آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

چانڊڪا جي شاگردن جا سير سپاٽا

ھو ابن بطوطه ڪولمبس ۽ ڪئپٽن ڪڪ جيان جاکوڙي نہ ھئا پر چانڊڪا جا شاگرد سير سفر جا شوقين ھئا. ھو فطرت جي رنگن، رنگينين، حسن ۽ حسناڪين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي ويندا ھئا. مھا ساگر جي واريءَ تي پرينءَ سان گڏ پسايل پيرن ۽ سنھڙين سرگوشين ۾ ڳالھايل ڳالھيون زندگيءَ جو سرمايو سمجهندا ھئا. اترين علائقن جي آبشارن، زيارت جي چشمن، سنڌوءَ جي ڪنارن، ڍنڍن جي نظارن، ڪنھن کوھ مان ڀريل لوٽيءَ جي پاڻيءَ جي پئٽڻ جي آواز، ڪنھن ڪسيءَ واھ ۾ تڙڳڻ، ھنبوشيون ھڻڻ، ٽيوبيلن ۽ بيڪو تي وھنجڻ ۽ اتي پنھنجي آواز ۾ سريلي يا بي سري انداز ۾ ڳايل گانن جي يادن کي ساري سنڀالي ڊائريءَ جي ورقن ۾ لکندا ھئا.
چون ٿا تہ پروفيسر احسان ڪريم جي دور ۾ شل نہ ڪا ڪڪري چانڊڪا تي ڪاھي اچي، پوءِ چانڊڪا جون بسيون ٽمٽار ٿي وڃن ماھوٽن ۾ زيتونن جي باغن ۾ بيھنديون ھيون ۽ پڪنڪ جو لڏو لاٿو ويندو ھو. زيتون جي چھچ ساون وڻن ھيٺان ڪنھن بوند جي وسڻ جي انتظار ۾ ڪي ئي بئنسريون، باجا، ڪي چنگ، دڦ ۽ دھل ڪڍي وٺندا ھئا تہ ڪي ھار مونيم ۽ پيانو پاڻ سان کڻي ويندا ھئا ۽ سارنگ ڳائيندي ڳائيندي ديپڪ راڳ جو سر آلاپي وٺندا ھئا ۽ عاشقن جي دلين ۾ باھيون لڳي وينديون ھيون. انھن فنڪار دوستن جي ٽولين ۾ عام شاگرد بہ ھمنوا بڻجي ويندا ھئا ۽ اھي عشق جون قواليون وڃي ڀڄنن تي دنگ ڪنديون ھيون. موسم آھر ڦل فروٽ، پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ بند بريانيون، پڪوڙا، سمبوسا ۽ نمڪ پارا پنھنجي خوشبوءِ سان علائقي واسين جي وات ۾ پاڻي آڻيندا ھئا ۽ ھي ڀوڄن جو سارو سامان لٽائي، اوڳرايون ڏئي واپس اچي اينو فروٽ سالٽ جو گلاس پي ڇڏيندا ھئا. موھن جي دڙي جو سفر تہ ھنن لئہ ڄڻ گهر ياترا ھو، ھو آرڪيالاجيءَ جا شوقين ھئا. ھڪ دفعي اسان جي دوست فاروق ميمڻ جو ماروٽ آمريڪا مان سنڌ گهمڻ آيو کيس موهن جي دڙي تي وٺي وياسين. ڊيوڊ يا دائود جو ننڍڙو نالو ”بيبي“ ھو. بيبي کل مکڻو جوان ھو جڏھن ڪار وڃي موھن جي دڙي تي بيٺي تہ ھن وائڙن وانگر ھيڏي ھوڏي ڏسڻ شروع ڪيو. چيائين يار ڪاٿي وٺي آيا آھيو. ھنن دڙن ۾ ڇا آھي، پوءِ اسان جا سڀ يار ان انگريز تي پنھنجي سنڌي گاڏڙ انگريزيءَ ۾ وسي پيا، ھڪ چيس جڏھن تنھنجا ناناڻا جهنگ جي خيال سان ٻوڙن ۾ ويندا ھئا تہ سنڌي ماڻھن وٽ باٿ روم ھئا ۽ ليٽرين ھيون. جڏھن تو وارا ناناڻا مائٽ مھينن جا مھينا نہ وھنجندا ھئا تہ اسان جي وڏن وٽ، تلاءُ، تڙ ڪرڻ جون جايون ۽ حوض ھوندا ھئا ۽ جڏھن تو وارا ريڊ انڊين يا لاڏائو مھذب انگريز پنھنجي excreta کي اڱڻ ۾ ئي پوريندا ھئا تہ موھن جي دڙي جي ماڻھن وٽ گهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو ھوندو ھو. ھي گهرن جا روشندان، ھوا جا گذر روشنيءَ جا گنبذ اسان جي اعليٰ تھذيب جي اوائلي ڪھاڻي آھن ۽ پوءِ ھڪ دوست ھن جي دماغ ۾ اھا ڳالھہ وڌي تہ اھو عرصو پنج ھزار سال اڳ جو آھي يعني حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان ٽي ھزار سال اڳ پوءِ ھنن ڪئيمرا ڪڍي ۽ موھن جي دڙي جي سِرَسِرَ جي ڦوٽو ڪڍڻ جو ڪوشش ڪئي. ھن جي دل بہ ڀرجي آئي ھو ڀڻڪيو تہ منھنجي ماءُ ڪرسچن آھي. پيءُ سنڌي ماءُ گرجا ويندي آھي ۽ پيءُ مسجد ويندو آھي. مان ڪاڏي وڃان؟ ھڪڙي دوست ان کي سمجهائيندي چيو تہ تون صوفي ٿي وڃ صوفين وٽ مندر، مسجد، گرجا، ڪليسا، گرد وارو، پگوڊا، سينيگاگ، بت خانو يا آتشڪدو ھڪ آھن. ھيءُ صوفين جي سرزمين آھي پوءِ بيبيءَ وڏي آواز ۾ نعرو ھنيو مان پنھنجي گرل فرينڊ کي ٻڌائيندس تہ منھنجا ڏاڏاڻا تھذيب جا سرواڻ آھن. . تو وارن ڏاڏاڻن وانگر يورپ جا تڙيل ڪيٿولڪ، پروسٽنٽ يا ڪاري پاڻي موڪليل انگريز نہ آھن. ھن کي جڏھن ميوزيم گهمايو ويو تہ ھو ٺڪر جي ٿانون استعمال جي شين ۽ زيورن کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چيائين تہ ھنن ھنرمندن جا نالا دريافتن جي ڪتابن ۾ ڇو نہ آھن. مون کيس چيو تہ اھي تہ اسان کي بہ ڪو نہ اچن ٿا. ھن جڏھن موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي مجسمي کي ڏٺو تہ ھو ان جي انداز ۽ لباس ۾ محو ٿي ويو. ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ آرٽ ۽ تھذيب تہ توھان وٽ آھن اسان تہ اڃان بہ لاس اينجلس جي ڊسڪو ۾ آفريڪي جهنگلين جھڙي ڊانس ڪيون ٿا. واپسيءَ تي گاڏي جڏھن ڏوڪريءَ کان مڙي تہ ڪنھن کيس بکي ديري جي روڊ ڏي اشارو ڪري چيس تہ اتي ڪنگ لوٿر کان بہ وڏو رھنما پيدا ٿيو ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنھن ھارين جي آزادي لئہ کين انصاف لئہ اڪسايو. اوھان جي قوم ڪنگ لوٿر سان ساٿ نڀايو ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جيڪو نياپو ڏنو، ان ڪري جاگيرداري نظام سان اڄ سوڌو هاري اجتماعي نہ پر انفرادي طور ٽڪراءُ ۾ آھن.
چانڊڪا جي شاگردن لاءِ سڀ کان وڌيڪ تفريحي سفر ھائجن ٽوئر ھوندو ھو. چوٿين سال ۾ ايندي ئي ھائجن ٽوئر جون تياريون شروع ٿي وينديون ھيون. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اھي بوگيون اچي وينديون ھيون ۽ ريل ۾ اھي اڪانامي ڪلاس جا گاڏا شاگردن جا سيلون ھوندا ھئا. گرميءَ کان بي نياز بس ان ڳالھ جو خيال ڪندا ھئا تہ ھنن جي دوستن جون سيٽون گڏ ھجن ۽ پوءِ ريل جڏھن ”ڪڪو، ددشڪ ڪري“ شنٽ انجڻ واري اھي گاڏا ڇڪي روھڙيءَ پھچائيندي ھئي ۽ اتان اھي گاڏا ڪنھن ميل ٽرين سان اٽيچ ٿيندا ھئا.
