چانڊڪا جو آڌر ڀاءُ ۽ الوداع
انھن آڌر ڀائي تقريرن ۾ شاگرد اڳواڻن کي ھڪ ڀيرو ري چارج ٿيڻ جوموقعو ملي ويندو ھو ڪڏھن ڪڏھن مون کي بہ راڳ رنگ جي محفل دوران زور ڀريندا ھئا تہ يار تون بہ ڪجهہ ٻڌاءِ پوءِ مان بہ ڪو نہ ڪو مزاحيہ شعر ٻڌائي فرسٽ ائير وارن کي پنھنجو حال ٻڌائي آگاھي ڏيندو ھئس.
انھن پارٽين ۾ پڙھيل ھي شعر حوالي طور لکجن ٿا:
مان چيو تہ اسان وٽ فرسٽ ائير وارن جي بھار آئي آھي ۽ چانڊڪا جي موسم ۾ ڪھڙيون تبديليون آيون آھن:
(1) ”نہ ٿيون ملن اسان کي ميسن ۾ جايون.
سڄي چانڊڪا جون پي ويا آھن چانھيون.
گٽر سمورا بند ٿي ويا آھن،
ڀنگي سمورا تنگ ٿي ويا آھن،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا!
(2) ھر وقت ٽي وي ھال فل آ.
بسين ۾ شور غل آ.
ھر جاءِ تي ھنن ئي ھودڙين جو ھُل آ
ٺينگ ٽپا ڏيندا وتن.
سڄو ڏينھن چرندا وتن.
پري کان ئي پڌرا،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا.
(3) تن جي شيو تازي ٿيل آ.
منھن تي مڻ ڪريم مکيل آ.
ڇڙو ڇوڪرين جي فڪر ۾،
عشق جي چڪر ۾،
ھن ظلم جي نگر ۾،
گرلس ھاسٽل ٻاھران ھروڀرو چڪر ھڻندا وتن.
۽ اس ۾ سڙندا وتن.
پري کان ھي پڌرا.
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ائير جا ڇوڪرا.
(4) ڌڻ ڪري گهمندا آھن.
وڏا ٽھڪ ڏيندا آھن.
وڏيون ڊاڙون ھڻندا آھن.
وڏيون ڳالھيون ڪندا آھن.
رات جو رلندا آھن ۽ ڏينھن جو سمھندا آھن.
ماڻھو ناھن، آھن چيچي چمڙا،
پڄي ويا پڄي ويا فرسٽ ايئر جا ڇوڪرا.
۽ انھن ئي ڏينھن ۾ اسان وٽ بيروزگاريءَ جو وڏو چرچو ھو ان لاءِ ھڪ فرسٽ ائير جي پارٽيءَ ۾ پنھنجو احوال ھيئن بيان ڪيو ھو.
(1) ”اڳي مائٽن جي پئسن تي اسان وڏي موج ڪئي ھئي.
ڊاڪٽريءَ جي دھمان تي وڏي اوج ڪئي هئي.
گڏ سڃن يارن جي ڇڙو فوج ڪئي ھئي،
سکن وارا ڏينھڙا رسي ڄاڻ ويندا.
ڏکن وارا ڏينھڙا اچي ڄاڻ ويندا،
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(2) مدينہ جي مانيءَ تي اسان وڏي مستي ڪئي ھئي.
شاليمار جي ڪڙھائيءَ تي وڏي اوڳرائي ڏني ھئي.
جتي بہ وياسون تڪلف ۾ تن مرغي ڪُٺي ھئي .
ڪڪڙ ۽ خميني جي ماني بہ ڏاڍي سٺي ھئي،
ھينئر اسان کي پھلوان جي نھاري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(3) جاڏي بہ وياسون ڪنسيڪشن ڪرايا ڏناسون.
چائلڊ جي ٽڪيٽ تي سليپر ۾ سمھياسون.
چانڊڪا جي بسين ۾ مفت ۾ گهمياسون.
قدم قدم تي رڪشن تي چڙھياسون، ڏاڍا عيش ڪياسون.
ھينئر اسان سڃن کي گڏھ جي سواري سڏي ٿي،
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(4) اڳي جڏھن گهر ويندا ھئاسون ھئي امان جيءُ چوندي،
ھاڻي جڏھن وينداسون سا بہ پري منھن ڪندي،
وڏي جوش جذبي سان گهر واري اٿندي.
