نفسياتي بيان The psychiatric history: مريض جيڪو ڊاڪٽر وٽ اچي تہ ضروري آهي تہ اهو نفسياتي مريض بہ ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اها ڳالھہ بہ ضروري آهي تہ اوهان ڳالھہ ٻولھہ جو اهو طريقو اپنايو جنھن سان هو اوهان مان بہ مطمئن ٿئي. گهڻا مريض ان ڳالھہ کي بي سبب نہ سمجهندا آهن. جڏهن ڊاڪٽر کين چوندو آهي تہ هن کي مٿي ۾ سور آهي، مٿي ڦيري اٿس يا ساھہ رڪجي ٿو. هو چوندا آهن ها. ۽ ڊاڪٽر پڇندو آهي تہ اُهي پريشاني يا ناڪاميءَ سان وڌن تہ نہ ٿا. جيڪڏهن ها چون تہ پوءِ ان پريشانيءَ سان لاڳاپيل سوال پڇجن جي نہ ڪري تہ پوءِ چالاڪيءَ سان انھن کان لفظن کي ڦيري سوال جواب پڇجن تہ هن جو سماجي ۽ جنسي ورتاءُ ڪيئن آهي. ۽ هن جو ڪم ڪيئن هلي ٿو. ان کان علاوہ ٻيا سوال سڌو سنئون پريشانيءَ يا ڪنھن شيءِ جي جنون حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيا ويندا آهن.