آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

تقريري مقابلا:

منھنجي فرسٽ ايئر جي شروعاتي ڏينھن ۾ ھڪ تقريري مقابلو ٿيو عنوان ھيو تہ ”عورت فساد جي جڙ آھي“ ان مباحثي جي قائد ايوان طاھرا ڪوثر ڀٽو صاحبہ ھئي جيڪا پڻ سٺي مقرر ھئي. انھن ڏينھن ۾ شايد ماھ جبين مغل صاحبہ ڊبيٽنگ سيڪريٽري ھوندي ھئي. تقريرون ڏاڍيون جاندار ۽ جوشيليون ھيون. مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا چوان ان دور ۾ آءُ پتڪڙو ۽ ڦڙتيلو ھئس. مون بہ پنھنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪندي قائد ايوان جي تقرير تي تقرير ڪئي.
محترمہ طاھرا ڪوثر ڀٽو چيو ھو تہ:
عورت چئن اکرن جي ٺھيل آھي؛
ع معنيٰ عبادت گذار
و وفادار
ر رحمدل
ت تدبر واري
مان بہ ڦڙڪيون ھڻندي چيو ته
قائد ايوان چيو تہ عورت عبادت گذار، وفادار، رحمدل ۽ تدبر واري آھي. ھوءَ تہ پرھيزگار۽ حيا جو پتلو آھي.
پر صدرگرامي!
جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ پوءِ محترمہ جي بي نقاب زلفن تي حيا جو ڍڪ ھجي ھا. محترمہ جون نظرون سامعين جي رنگارنگي لباس بجاءِ قرآن شريف جي ورقن ۾ ھجن ھا. توريت کي ڏسن ھا. زبور کي پڙھن ھا. جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ محترمہ جي ڳلي ۾ لاڪٽ نہ پر تسبيح يا مالھا ھجي ھا. جيڪڏھن عورت عبادت گذار آھي تہ محترمہ کي ھن وقت ڪنھن مسجد ۾ ھجڻ کپندو ھو. ڪنھن مندر ۾ ھجڻ کپندو ھو. ڪنھن گرجا ۾ ھئڻ کپندو ھو، ڪنھن ڪليسا ۾ ھجڻ کپندو ھو نہ ڪي ھن اسٽيج يا ميڙ ۾ ھئڻ کپندو ھو.
ھوءَ وفادار ناھي ڪڏھن ھن ليلا بڻجي چنيسر مڻي تي وڪيو آ تہ ڪڏھن سھڻي بڻجي ڏم کي ڏکايو آھي جيئن شاھ چيو آ
ڏينھان گهاري ڏسين راتين جو ميھار
ورتائين ٻہ پار تيلھ مئي سھڻي
ڪڏھن ھوءَ غيور ڀاءُ جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي مجازي خدا جو اڱڻ اڪاري غيرن سان گڏ ھلي وڃي ٿي. محترمہ شايد عبرت اخبار جا ڌيان طلب جا ڪالم ڪو نہ پڙھيا آھن.
رحمدل نہ آھي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ھن مختلف ظالمانہ روپ ڌاريا آھن، ڪڏھن ھن مڪروھ روپ ۾ سرور ڪائنات تي گند اڇلايو آھي تہ ڪڏھن ھن ”ھندا“ بڻجي حضرت حمزہ جي دل کي چٻاڙيو آھي. ڪڏھن ھن گولڊ ميئر بڻجي فلسطين تي بم وسرايا آھن معصومن کي مارايو آھي. جوانن کي سنگينن سان چيرايو آھي. ٽئنڪن سان چيٿاڙيو آھي. گولين سان اڏايو آھي.
ڪڏھن ھن مومل بڻجي سون شھزادن کي موت جو مزو چکرايو آھي تہ ڪڏھن ھن ڪونئرو بڻجي ليلا جو گهر اجاڙيو آھي. جديد دور ۾ ھوءَ انڌ جي اھڙي گهوڙي تي چڙھيل آھي جو پنھنجي معصوم ٻچڙن تي بہ ظلم ڪري ٿي، انھن کي ٿڃ بہ نہ ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي تہ ان سان سندس سونھن گهٽجي ٿي.
تدبر واري آھي.
چڙچڙوپن، ساڙ، حسد، ريس ۽ تعصب ھن جي رڳ رڳ ، نس نس ۾ موجود آھي. هو پنھنجي ھم جنس کي بہ نہ ٿي بخشي، شعلہ بياني ۽ ڪاڪڙو ڪري جهيڙو ڪرڻ ڪو ھن کان سکي، منٽن ۾ گهر ۽ خاندان جلائي ٿي.
