آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

ڊاڪٽر ماڪا جي مھڪ ۽ چانڊڪا جون چانڊوڪيون!!!

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين
ساجن کي بہ تہ آڻ
موتئي جي مھڪار هوا ۾، سار ڀري سرهاڻ!!!
ساجن کي بہ تہ آڻ!!
برکا رت جي باک ڦٽيءَ ۾ لڳھہ لڳھہ لالاڻ،
ساجن کي بہ تہ آڻ!!!
بادل ٿي توسان رچايان، آءٌ بہ ڪنھن ڪاڻ،
ساجن کي بہ آڻ!!!!
شيخ اياز

ڇا تہ يادون آهن!! سنڀالي رکجاءِ، ڪم ايندئي!!!
چانڊڪا ڪاليج جي پنھنجي هڪ ڊگهي تاريخ آهي اگر ان جا ورق اٿلائبا تہ اتي ڀلي ڀت ڄاڻ ملندي تہ هن تاريخ جي اندر ڪيترن ئي املھہ موتي استادن ۽ ڪيترن ئي هونھار شاگردن جا نالا سنھري حروف ۾ رقم ٿيل آهن. چانڊڪا لاٽ تي ڪيترن ئي نوان علم حاصل ڪندي نوان نوان جنم حاصل ڪيا. ڪي سٺا استاد بنجي نڪتا، ڪي سٺا ڊاڪٽر بنجي نڪتا، ڪي سٺا لکاري ۽ دانشور بنجي نڪتا، ڪي سٺا سياستدان بنجي نڪتا تہ ڪي سٺا اديب دانشور بنجي نڪتا. مقصد تہ هر روپ ۾ منھنجا چانڊڪين شاگرد املھہ موتي آهن ۽ هيرا لعل جواهر آهن.
چانڊڪا جي ڏينھن ۾ گرم اس جي تپش ضرور آهي پر ان اس آبياري ڪندي هتان جي علم حاصل ڪندڙن جي بيچيني کي علم ۽ ڏاهپ سان سرشار ڪيو آهي ۽ چانڊڪا جي راتين پنھنجي رائيس ڪئنال جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ جي هڳاءَ سان هتان جي هاسٽلن جي رهندڙن کي معطر ڪرڻ ۾ پنھنجو خوب ڪردار ادا ڪيو آهي.
هتان جي شاگردن ۾ صبر ۽ تحمل رهيو آهي ڇو تہ انھن هميشہ پنھنجي علم ۾ ئي يقين رکيو آهي ۽ چانڊڪين مٺايون ڪندڙن سان بہ مھربانيون ڪيون آهن ڇو تہ اهي هميشہ صوفي ازم جي نظريئي جا قائل رهيا آهن بلڪل نيلسن منڊيلا وانگر.
نيلسن منڊيلا جڏهن سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيو تہ هڪ ڏينھن ڪنھن ريسٽورانٽ ۾ مانجهاندو ڪرڻ لاءِ ويو. هن سان سيڪيورٽي گارڊ جو جٿو گڏ هو. نيلسن پنھنجي کاڌي جو آرڊر ڏنو. ٻيا گراهڪ بہ پنھنجو آرڊر ڏئي کاڌي جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان دوران نيلسن جي نظر اتي ٿورو پري ٽيبل تي پئي جتي هڪ شخص ويٺو هو. نيلسن پنھنجي سيڪيورٽي گارڊن کي حڪم ڪيو تہ ان ماڻھو کي وٺي اچي سندس ٽيبل تي ويھارن.
نيلسن منڊيلا ۽ ان شخص گڏجي ماني کاڌي. جيئن ماني کائي بس ڪيائين تہ اهو همراھہ هٿ ٻڌي وٺي تڪڙو هوٽل کان ٻاهر ڀڳو. اهو سڄو لڪاءُ سيڪيورٽي گارڊن ڏٺو. سيڪيورٽي گارڊن نيلسن کي چيو تہ سائين همراه شايد بيمار هو. ماني کائي پيو تہ هٿ ڏڪنس پيا. نيلسن مسڪرايو ۽ چيو تہ اصل اها ڳالھہ ناهي. پوءِ نيلسن سيڪيورٽي گارڊن کي ٻڌائيندو رهيو تہ اهو همراھہ ڪير هو؟ اهو شخص منھنجو جيلر هو مون مٿان سخت تشدد ڪندو هو. جڏهن مان ساڻو ٿي ڪري پوندو هوس تہ هن کان پاڻي گهرندو هئم پر اهو شخص منھنجي وات ۾ پيشاب ڪندو هو.
هن کي اهو خوف هو تہ مان صدر ٿيڻ کان پوءِ هن سان پلاند ڪندس پر اتي نيلسن ڪمال جي ڳالھہ ڪئي، هن چيو تہ بدلي جو خيال ماڻھو مان انسانيت ختم ٿو ڪري ڇڏي پر صبر ۽ برداشت انسان کي اندروني طور مضبوط ۽ وڏي انسان ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. توهان بہ جيڪڏهن سٺا انسان ٿيڻ ٿا چاهيو تہ معاف ڪرڻ سکو.

