبر ڏنا ورتا ويا. ان محفل ۾ لطيف جو ذڪر ھلي پيو. وچ ۾ مان بہ ٽپڪو کاڌو. منھنجي گيٽ اپ ۾ ھن مون کي اردو پئي سمجهيو ۽ چيو تہ آپ اردو ھين. مون کان کل نڪري وئي چيو مانس سوال تہ سنڌيءَ ۾ ڪندي ڪر. ڪئي مھينا گذري ويا. پوءِ عيد مبارڪ جي ڪال آئي. ان دور ۾ موبائل نوان نوان آيا ھئا. اسان کي بہ نسواني آواز ٻڌڻ جي ھير ھئي. پوءِ ڪالن تي ڪچھريون شروع ٿي ويون.
ھوءَ انتھائي ذھين ھئي، پوءِ ھوءَ ھڪ مقدس، محترم ۽ رحمدل دوست ٿي وئي. اسان بہ پنھنجي ڏکن جو ڪچو گهڙو ان اڳيان ٽوڙي ويٺاسين، ھوءَ وڏي آٿت ڏيندي ھئي. پوءِ موضوع ۾ چانڊڪا اچي وئي. ھوءَ منھنجي شاعري ۽ چانڊڪا جون ڳالھيون ٻڌي اچرج کائيندي ھئي. چيائين چانڊڪا لئہ جيڪو ٻڌائين ٿو، اھو لِکين ڇو نہ ٿو، ۽ اسان بہ قلم کنيو، لکي ھن کي فون تي چانڊڪا جون يادون، ڳالھيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. ائين منھنجو ڪيٿارسس ٿيڻ شروع ٿيو. ھن وٽ بہ پنھنجي دور جون چانڊڪا جون ڳالھيون ۽ ڪھاڻيون ھيون. ”ش“ جو قصو، پھاڙن جي ديس جي افغان مھاجر ڪيمپ جي ذھين پوزيشن ھولڊر ڇوڪري. ان جي ڪنھن پٺاڻ ڇوڪري سان شناسائي. ان پٺاڻ ڇوڪري جو ”ش“ سان ڪنھن ڳالھہ تي جهيڙو. ان جو ان کي بيدرديءَ سان مارڻ، ”ش“ جي پڙهائي ۾ رخنو ان ظالم کي ڪنھن نہ روڪيو. ”م“ نالي بھادر ميمڻ ڇوڪريءَ جي ”ش“ جي مدد ڪرڻ. روم ۾ رھائڻ ھن جون ڳالھيون بہ سيني کي چيري وجهنديون ھيون. سوچيم اسان جي دور ۾ اھڙو واقعو ٿئي ھا تہ ڇوڪري کي ڇوڪرا ڳپل ڳپل ڪرنس ھا.
ائين بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري جو قصو جيڪو کيرٿر واھ ڪناري ميھار بنجي چانڊڪا جي ڪنھن سھڻي جو انتظار ڪندو ھو، ۽ ان ڊگهن وارن واري شڪارپوري ڇوڪريءَ جو ھاسٽل جي ٽيرس تي بيھي کڙي نيم ڪي نيچي ھون تان ھيڪلي ڳائڻ جي ڳالھہ هئي. ڪنھن ڇوڪريءَ جو پنھنجي بابا جي وفات تي لکيل نظم جو قصو، مان ان نظم کي ٻڌڻ ويو ھوس. پر سندس لکيل نظم نہ ٻڌي سگهيس ۽ نہ گهري سگهيس. ھن ان نظم جي ايتري تعريف ڪئي ھئي جو مان ان جي ٻڌڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ٻڌي نہ سگهيس. سوچيم چانڊڪا ۾ اڃان تائين درد ائين لکجن ٿا مان بہ ھن سان بابا جي وفات تي تعزيت ڪيان ھا پر ائين ڪري نہ سگهيس. ائين پاپڙن، ڪٽلسن، انڊي قيمي ۽ ڇوڪرين جي کل خوشين کان انھن جي اداسين جو ذڪر بہ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪري ويندي ھئي. ۽ ائين ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ھوءَ منھنجي ذھن مان چانڊڪا جون يادون ڪڍي آئي. ھوءَ 2000ع بئچ جي ڇوڪري ھئي جو مان کيس ملينيئم گرل سڏيندو ھوس ۽ ڪتاب جو نالو ئي ملينيئم گرل رکيو آھي. ۽ پوءِ انتھائي احترام لائق، انتھائي مقدس، انتھائي پوتر ڇوڪري ھڪ ڏينھن مون کان کلندي کلندي موڪلائي وئي (جيئري آھي) انھن ڪجهہ سالن جي دوستيءَ ۾ ھوءَ منھنجي اندر جي سمورن زخمن کي heal ڪري وئي ۽ مان وري پنھنجي پيرن تي اٿي بيٺس جيئن ڪو ڪنھن کي ويل چيئر تان اٿاري بيساکيون ھٿن ۾ ڏئي سھاري سان پنڌ ڪرائي ۽ آخر ۾ ميراٿن ڊوڙائي. ھي ڪتاب ان ملينيئم گرل جي امانت ھو. جنھن جا مان اخلاقي احسان زندگي ڀر لاھي نہ ٿو سگهان. ھي سچ لکڻ بہ وڏي اخلاقي جرئت آھي ۽ ھوءَ مون کي اھا جرئت، ھمٿ، حوصلو ڏئي وئي ۽ ھي پنا مون سنڀاري رکيا. پوءِ اھو ڪتاب 16، 17 سال ائين ئي پيو رھيو. اسان بہ پنھنجي مصروفيتن ۽ مشغولن ۾ گم ٿي وياسين.