قائد ايوان جو ٻيو دليل ھو تہ عورت ڪمزور آھي. ھن ۾ رت جو دٻاءُ گهٽ، ڳاڙھا جزا گهٽ، دل جي ڌڙڪ گهٽ، دماغ جي تور گهٽ ۽ ڪمزور ڪڏھن بہ ظالم نہ ٿو ٿي سگهي.
مون چيو ھو:
صدر گرامي ھٽلر، تيمور، چنگيز کان ڪيترائي ماڻھو طبعي طور وڌيڪ مضبوط ھئا ۽ ھي انھن کان طبعي طور تي ڪمزور ھئا پر ھنن جا ظلم ٻڌي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. ڪئي جيوگهرڙا ايترا تہ ننڍا ۽ ڪمزور آھن جو اھي اک سان ڏسي بہ نہ ٿا سگهجن. ڳالھہ تور ۽ وزن سان مظلوم ٿيڻ جي آھي تہ ڪول ھاٿيءَ کان ھزارين دفعا ڇا لکين دفعا ننڍي آھي پر اھا بہ ظلم ڪري ھاٿيءَ کي ماري سگهي ٿي.
منھنجي تقرير تہ شاندار ٿي ھئي مگر آخر ۾ قائد ايوان منھنجي محنت تي پاڻي ڦيري وئي ۽ چيائين تہ منھنجي ننڍڙي ڀاءُ اجايو جذباتي ٿي چيو تہ مون کي مسجد ۾ ھجڻ کپندو ھو اڃان تہ ڏھ ٿيا آھن مان عشاءَ جي نماز قضا ڪر ي پڙھنديس ۽ ھن لئہ دعا مغفرت گهرنديس. واقعي ئي ان مقابلي ۾ ججن منھنجي تقرير تي دعاءِ مغفرت پڙھي ڇڏي ۽ مون کي ڪو بہ انعام نہ مليو. پر سينيئر ڇوڪرن تمام گهڻي ھمت افزائي ڪئي. مشغول پتافي ڪينٽين تي چانھہ پيئاري ۽ سڀني چيو تہ تون اسان وٽ تہ کٽي وئين ۽ ائين مون کي ڪينٽن تي سمورن ڇوڪرن لفظن جو انعام ڏنو. اھو انھن ڇوڪرن جو پنھنجن ماڻھن سان پيار ھو. ھو ڪنھن جي ڏک ۾ رڌالن کان وڌيڪ روئندا ھئا ۽ اھا جذبن جي سچائي ئي چانڊڪا جي ڇوڪرن جي سڃاڻپ ھئي. ڊبيٽ جي ان فنڪشن ڪري مون کي ڪجهہ ڇوڪرا سڃاڻڻ لڳا خاص ڪري ڪلاس ۾ مون کي چڱو خاصو ڀائيندا ھئا.
ڊبيٽس جي انھيءَ فنڪشن ۾ انگريزيءَ ۾ بہ تقريرون ٿيون ھيون اردوءَ ۾ بہ پر مان حافظ عطاءُ الرحمان لائق چوھاڻ ۽ ڪريم سولنگيءَ کانسواءِ ڪنھن ٻئي کي ياد نہ ڪري سگهيو آھيان. البتہ رخسانہ الماس انصاري ان مقابلي جي کٽندڙ ھئي. ڪيترائي شعلہ بيان مقرر ھئا. مگر افسوس تہ انھن جا نالا ياد نہ آھن البتہ ڪنيعه لال شايد اڄڪلھہ اک جي شعبي ۾ سينيئر رجسٽرار آھي جنھن ان مقابلي ۾ حصو ورتو ھو.
چانڊڪا جي اليڪشن کان پوءِ مجتبيٰ ميمڻ ڊبيٽنگ سيڪريٽري ٿي آيو ۽ باقاعدہ ڊبيٽنگ ڪاميٽي ٺاھي وئي جنھن ۾ پروفيسر نوراحمد بلوچ، غلام رسول قريشي ۽ نيڪ محمد شيخ صاحب جن دلچسپي وٺندا ھئا ۽ ٻيو اينيئونل ڊبيٽ ڪاميپٽيشن ٿيون جنھن ۾ باقاعدہ ٽنھي زبانن ۾ ڊبيٽس ٿيون.
سنڌيءَ ۾ عنوان ھو: ”زندگي عذاب آ“
اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ مباحثو ٿيو
انگريزي مباحثي جو مطلب ھو تہ نوجوان بگڙيل آھن. انھن ڏينھن ۾ طارق مرزا ڪراچيءَ جو اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو ھو جنھن لئہ مشھور ھو تہ سٺو ڊبيٽر آھي ۽ اھو نوجوانن جي ٽي وي پروگرام ”فروزان“ جي ڪمپيئر سان سٺو مھاڏو اٽڪائي آيو.