مئا موت پيا ڇو سڃو گهر آئين،
ڇو ھن مٿان ڇوھ ڇنڊيندي،
توھان جي پٺيءَ تي وسڻ ۾ مزو آ.
اسان کي او يارو ٻھاري سڏي ٿي،
اسان کي اويارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(5) مون کي جي نہ کڻندئو صفا بک مرندئو.
سڄو ڏينھن سڃائيءَ جي سورن ۾ سڙندئو.
جاڏي بہ ويندئو وڏا خوار ٿيندئو.
وٺو پيار منھنجو کڻو بار منھنجو،
اسان کي او يارو تغاري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
(6) ڊگريون ھٿن ۾ ھونديون زمانو اوھان کي نہ ڪا جاءِ ڏيندو.
جيئڻ ۽ مرڻ جي نہ ڪا راءِ ڏيندو.
سٺي صلاح آھي پنھنجي پريشاني جو ھاڻي ئي بندوبست ڪيو،
پل نہ ترسو ۽ سگهو ئي ٽپو ڏيو،
اسان کي يارو بئراج سکر واري سڏي ٿي.
اسان کي او يارو بيروزگاري سڏي ٿي.
فرسٽ ايئر وارن ڇوڪرن کي ھاسٽل جو مسئلو ھوندو ھو مگر انھن جي علائقي جا ڇوڪرا يا مٽ مائٽ انھن کي پاڻ وٽ رھائيندا ھئا. اڪثر پاڻ کان جونيئرن جو خيال ۽ عزت ڪندا ھئا. ڪي ڪي جونيئر موڳا بہ ھوندا ھئا ۽ پارٽنر انھن کان چانھہ ۽ پاڻي ڪوسو ڪرائڻ وارو ڪم بہ ڪرائيندا ھئا.
مگر سينئر شاگردن جو رويو پنھنجن جونيئرن سان انتھائي عزت ڀريو ۽ ڀائرن جھڙو ھوندو ھو. ھڪڙو ڇوڪرو جيڪو گهوٽڪيءَ جو ڪولاچي ھو ۽ ان ٻڌايو تہ مون کي diabetes آھي ۽ insulin تي ھلان ٿو مون کي ڏاڍو خيال آيو ان کي ڏاڍو سمجهايم ۽ ڊپارٽمنٽس جا نقشا بہ ٺاھي ڏنم تہ ھيءَ ڊپارٽمينٽ ھن جڳھہ تي آھي. جيئن ان کي ڪا تڪليف نہ ٿئي. انھن ڏينھن منھنجي دوستن ڏاڍي ڪئي تہ اسان سان تون تاس بہ نٿو کيڏين ۽ ھن سان ايڏو مٿو ھنيو اٿئي مان کين ڇا ٻڌايان تہ ھن دوست سان ڇا مسئلو آھي.
ڪي ڪي جونيئر بہ استاد ٿيندا ھئا. مون کان ھڪ نئين آيل ڇوڪري قيوم سومري جو پڇيو جيڪو سکر جو ھوندو ھو ۽ مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ جو ڪارڪن ھو ۽ منھنجي سڃاڻپ وارو بہ ھو ان لاءِ مون سمجهيو تہ ھو ھن جو مھمان آھي سو چانھہ پيئاري مانس، ميس تي ماني کارائي مانس، رھڻ جي ڏاڍي صلاح ڪئي مانس پر چيائين تہ سائين مان ويندس. پوءِ ھڪ ڏينھن اھو ڇوڪرو ڪتابن سوڌو نظر آيو چيومانس ڀائو تون ھتي پڙھندو آھين. ان ڏينھن چڪر ڏئي چانہ پي ۽ ماني کائي ويو آھين، حساب تہ ڏيندين. ڇوڪري کي پگهر لھڻ شروع ٿيا. شام جو قيوم سوڌو معافي سميت ڪوارٽر تي ھو مگر مون تہ ان ڳالھہ جو بہ مزو ورتو تہ سير تي سوا سير آھن.
