هڪ پروفيشنل ڊاڪٽر ۽ سھڻو شاعر
چانڊڪا جا شاگرد ھن وقت سنڌ يا پاڪستان نہ بلڪه سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن ۽ انسان ذات جي خدمت سرانجام ڏئي رھيا آھن. ھر ڪنھن جي زندگي منفرد ۽ الڳ الڳ پيچرن تي مختلف رفتارن سان روان دوان آهي، ليڪن دنيا جي انھن ھزارين ڊاڪٽرن جي دلين ۾ زندگيءَ جا اھي پنج سال يقينن ناقابل فراموش ۽ ساھ ۾ سانڍيل ھوندا جيڪي انھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ شاگردي جي دور ۾ گذاريا. ڪاليج جون دوستيون، ڪاليج جون محبتون، اڌما، احساس، ويجهڙايون، رازداريون توڙي رنجشون ۽ نفرتون ھونئن بہ ڪير وساري سگهندو آهي، اھي وسارڻ جوڳيون ھونديون ئي ناهن جو اھي وارتائون زندگي جي ان اھم مرحلي ۾ اوهان تي گذري رھيون ھونديون آھن، جڏهن نوجواني جي شروعات ھوندي آھي، اوهان جو ذھن ٻاراڻي وھي مان نڪري ھر شيء، ھر احساس کي منطق ۽ نظريي جي اک سان ڏسڻ، پرکڻ شروع ڪندو آهي، ھيء وھي زندگيءَ جي موسمن مان بھار وانگر ھوندي آھي جڏھن نوخيز ذھنن تي محبتن، دوستين ۽ تعلقات جا نوان گونچ ڦٽي رھيا ھوندا آھن. ۽ اھي گونچ ئي اڳتي ھلي وڏين ۽ پختين شاخن جي صورت ۾ توهان جي زندگيءَ جي واڌ ۽ ڦھلاءَ جو تعين ڪندا آهن.
اڄ جي تيز رفتار دنيا ۾ جڏهن انسان تقريبن مشين بڻجي چڪو آهي تڏھن، ڪنھن بہ بھاني سان پراڻيون يادون جڏهن ذھن جي پردي تي لھن ٿيون تہ ڄڻ ذھن تيز رفتاري جي پالوشن مان نڪري ڄڻ ھڪ خوبصورت گلستان ۾ پھچي وڃي ٿو جتي يادگيرين جي خوشگوار ۽ خوشبودار ھير ڄڻ روح کي نئين تازگي بخشي ٿي ڇڏي. ان وايومنڊل ۾ اسان جي محترم سائين ڊاڪٽر اسماعيل ماڪا صاحب جو سھيڙيل ھي گلدستو تازي ھوا جي ھڪ جهوٽي جھڙو آهي. جيڪو پنھنجي پڙھندڙ کي اڏندڙ قالين تي ويھاري اچي چانڊڪا جي گلستان ۾ ڇڏي ٿو جتي ڪاليج جي دور جا سڀئي ڪردار ھڪ دفعو ٻيھر گهمندي ڦرندي ۽ پاڻ سان ڳالھائيندي محسوس ٿين ٿا. اسماعيل ماڪا صاحب جي چانڊڪا ۾ گذريل وقت ۽ منھنجي چانڊڪا ۾ گذاريل ڏھاڙن ۾ لڳ ڀڳ 25سالن جي وٿي آهي. پر ھن ڪتاب پڙهڻ دوران مونکي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ اھي سڀ قصا منھنجي اکين جي سامھون رونما ٿيا آهن ۽ انھن سڀني ڪردارن کي مان پنھنجي وقت ۾ بہ ڏٺو آهي.
ماڪا صاحب ھڪ انتھائي پروفيشنل ۽ مصروف ڊاڪٽر آھي، ان جڏھن ھن ڪتاب جو مسودو مونکي پھريون دفعو پڙھڻ لاءِ ڏنو تہ مونکي ھڪ خوشگوار حيرت بہ ٿي تہ ايتريون پراڻيون يادگيريون سائين ڪيئن سالن کان سانڍي رکيون آهن، ليڪن پڙهڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيو تہ سائين جو اھو خزانو واقعي ئي سانڍڻ جي قابل آھي. ڪتاب جي ٻولي سادي ۽ عام فھم ۽ اسلوب تمام دلچسپ آهي جيڪو پڙھندڙ کي پاڻ سان آخر تائين ڳنڍي رکي ٿو. واقعات جو تسلسل ۽ رواني پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ان لاءِ ماڪا صاحب جس لھي.
ڪتاب ۾ شامل نظم بہ تمام خوبصورت ۽ برجستا آھن جيڪي ان دور جي شاگردن جي سياسي ۽ سماجي شعور توڙي نظرياتي سجاڳي جا آئينہ دار آھن. ڪتاب جو نثر ماڪا صاحب جي طبيعت وانگر شگفتہ ۽ شائستہ آهي. ايئن کڻي چئجي تہ ھي ڪتاب نہ صرف سنڌي ادب ۾ ھڪ خوبصورت ۽ انمول اضافو آھي پر چانڊڪا ڪاليج جي نون توڙي پراڻن شاگردن لاء پنھنجي يادگيرين کي تازو ڪرڻ لاءِ ھڪ بھترين ذريعو پڻ آهي.
ﷲ سائين شل ماڪا صاحب جي قلم ۽ حافظي کي وڌيڪ طاقت عطا فرمائي تہ جيئن اسان ھن ڪتاب جھڙن انيڪ شاھڪارن کان مستفيض ٿي سگهون.
سانڍي سيني وقت جي،
مون جا ڳالھہ ڪئي،
ٻيھر ايندي ڪينڪي،
پيھي وئي پولار ۾،
چپن مس چئي،
ٻيھر ايندي ڪينڪي. !
( اياز)
ڊاڪٽر سجاد سرور
سکر