ڪمپيئر جيڪا عورت ھئي.
تنھن طارق مرزا کان پڇيو
ہاں توبتائیں آپ کیا چیز ہیں؟
تنھن تي طارق کيس جواب ڏنو ھو ته
میڈم چیز تو آپ ہیں میں تو ناچیز ہوں!
طارق مرزا انگريزي مباحثي ۾ تقرير لئہ آيو تہ ان عجيب طريقواختيار ڪيو. ھن جي ھڪ دوست ھن کي ڊائس تي گاھ ڏنو تہ کاءُ ھيٺان ڪن انڊا ٽماٽر ڦھڪائي ڏنا اھو سڀ pre plan اڳواٽ رٿيل ھو ۽ طارق ان نقطي تي تقرير ڪئي ۽ انعام کٽي ويو. اردو ۾ ان وقت نجم ثاقب جي تقرير نمايان ھئي ۽ شايد مير حسن ملڪاڻي بہ اردو ۾ حصو ورتو ھو.
سنڌي تقريرن دوران انتھائي سٺيون تقريرون ٿيون سٺيون مشڪريون بہ ٿيون. اھو واقعي ئي tug of war ھو جنھن ۾ ڪنھن کي بہ پڪ نہ هئي تہ ڪير کٽندو ۽ ان مقابلي جي بنياد تي رات جو في البديع تقريري مقابلو ٿيڻو ھو.
ان تقرير دوران ھڪ شاگرد حفيظ ابڙو جيڪو جيڪب آباد جو ھو ان کي ھوشو سڏيندا ھئا. کاٻڙي ھٿ وارو اھو شاگرد ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس بہ چڱي کيڏيندو ھو. حفيظ منھن مٿو پٽيندو مٿي ۾ مٽي وجهي راھڙ ڪندو اسٽيج تي آيو تہ عذاب آ، عذاب آ، زندگي عذاب آ، پوءِ تہ ھال ۾ ڇڙو نعرو ھو عذاب آ زندگي عذاب آ.
ان مقابلي ۾ واقعي ئي شاگردن انتھائي معياري تقريرون ڪيون ھيون. مير حسن ملڪاڻي جنھن علامہ نصير الدين اجتھادي جي طريقي سان رڌم ۾ تقرير ڪئي. رحيم سومري بہ سٺو ڳالھايو. شمس سومري، انيڪ شاگردن تقريرون ڪيون ۽ اھي تقريرون انتھائي معياري ھيون. مون بہ تقرير ڪئي جنھن جا ڪجهہ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
مون ان مباحثي ۾ مخالفت ۾ تقرير ڪئي ھئي تہ زندگي عذاب نہ آھي. مون چيو ھو:
اسان زندگيءَ جي تخليقي پھلوءَ تي غور ڪيون تہ ڊارون چوي ٿو تہ زندگي سيل يا جيو گهڙي مان ٺھيل آھي پر ڊارون اھو ڪو نہ ٻڌايو تہ اھو سيل ڪنھن ٺاھيو. وجود حيات جو تصور مقدس قرآن ۾ ڏسون تہ وجود محبوب خدا آھي پوءِ خدا جيڪا شيءِ پنھنجي محبوب لاءِ خلقي ۽ ان کي بخشي، ان کي نعمت چيو، رحمت چيو، جنھن جو خالق ئي عظمت الاھيءَ جو آئينو سڏي ٿو. ان جي ھر ذري کي ماھ جبين سڏي ٿو. ان کي اھڙو بي بھا نگينو چوي ٿو جنھن جو خارج عقل تخمينو سڏي ٿو. اھا ڪيئن عذاب آ؟
جيڪڏھن زندگي عذاب آھي تہ پوءِ ھي دوست شاديون ڇو ٿا ڪن ٻين زندگين کي جنم ڏئي انھن کي عذاب ۾ ڌڪي گناھ ڇو ٿا ڪن ارتڪاب گناھ کان بعد ان گناھ کي ختم ڇو نہ ٿا ڪن پر ڇو پيءَ ماءَ بڻجي ڪري خود ئي زندگيءَ لئہ زندگيءَ جي دعا ڇو ٿا ڪن.
جناب صدر، ماءُ امرتا، ماءُ مقدس ھستي اولاد محبت ڪري جنت جنھن جي قدمن ۾ اچي ٿي. ماءُ تہ وڏي حياتيءَ لئہ دعائون ڏيندي آ. جڳ جڳ جيئين شال چوندي آ جيڪڏھن زندگي عذاب آھي ۽ ماءُ طويل عذاب جي دعا ڏئي ها تہ ماءُ جي مقدسمي پائمال ٿي وڃي ھا. جنت ھن جي قدمن ھيٺيان نڪري وڃي ھا.