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، هر ڪو پنھنجي اگهہ اگهاڻو،
جيڪو ماڻھو ڪو نہ وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو.
ڪنھن جي هِت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي هِت ڏات وڪامي،
ڪنھن جي ٿي هِت مَتِ وڪامي، ڪنھن جي ٿي هِت رات وڪامي،
هيڏي وڪري جو نہ وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو.

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

صبح سانجهي پيئندي ڪانجهي، ”منشي“ مور نہ وڪيا مانجهي،
مصريءَ ماکيءَ کان بہ مٺا مون، اهڙا ڪي انسان ڏٺا مون،
قول عزم تي قائم رهندي، گهوٽ قبولي هليا گهاڻو!

جهڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

ڊاڪٽر ماڪا صاحب مونکي اسرار ڪيو تہ اوهان منھنجي ڪتاب تي ڪجهہ سٽون ضرور لکو. مان حيرانگي جو شڪار ٿي ويس تہ مان ڪٿان کان شروعات ڪريان!؟ مان اهو عڪس لکان جڏهن چانڊڪا هڪ ننڍڙي بلڊنگ ۾ شروع ٿيو هيو ۽ سھوليتن جو فقدان هيو ۽ اسان نور نچوئي ان کي اڳتي وڌائڻ جي تگ ودو ڪئي. . مان ان تي لکان تہ جڏهن چانڊڪا جي ڦوه جواني هئي ۽ سنڌوءَ جي لھرن وانگر اهو گجگوڙون ڪري پنھنجون نيون جھتون ۽ رستا بنائي رهيو هو.
مان ان سمي تي لکان جڏهن چانڊڪا جي اندر انتشار ۽ خلفشار پئدا ٿيا. مان پنھنجي انھن محسن استادن ۽ منتظمين تي لکان جيڪي ڏينھن رات هڪ ئي سوچ سوچيندا هئا تہ اسان پنھنجي هن مادر علمي کي ڪھڙن طريقن سان اڃان بہ اڳتي ترقيءَ طرف وٺي وڃئون!؟ پر پوءِ سوچي سوچي مون جيئن ئي ماڪا صاحب جو موڪليل ڪتاب کوليو تہ ان ۾ حيران ڪندڙ داستان موجود هئا ۽ مون انھن داستانن تي ئي اڪتفا ڪئي تہ بس قارئين ان ڪتاب کي ئي پڙهن ۽ هڪ زندہ تاريخ چانڊڪا جي حاصل ڪندي پنھنجي تاريخ کي اڃان بہ وڌيڪ سنوارڻ جي ڪوشش ڪن.
ڊاڪٽر ماڪا جي هيءَ آتم ڪھاڻي آهي جيڪا ان پنھنجي دور جي ڪجهہ سالن جي سھيڙي آهي ۽ ان کي هن خوب لفظن جو سٽاءُ ڪيو آهي. . آتم ڪھاڻي ڪنھن جي بہ هجي جواهر لعل نھرو جي هجي، طارق اشرف جي جيل ڊائري جي صورت ۾ هجي يا ڊاڪٽر ماڪا جي چانڊڪا جي تاريخ ورجائڻ جي شڪل ۾ هجي ليڪن آتم ڪھاڻيون ڏاڍيون خوبصورت هونديون آهن ۽ ماڪا خوبصورتي ۾ اضافو ان حساب سان بہ ڪيو آهي تہ ان پنھنجي دوست ساٿين تي بہ لکيو آهي. مھربان استادن تي بہ لکيو آهي تہ چانڊڪا جي ماحول تي بہ لکيو آهي. مقصد تہ ان آتم ڪٿا جي ڪنھن بہ پاسي کي تشنگي جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو آهي. هيءَ سندس شخصيت جو ئي ڪمال آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر ظفر پيرزادو
لاڙڪاڻو