سال 2021ع جي فيبروري ۾ منھنجو پيارو ننڍو ڀاءُ OGDCL فيلڊ مئنيجر انجنيئر حاجي محمد يونس ماڪو، ڪرونا وگهي وفات ڪري ويا. ان ڏک پروڻ ڪري ڇڏيو. سوچيم ان کي اھو ڪتاب ارپيان ٿو ۽ ڪٻٽ مان ڪتاب چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (چانڊڪا ۽ ھزار سالن جي ڇوڪري) ڪڍي آيس. ٻيھر جڏھن ان ڪتاب جو جائزو ورتو تہ ايترو ئي مواد ذھن تي ٻيو تري آيو. پر جيئن تہ اھو ڪتاب شعور جي وھڪري، بيباڪيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيو ھئم ان ۾ اضافو ڪرڻ مناسب نہ سمجهيم.
ھن ڪتاب ۾ ڪيئي ڳالھيون، ڪيئي قصا رھجي ويا آھن. چانڊڪا جي ڪيئي گمنام مردن مٿيرن جو ذڪر رھجي ويو آھي. انھن کان معافي ٿي وٺجي. ڪوشش ڪئي آھي تہ ڪتاب اسم، عام ۾ لکان، خاص ۾ نہ، ان ڪري فردن جي ڪارنامن کي تفصيل ۾ نہ لکيو آھي پر پوءِ بہ جيڪڏھن ڪنھن دوست کي ڪا ڳالھہ نہ وڻي. ڪنھن جي متان ڪا دل آزاري ٿي ھجي ان لاءِ اڳواٽ معافي وٺجي ٿي، ھي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آھي:
1. چانڊڪا جون يادگيريون
2. بئچ ستين جي واٽس اپ گروپ تي لکيل پوسٽون
3. جڏھن آءٌ ٽئين سال ۾ ھوس تہ Hutchison’s clinical methods جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ اھو سائين ﷲ بچائي ميمڻ کي ڏيکارڻ ويس تہ ان چيو. ڇا تہ تو شاندار ڪتاب لکيو آھي پر جيئن تہ اسان جا سنڌي ڇوڪرا اڳ ئي انگريزي ۾ ڪمزور آھن انھن کي بين الاقوامي طور ڪم ڪرڻو آھي. ان لاءِ اھو تون نہ ڇپاءِ سو مون بہ گهر ۾ رکيو. ان جا ڪافي باب گم ٿي ويا. ڪجهہ مليا سوچيو تہ اھي بہ ھن ڪتاب ۾ ڇپرائي ڇڏيان ٿو تہ ڪجهہ پئسا وڌيڪ لڳندا.
4. تہ اڄ جا شاگرد ڄاڻن تہ اسان پنھنجي سنڌي ٻوليءَ سان ڪيترو پيار ڪندا ھئاسين ۽ سوچيوسين تہ اسان جي ميڊيڪل بہ ٻين ٻولين وانگر سنڌي ۾ ھجي. ھا تصوراتي ڪوشش ھئي.
5. ھن ڪتاب ۾ ڪجهہ ڳالھيون پڙھڻ جهڙيون آھن. ڪو بہ ھن مان ڪجهہ سکي سگهي ٿو ۽ ٻيو پراڻو ادب. جيئن شاگردن کي خبر پئي تہ اڳ ڇوڪرا ڇا سوچيندا ۽ لکندا ھئا.
ھن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ تمام گهڻن دوستن جي ھمت افزائي ۽ اخلاقي مدد رھي آھي ڪنھن ڪنھن جا نالا لکان. . خاص طور تي منھنجن ٻارن ڊاڪٽر ثنا، احمد يار، شھريار ننڍڙن ڏوھٽي ميرب ۽ غلام مصطفيٰ ۽ خاص طور منھنجي گهر واري، ھوءَ منھنجي ھر ڪم ۾ مداخلت ڪندي آھي پر لکڻ پڙھڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪندي آھي. جي سڀ تعاون نہ ڪن ھا تہ شايد مان ھي ڪتاب نہ لکي سگهان ھا.
خاص طور تي انھن دوستن جو بہ ٿورائتو آھيان جن پنھنجي طرفان ڪجهہ لکيو آھي ھن ڪتاب لاءِ. هن ڪتاب جا تمام گهڻي ڌيان سان پروف ڏسڻ جي سلسلي ۾ مان پنھنجي ننڍپڻ جي دوست پروفيسر منظور بيدار جو بيحد ٿورائتو آهيان.
ڪتاب لکڻ ۾ محمد يعقوب ماڪو جي همت افزائيءَ جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري آهي، جنھن هر سڏ، وراڻي، ڪال جو انتھائي مثبت جواب ڏنو. سندس جا ٿورا بہ لاهڻ جھڙا نہ آهن.

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو
نواب ماڪا حويلي سکر
فون: 03363544758