جيڪڏھن زندگي عذاب آھي تہ ماڻھو موت کان ڇو ٿا ڊڄن. زندگيءَ لئہ جدوجھد ڇو ٿا ڪن. زندگيءَ سان لڳاءُ ان ڳالھہ جو واضح ثبوت آھي تہ زندگي عذاب ناھي.
ان مقابلي جو نتيجو ظاھر نہ ڪيو ويو ھو ۽ اٺن ڄڻن کي فقط في البديع تقرير لئہ چيو ويو جيڪو فنڪشن رات جو ھو ۽ ان جو مھمان خصوصي ان وقت جو سکر جو ڪمشنر آغا رفيق ھو اھو چانڊڪا اندر ڪنھن ڪاموري جو پھريون اسٽيج تي اچڻ ھو.
شام جو کچا کچ ڀريل ھال ۾،
عنوان شاگردن کي ڏنا ويا.
مير حسن ملڪاڻي کي عنوان مليو ”تنھنجو خط مليو”
مون کي عنوان مليو ”واھ واھ چمچا گيري“ ٻيا عنوان ھئا، پٿر جو بت، شيطان عظيم آ، ڪوڙ جديد دور جي ضرورت آهي، اڄڪلھہ جو ڊاڪٽر جراح نہ پر جلاد آهي، اڄڪلھہ جي تعليم فيشن آهي.
مون ٽن منٽن جي وقفي کانپوءِ تقرير ڪئي ان تقرير دوران مير حسن ھلي نہ سگهيو مان واھ واھ چمچا گيري تي ڳالھائيندي چانڊڪا ۾ چمچن جي ڪردار تي ڳالھايو جنھن تي ڪيترن شاگردن ڪڪڙ وانگر ڪنڌ بہ ھيٺ ڪيا. بھرحال ان في البديع مقابلي۾ مان پھريون نمبر آيو ھوس ۽ اڳئين مقابلي ۾ مير حسن ملڪاڻي پھريون نمبر آيو ھو ۽ مان ٻيو نمبر آيو ھوس ۽ اسان ٻنھي کي چانڊڪا جي شاگردن ڀرپور عزت ۽ داد ڏنو ھو. مير حسن ملڪاڻيءَ ۽ منھنجي جوڙي چانڊڪا لئہ ٻاھران جي مقابلن ۾ ٽرافيون ۽ انعام بہ کٽيا پر پوءِ ستت مير حسن ملڪاڻي T. C وٺي ويو. بدقسمتيءَ سان ڊبيٽس جي انھيءَ فنڪشن ۾ انعامن جي ورھاست نہ ٿي سگهي ۽ اھو فنڪشن آخر ۾ ھنگامي جي نظر ٿي ويو پر نہ ڪا گولي ھلي نہ ڪو زخمي ٿيو.
ان ڊبيٽ جي فنڪشن جي ھل ھنگامي چانڊڪا جي شاگرد سياست تي ڪافي اثر وڌا ۽ پوءِ سپاف ۽ جساف ھميشہ ٽڪراءُ ۾ رھنديون ھيون.
ٻئي دفعي ڊبيٽس جي انعامن جي ورھاست ان وقت جي پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئيءَ کان ڪرائي وئي ڇو جو چانڊڪا جي اليڪشن سپاف کٽي آئي ھئي. ڊبيٽس جي انعامن جي ورھاست وارو ٻيو فنڪشن ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ ٿيو مگر ڪو بہ ناخوشگوار واقعو پيش نہ آيو.
انھن تقريرن جي عنوانن تي ڪافي ڪينٽيني بحث بہ ٿيا مثلاً ”شيطان عظيم آھي“ جي عنوان تي مذھبي ڌرين سخت ناراضگي ڏيکاري ۽ ان عنوان کي ناپسند ڪيو ويو مگر لبرل ڇوڪرن ڪرشن چندر جي ناول ”بڙا شيطان“ کي بہ موضوع ھيٺ آندو ليڪن يڪطرفہ راءِ سان ان عنوان کي ناپسند ڪيو ويو. ڇو جو ان وقت ۾ بہ ڪميونسٽ ڇوڪرا بہ اھا ڳالھ ڪندا ھئا تہ ڪميونزم ۽ ”خدا وارو نظام ئي سٺو نظام آھي“ ۽ ھو مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي تحريرن کي بہ شوق سان پڙھندا ھئا.
