آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

نرالو لطيفي شارح

هڪ ننڍڙي ليکڪہ جي طور تي ادب جي دنيا ۾ لطيف سائين جي شاعري جو پيغام عام ڪندي منھنجو رابطو جڏهن سائين اسماعيل ماڪا نالي هڪ اهڙي انسان سان ٿيو, جنھن جي ذڪر ۽ فڪر کي ٻڌي ڪري مان ڏاڍي متاثر ٿيس. هڪ صوفي صفت انسان، بيباڪ ليکڪ جنھن جي لکڻين ۾ لفظن جي جادوگري، پڙهندڙ کي ان منظر ۾ گم ڪريو ڇڏي. سائين جن ڊاڪٽري جي شعبي سان منسلڪ هڪ حساس ۽ خوش مزاج ماڻھو آهي.
سندس ڪتاب جو نالو ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ هڪ منفرد نالو آهي جيڪو پڙهندڙن کي ان ڪتاب ۾ موجود ڳجهہ سَلڻ لاءِ مائل ڪري ٿو. سندن ڪتاب ۾ چانڊڪا جي منظرڪشي مونکي بيحد وڻي، پڙهندي پڙهندي بي اختيار ٽھڪ ڇڏائجي ويا . لاڙڪاڻي جي ڪنھن هوٽل وارن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ:
”هوٽل وارا بہ ڏاڍا استاد آهن، اسان بس اسٽينڊ تي هوٽل تي مانيءَ لاءِ پڇيو، بيري وڏي سريلي انداز ۾ چيو گوشت آهي ننڍو پر ڪچي جو آ، اهڙو جھڙو حلواڻ. اسان بہ بک جي باھ ۾ ٻہ ٽي پليٽون چٽي وياسين. آخر جڏهن هڏا بچيا تہ ٿورو شڪ ٿيو تہ گوشت وڏو ٿو لڳي پر هي اسان کي ننڍو ڪري کارائي ويو آهي. پڇيوسونس تہ گوشت ڇا جو هو؟چيائين سائين ننڍي جو. وري رهڙ ڏيندي پڇيوسين تہ اڙي گوشت ڇا جو هو؟ چيائين سائين ننڍي پاڏي جو. اسان کان رڙ نڪري وئي ڇو جو اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ٻڪريءَ جي گوشت کي ئي ننڍي جو گوشت چوندا آهن“.
مٿان وري جيڪو زيرو پلازہ ۾ ننڍن وڏن مسئلن ۽ گڏوگڏ ڪاليج ۾ شاگردن کي بس نہ ملڻ جي ڪري سڀني شاگردن جو ٻئي ڏينھن تي گڏھ گاڏن تي اچڻ ۽ انھن منظرن کي لفظن جي خوبصورت ڍانچي ۾ قيد ڪرڻ بيحد پسند آيو. سرد سفرن جون ڪھاڻيون ڇا لفظن جي چونڊ آهي. وري جو ڪنھن دوست جي پيار ڪھاڻي کي بيان ڪندي لفظن جي ادائگي ڏسجي:
”اپسرا جي غائب ٿيڻ سان ئي پرويز جي اکين ۾ ساروڻين سان گڏ نيڻن جا ڪڪر برسڻ لڳي ويندا هئا“. بيحد متاثر ڪن آهي.
مون کي سائين جن جي هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن جو عڪس نظر اچي ٿو، جيئن جيئن پڙھ تيئن تيئن ماڻھو هڪ الڳ دنيا جو سير ڪندو پيو وڃي. هر هڪ موضوع کي الڳ الڳ عنوان تحت پيش ڪري هڪ بھترين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.
لکڻ جي لاءِ تہ هن ڪتاب متعلق گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو پر ڪجهہ مختصر لفظن ۾ ڪتاب متعلق تاثر پيش ڪندي مان سائين جن کي هن بھترين ڪاوش جون مبارڪون ڏينديس. شال سرها رهو ۽ پنھنجن پڙهندڙن کي اهڙا بھترين ڪتاب لکي ڏيندا رهو.

انمول ميمڻ
هالا