آجيان جون تقريبون تہ تقريبا ھر سال ٿينديون ھيون مگر سڀ کان وڌيڪ ابر آلود منظر انھن وڇوڙن جا ھوندا ھئا جڏھن ساٿيئڙا ۽ ساٿياڻيون پنھنجو علمي ساٿ ڏئي مڪتب کي الوداع چونديون ھيون ۽ اکين جي پنبڻين ۾ پليل پيار جا سپنا ۽ اوجاڳن جا خيال پنھنجي تعبير کان رھجي ويندا ھئا. ڪاليج ڇڏڻ جو درد شاگردن کي ٻن طرفن جو ھوندو ھو ھڪ اھي پنھنجن دوستن، يارن کان وڇڙندا ھئا ۽ ٻيو تہ انھن جا خيالي محبوب انھن جي نظرن کان دور ھليا ويندا ھئا. جنھن لئہ ھو صبح جو ٺھي سنڀري، گرلس ھاسٽل کان وٺي آڊيٽوريم تائين انھن پرين جي پويان پيراڊن وانگر ايندا ھئا. وڇوڙي جي اھا گهڙي نہ سرائيڪي فنڪاره ڳائي سگهي آھي نہ وري جوڳي جلال، ليڪن شاگردن کي خبر ھوندي ھئي تہ ھو پيشہ ورانہ زندگيءَ ڏي وڌي رھيا آھن جنھن ۾ ھنن لئہ سڀ کان وڌيڪ قلت وقت جي ھوندي ۽ ھو جو آزاديءَ سان ڏينھن جا ڏينھن سمھندا ھئا. وري کين نصيب ٿيندا الائي يا نہ، no dues جا پنا تہ شاگردن وٽ ھوندا ئي ھوندا ھئا مگر ھو دلين جا no dues وٺي ھتان ھليا ويندا ھئا. جيڪڏھن ڪنھن جي ڪنھن سان منھن ماري ٿيندي ھئي تہ اھي انھن وٽ بغير حجاب ۽ انا جي انھن دوستن جي رومن تي ويندا ھئا ۽ ڳراٽيون پائي ائين روئندا ھئا جيئن سرسامونڊيءَ ۾ وڻجارن جي وڃڻ وقت انھن جون ونيون بہ نہ روئنديون ھيون. اھو ھڪ وقت ھو جنھن وقت ڇوڪرن جي ڪمرن ۾ بہ رنن جھڙو روڄ ۽ راڙو ٻڌبو ھو. ڪنھن جو بہ قرض ھوندو ھو تہ اھو چڪايو ويندو ھو. ڪينٽين واري جو ، ميس واري جو، ڌوٻي جو ۽ڇوڪرا چانڊڪا مان پنھنجا ٻئي جھان آجا ڪري ويندا ھئا. پر بڪ بئنڪ جا ڪتاب تاريخي منتقلي تحت ڪنھن ٻئي شاگرد جي نالي ڪرائبا ھئا. اھو رواج اسان جي ڪاليج ڇڏڻ تائين رھيو ھاڻي خبر نہ آھي تہ آھي يا نہ.
فائنل جون فيئرول پارٽيون گهڻن روپن ۾ ھونديون ھيون. ھڪڙيون انفرادي نوعيت جون جيڪي يار دوست جونيئر ڏيندا ھئا ۽ اھي خمينيءَ جي ڪينٽين کان وٺي سمبارا ان ھوٽل ۾ ھر ھنڌ ٿينديون ھيون ٻيون ڪلاس جا شاگرد پاڻ ارينج ڪندا ھئا جيڪي بہ فقط ان ڪلاس لاءِ ھونديون ھيون ۽ ٽيون اھي جيڪي سياسي پارٽيون آڊيٽوريم ھال ۾ ڪنديون ھيون ۽ انھن ۾ بہ ڪو راڳ رنگ، مشاعرو مباحثو ٿيندو ھو. اڄ جا وڏا وڏا ڪنسلٽنٽ ڪيئي دفعا اڌ خودڪشيون ڪري چڪا آھن. اڌ خودڪشيون مان ان ڪري چوان ٿو تہ ان وقت بہ چانڊڪا جي شاگردن ۾ ڏاھپ موجود ھئي ۽ ھو دوا جو ليٿل ڊوز ڪڏھن بہ نہ کائيندا ھئا. بس مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ واري چوڏل تي جهومي ايندا ھئا ۽ ائين ئي اسان ھڪ دوست جي حوالي ھي نظم ڪئي ھئي جيڪو ھڪ ھندو ڇوڪريءَ تي عاشق ھو ۽ ڪيئي دفعا اڌ خودڪشيون ڪري چڪو ھو.