ٻيو جيڪو عنوان زير بحث رھيو اھو ھو پٿر جو بت ان تي تہ اسلام کان اول حضرت آذر ۽ حضرت ابراھيم عليہ السلام کان بحث شروع ٿيو ۽ ڀڳوانن ۽ ديوتائن ويدن ۽ رامائڻ جا مثال بہ بحث ھيٺ آيا. پوڄا جي تصور کي تصوف جي روپ ۾ انسان ۾ خدا ڳولڻ ۽ ان انسان کي سڀني دنيوي ضرورتن کان آجو ڪرڻ جي تصور ۾، ان کي ڪنھن پٿر جي مجسمي جي روپ ۾ پيش ڪرڻ ھو، دليل سائنس ۽ منطق جي ڪسوٽي تي پرکيا ويندا هئا ھم اوست جي حجابن ۾ لڪل سڀ راز، پر پوءِ بہ تخليق جو خالق ڇوڪرن وٽ فقط ڪائنات جي اڪيلي هستي هئي، مادي جي بقائيت جي قانون کان وٺي بگ بين ۽ بليڪ ھول نظريا بہ زير بحث ايندا رھيا.
۽ مان بہ پنھنجي ڪتاب جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پٿر جي بت متعلق لکيو:
پٿر جو بت منھنجو صنم آ، نہ ڏيندو مون کي غم آ
ويھي ان جي آڏو ڪندو دور آھيان
زمانو جو يارو ڏيندو مون کي غم آ.
پٿر جي بت سان مون کي پيار آھي
ڇو جو ھو منھنجو محبوب آھي.

ھن سان محبت جو اھو سبب آھي تہ ھن جو پيار مون سان يڪسان آھي. انسان جي فطرت وانگر ھو چالاڪ ناھي ھو مونسان پيارنہ بدلائيندو آھي نہ گهٽائيندو آھي جو ناپاڪ سڏجي. ھن جي فطرت نرالي آھي جو ھو واحد محبوب آ جيڪو انسانن وانگر فرمائش نہ ڪندو آھي. جيڪو انسانن وانگر فرمائش نہ ٿو ڪري مون کي ھن جي پيٽ ڀرڻ جو احساس ناھي، ڍڪڻ جو احساس ڪونھي، رسڻ جو احساس ڪونھي، پرچڻ جو احساس ڪونھي. ھن ۽ منھنجي پيار ۾ ايتري بہ پختگي ڪانھي جو منھنجو خدا ٿي وڃي ايتري بہ لچڪ ناھي جو ھو مون کان جدا ٿي وڃي.
مير حسن ملڪاڻيءَ وارو عنوان بہ گهڻو زير بحث آيو ۽ ان تي وڏي ٽيڪا ٽپڻي ٿي تہ ملڪاڻي کي تنھنجو خط پھتو ۾ ھيئن ڳالھائڻ کپندو ھو.
مثلاً ھيئن:
تہ مون کي تنھنجو بيقراريءَ جي ڪيفيت ۾ خط مليو منھنجي چچريل وجود کي ڄڻ ٻيھر جيون مليو. مون کي تنھنجو گلاب جھڙو چھرو، ھرڻيءَ جھڙيون اکيون موتين جھڙا ڏند ۽ واسينگ جھڙا زلف ياد اچن ٿا. مان سمجهان ٿو تہ منھنجي رڳن کي نئون خون ملي ويو آ ۽ ساھ کي نئون ست مليو آ. ڪنھن چيو تہ ان کي انقلابي انداز ۾ پيش ڪرڻ کپندو ھو.
”تنھنجو خط مليو آ، تو لکيو آ تہ تون سچائيءَ سان وڙھندين ۽ تو ھي شعر لکيو آ:
ڀڳو آءُ نہ چوان ماريوسين مڃان.
ڪا نڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان،
تہ پڻ لڄ مران جي ھوند ھئڙس پٺ ۾!

مان توسان واعدو ٿو ڪريان تہ آءُ ميدان ڇڏي ڪڏھن بہ نہ ڀڄندس، مان جي مرندس تہ منھنجي سيني ۾ زخم ھوندا. پٺ ۾ نہ، متان توکي ساھيڙيون مھڻا ڏين تہ آءٌ ڀاڙي ٿي ڀڳو آھيان جو زخم منھنجي پٺ ۾ آھن تو کي خبر آھي تہ غلامن کي گهر واريءَ جو گهوٽ ٿيڻ کان علاوه آزاديءَ جي ڪنوار بہ ماڻڻي پوندي آھي. جنھن لئہ لھوءَ جي ميندي بہ لائڻي پوندي ۽ مان بہ مرندس آزاديءَ لئہ ڌرتيءَ لئہ“.
مون کان راءِ ورتي وئي مان حسب معمول چيو تہ مير حسن کي اھو عنوان مذاق ۾ ھيئن چوڻو پوي ھا:
تہ ھن کي بيگم جو خط مليو آھي تہ ھن سان ڇا حالت ٿي آھي، مان سوين ميل ڏور توکان سواءِ سک سان گذاريان پيو. تنھنجي خط منھنجو سڪون ڇني ڇڏيو آھي. مون کي تنھنجون ڪوئي جھڙيون اکيون، ھاٿيءَ جھڙا ڏند، گينڊي جھڙو نڪ ۽ ڪوئلي جھڙو حسن ياد اچي ٿو. مون کي تو واري پادر واري ايڪسر سائيز بہ ياد اچي ٿي جنھن منھنجي ٿولھہ جو ويھہ ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو آھي. مون تنھنجي فرمائشن جي لسٽ پڙھڻ کان اڳ ۾ ڪورونري ڪيئر يونٽ ۾ ايڊميشن وٺي ڇڏي آھي لسٽ پڙھڻ کانپوءِ جي دل جي دوري کان بچي بہ ويس تہ تنھنجي فرمائش پوري ڪرڻ لئہ پوري عمر پنڻو پوندو.
۽ ائين ڊبيٽس جو فنڪشن ڪيترا ڏينھن ڪينٽيني ڪچھرين جو موضوع رھيو. اسان جي ڪلاس جي گيٽ ٽو گيدر ۾ ھڪڙو تقريري مقابلو ڪرايو ويو. سمبارا ھوٽل جي سوئمنگ تي ڪرايل ان تقريري مقابلي جو عنوان ھو:
”ڪاش مان پروفيسر ھجان ھا”
ان مقابلي ۾ اسان جي ڪلاس جي ڇوڪرن ئي حصو ورتو. جنھن ۾ گوھر بروھي، آغايشاءُﷲ، جمال ناصر شامل ھئا.
مون بہ ڳالھايو:
”ڪاش مان پروفيسر ھجان ھا”
ھاڻ ڏسو ٿا سيپڪ سنھڙو
پوءِ باڊي مينھن آڌار ڏسو ھا
ھاڻ گهمان ٿو ھيڪل ھيڪل
پوءِ ڇورن جي تہ سفارش خاطر
در تي سارا يار ڏسو ھا
اڃان تائين سس سڳوري
ڄائي ئي ڪونھي
پوءِ ست زالن جو ور ھجان ها
ماڪا سوچي سوچي دل ٿي چاھي ڪاش
مان بہ پروفيسر ھجان ھا.

سمورن سائنسدانن عرف مينٽل ڪيسن جو خيال آھي تہ سوچ جو سڌو سنئون تعلق انساني دماغ سان آھي، سوچ ئي آھي جيڪا ماڻھن کي ماڻھپي مان ڪڍي ٿي، سوچ جي ڪري محبوب جو تصور اچي ٿو. دل جي رفتار وڌي ٿي دل تي ڌاڙو لڳي ٿو. مولا کي وساري ڇڏجي ٿو، گنھگارن ۾ نالو لکجي ٿو. مالڪ جي سامھون پشيمان ٿجي ٿو ۽ ڌو وڃي دوزخ ۾ ڪرجي ٿو.
ان ڪري ئي سوچيندو آھيان تہ ڪاش مان بہ پروفيسر ھجان ھا. دماغ جھڙي ڄوا کان جند ڇٽي پئي ھا. سمورو برين (دماغ) ڇورا چٽي وڃن ھا. لو (پيار) لاس (تباھ) ٿي وڃي ھا. ميمري (ياداشت) ڊسٽراءِ (ختم) ٿئي ھا. ائڊرنلين جي سيڪريشن بہ ختم ٿي وڃي ھا. محبوب جو تصور نہ اچي ھا. دل جي رفتار تي ڌاڙو نہ لڳي ھا. اکين تي 11- جي عينڪ ھجي ھا ۽ ھر حسين جو چھرو ڌنڌلو لڳي ھا. گنهگارن ۾ نالو نہ لکجي ھا مالڪ جي سامھون پشيمان نہ ٿجي ھا. ۽ ڌو وڃي جنت ۾ ڪرجي ھا.
مان ڪلاس وٺان ھا ڇوڪرا مون تي ھوٽنگ ڪن ھا ۽ مان ان کي داد سمجهان ھا.
مھانگائيءَ جنھن چڱن ڀلن جي چيلھہ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مون تي گهٽ اثر ڇڏي ھا. مٿي جا وار ڇڻي وڃن ھا. مٿي تي صابڻ بہ ٿورو خرچ ٿئي ھا. حجامت جو خرچ بچي ھا ۽ پنھنجي فنڪار ڀاءُ لئہ ڍولڪ بہ نہ وٺڻي پوي ھا. ڪڏھن ڪڏھن حيدرآباد ۾ سرڪاري خرچ تي گدو بہ گهمڻ وڃجي ھا. ان بھاني راڻي باغ جي ڀولڙن سان بہ سٺو ڀائيچارو ٿئي ھا.
تقرير تہ منھنجي بہ استادن کي چيڙائڻ واري ھئي پر مون اڳ ۾ ئي معافي ورتي ھئي ۽ منھنجي انداز بيان تي استاد پاڻ کليا ھئا.
تقريرن جو ھڪ مقابلو لطيف ميڊيڪوز وارن ڪرايو ھو جنھن ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مقابلو ٿيو، ان مقابلي ۾ مقابلو ايترو سخت نہ ھو ڇو جو ڪافي سينئر ڊبيٽر ڪاليج مان ھليا ويا ھئا. امجد شاھ ۽مون پاڻ ۾ مقابلو ڪيو ھو مگر سوڀارو مان ٿيو ھئس. امجد شاھ بہ سٺو ڊبيٽر ھو مگر ھو مون وانگر ڦڙتيلو ۽ جوشيلو نہ ھو.
مون کي چانڊڪا ۾ ڪيل ٻين ڳالھين مثلا: ڪاميڊي، اسٽيج ۽ اسپورٽس ويڪ جي ڪامنٽري بہ فائدو ڏنو ھو ۽ شاگردن جو مون سان وڌيڪ ساٿ ھو.
سنڌيءِ جو جيڪو عنوان ڏنو ويو ھو. اھو ھو تہ عورت مظلوم آھي ۽ مون ھي تقرير ڪئي ھئي. ان ۾ مون مير حسن ملڪاڻي وارو انداز اپنايو ۽ رڌم ۾ تقرير ڪئي.
اڄ جو عنوان عنوان نہ آھي، مگر سنڌوءَ جي سھسين سورمين جي جدوجھد جو اعلان آ، منھنجو موضوع جي حمايت جو ڪارڻ صداءِ انقلاب آ. سماج ۽ سامراجين جي چھرن کي ڪرڻ بي نقاب ڪرڻ آ. مڃڻ عورت جي مظلوميت کي تاحيات آ. وقت جي مختصر لمحن ۾ منھنجن لفظن ۾ ھنن انسانن، نادانن جن کي برغلايو آھي ننڍڙن شيطانن لئہ امن ۽ آشتي جو پيغام آ نہ ڪي مون کي لالچ انعام آ.

جناب صدر:
عورت جي مظلوميت جو داستان ايترو طويل آھي جيترو انسانن جي تاريخ، ڪڏھن ھن کي جيئري ئي دفن ڪيو ويو آ تہ ڪڏھن کيس جوا جي داءُ تي لڳائي قسمت آزمائي ڪئي وئي آھي.
ڪڏھن کيس عيوضي ۾ ڀريو ويو آھي،
تہ ڪڏھن کيس ڏي وٺ ۾ ڏنو ويو آھي.
ڪڏھن ھن جي شادي پوڙھي ڌنوان سان ڪرائي وئي آھي.
تہ ڪڏھن قرآن سان،
ڪڏھن ھن کي ڪاري ڪري ماريو ويو آ،
تہ ڪڏھن کيس ستي ڪري ساڙيو ويو آ.
ڪڏھن ھن کي طبلي جي ٿاپ تي نچايو ويو آھي،
تہ ڪڏھن ھن کي وئشيا گهر جي زينت بنايو ويو آھي.
ڪڏھن ھن کي نواب پور ۾ ننگو گشت ڪرايو ويو آھي،
تہ ڪڏھن کيس يوناني ڏند ڪٿائن ۾ مصيبت جي علامت سڏيو ويو آھي.
ڪڏھن ھن کي مصر جي بازارين ۾ سرعام نيلام ڪيو ويو آھي،
تہ ڪڏھن ھن جو اٽليءَ ۾ قتل عام ٿيو آھي.
ڪڏھن ھن کي جنوبي آفريڪا ۾ گوري رنگت وارن غلام بنايو آ.
ڪڏھن ھن کي رڳو مسجد ۾ سجدي ۾ پوڻ لاءِ چيو ويو آ،
تہ ڪڏھن ھن کي مندر جي بتن کي پوڄڻ لاءِ چيو ويو آ.
ڪڏھن ھن کي گرجا جي گهنڊن کي لوڏڻ لاءِ چيو ويو آ.
تہ ڪڏھن ھن کي رڳو گهر ۾ بند رھڻ لاءِ چيو ويو آ.
۽ اڄ بہ ھن جي رڳن مان رت ڪڍي تيزاب ڀريو وڃي ٿو.
ھن کي روبوٽ ۽ ٻارن ڄڻڻ جي مشين کان وڌ اھميت ناھي.
ھن کي الھڙ جوانيءَ ۾ 8 سالن جي ٻار جي گود ۾ اڇلايو وڃي ٿو.
يا 80 سال جي پوڙھي سان پرڻايو وڃي ٿو.
ھن جي اميدن جا لغڙ ڪاٽا ڪجن ٿا.
۽ آسن جا تاج محل ڀورا ڀورا ٿين ٿا.
ھن کي بيڊ منٽن جي بيجان گڏي سمجهي حيوانيت جي راند کيڏي ڪڏھن ڪڏھن ڪورٽ جي ھن پاسي اڇلايو وڃي ٿو تہ ڪڏھن ھن پاسي.
۽ اھو سڀ ڪجهہ ان ڪري ٿيو آھي جو اسان وٽ خدا ساختہ زبردست قانون جي جاءِ خودساختہ زيردست قانون والاري آھي ۽ عورت کي اھي حق نہ ملي سگهيا آھن جن لاءِ چيل آھي:
حضرت دائود جي زبور ۾، حضرت موسيٰ جي توريت ۾، حضرت عيسيٰ جي انجيل ۾، حضرت محمد ﷺ جي قرآن ۾، ھندن جي ويدن ۾، گروناڪ جي گرنٿ ۾، سيتا جي لفظن ۾، گيتا جي ورقن ۾، سرمايو جي صفحن ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾.
عورت جو وڏو الميو اھو آھي تہ سماج ۾ ھن کي رشتن جي اھڙي تہ نازڪ زنجير ۾ جڪڙيو ويو آھي جو دنيا ۾ ڪٿي بہ ظلم ٿئي ٿو،
چاھي شتيلا ۽ صابره ۾ معصوم فلسطينن جا سڏڪا گونجن ٿا.
يا صحراءِ سينا جي گرم واريءَ تي بيگناھ مصرين جا لاشا رلن ٿا.
يا گولان جي پھاڙين ۾ شامين جي جسمن جا عطيا ڄمن ٿا.
يا بيروت جي بازارين ۾ بمن جا ڌماڪا ٿين ٿا.
لبنان مسمار ٿئي ٿو يا بيروت سڙي ٿو!
مانجهند ۾ ڪيس ٿئي ٿو!
يا دادو ٻري ٿو، تہ بہ ظلم عورت تي ٿئي ٿو جو اتي ھن جا ٻچڙا ڪسجن ٿا. ور مرن ٿا ۽ عورت جا جذبا تڙپن ٿا. اڄ بہ چاھت جي چمي ورتل ڪنھن نوجوان ناريءَ جي پيٽ ۾ پليل پيار جي پوپٽ کي حرامي ڪوٺي گٽرن ۾ اڇلايو وڃي ٿو تہ ڪٿي ھن کي ڪوٺي تي سينگاري، گهنگهرن سان گهائل ڪري مئي جي چسڪي وٺي سسڪين ۾ سمھاريو وڃي ٿو مان تہ سمجهندس انسان کان ڏات ئي رسي وئي آ. ھڪ طرف ايٿوپيا جي امڙين جي ٿڻن جي ٿڃ سڪي وئي آ تہ ٻئي طرف مغرب جي ناري گٽار جي ڌن تي ڪنھن ڪلب ۾ مئي ۾ پسي پئي آ. ڪجهہ ٽڪرا مير حسن جي تقرير تان بہ ورتا ويا آهن.
ان مقابلي ڪرائڻ لاءِ ملڪ جلباڻيءَ جيڪو لطيف ميڊيڪوز جو جنرل سيڪريٽري ھو. ان ڪوششون ورتيون ۽ گهڻين مخالفتن باوجود ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ان محفل جو صدر ھو. ان مقابلن ۾ مون بيسٽ ڊبيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو. چانڊڪا جا شاگرد رسالپور تائين declamation ۾ تقرير جي مقابلن ۾ ويندا ھئا ۽ ملڪ جي تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندا ھئا. تقرير جي فن جا گهڻا شاگرد ماھر ھئا. پر سياسي تقريرون شاگرد انتھائي مدلل، عالمانہ ۽ اديبانہ ڪندا ھئا. چانڊڪا جي شاگردن جي ڳالھائڻ جو فن، انداز بيان نرالو ھو. خاص طور تي سياسي ڇوڪرا بھترين مقرر ھئا مگر انھن جي ڊبيٽس پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۾ دلچسپي ڪا نہ ھئي.
چانڊڪا ۾ تقرير جو فن عروج تي ھو ۽ شاگرد شعلہ بيان مقرر ھئا.