ريل جڏھن اسٽيشن ڇڏيندي ھئي تہ الوداع چوندڙ ھنن جا يار دوست ڀيلو منھن ڪري موٽندا ھئا تہ ھو ھنن جا ھم سفر ڇو نہ آھن. ريل جو اھو سفر عموماً شام ۽ رات جو شروع ٿيندو ھو. مگر ڇوڪرن جي تاڙڻ جو ڪم روھڙيءَ اسٽيشن تي ئي شروع ٿي ويندو ھو. ھو ٽولين جي صورت ۾ ھر دٻي جو جائزو وٺندا ھئا ۽ دريءَ واري پاسي ويٺل ماين تي پنھنجي عشق جا تير وسائيندا ھئا ۽ پوءِ پنھنجي ليکي ئي ورھاست ٿي ويندي ھئي. اڙي يار اھا ڳاڙھي رئي واري منھنجي ٿي، ان کان تہ پاسو ڪجانءِ نہ بابا اھا تہ منھنجي آھي. ڇڏ يار ڏائڻ بہ ھڪ گهر ٽاريندي آ. تون ڪنھن ٻيءَ جي ڪڍ پئہ. يار ھن بوگي نمبر9 ۾ واھ جو معشوق اٿئي، پر ٿوري موٽي آ ان سان تنھنجو جوڙ واھ جو ٺھندو، يار ان جو وات وڏو آ مان ڇا ڪندس ۽ پوءِ ائين روھڙي اسٽيشن تي محبوب چونڊجي ويندا ھئا ۽ جيئن جيئن ريل سفر شروع ڪندي ھئي ھنن جي عشق جو سفر بہ شروع ٿيندو ھو. يڪدم تاس ، لڊو نڪري نروار ٿيندا ھئا. پوءِ تاس جون بازيون ڳوٽ مارڻ لئہ ڪڻيءَ جون دعائون، تاس تہ چار ڄڻا کيڏندا ھئا پر پورو دٻو تماشائي ھوندو ھو. مٿان برٿ تي ويٺل يار جي رڙ ھوندي ھئي يار تنھنجا تہ ڏھ ڪاڏي ئي نہ ويا آھن. اھي لفظ ٻڌڻ سان ان رانديگر جو پارٽنر شروع ۾ ئي يارهان ڪري وٺندو هو تہ ساٿيءَ وٽ پتا سٺا آھن. مزو تہ تڏھن ٿيندو ھو جڏھن يار جا پتا کلندا ھئا رنگ تہ ھوندو ئي ڪو نہ ھو. باقي بہ نولا ڏھلا گولا ھوند اھئا ۽ جڏھن ”ھٿ“ ٽٽندا ھئا تہ مٿي ويٺل تماشائي تي گار جو زيپٽ پوندو ھو. جڏھن ريل اسٽيشن تي بيھندي ھئي تہ تاڙو عاشق بُل ڏئي لھي پوندا ھئا ۽ ديدار جو سفر شروع ٿيندو ھو ۽ جڏھن دريءَ واري سيٽ تان ڇوڪري اٿي ويندي ھئي ۽ ان تي ڪا جهور ڪراڙي نظر ايندي ھئي تہ ڀائوءَ وارن جا منھن ڀيلا ٿي پوندا ھئا ۽ پوڙھي ڏسڻ کان پوءِ وائڙن وانگر شيشن مان ليئا پائيندا ھئا ۽ گونگن جي زبان وانگر ھلندڙ چپن جي حرڪت مان سمجهي ويندا ھئا تہ اھا ادبي زبان جي بي ادبي ٻولي ھنن لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿي.
ٽرين جو سفر ۽ عشق جو سفر ٽرين جي رفتار سان ھلندو ھو. جيئن ريل جي اسپيڊ وڌندي ھئي تہ ھنن جي عشق جي اسپيڊ بہ وڌندي ھئي ۽ جي پرين ڪنھن اسٽيشن تي لھي ويندو ھو تہ پوءِ نئون پرين تاڙيندا ھئا. بھاولپور اسٽيشن کان اڳ ايندڙ مٽيءَ جو طوفان ھنن جي چھرن تي اداسيءَ جا ڪڪر مٽيءَ جي تھن سان ڇڏي ويندو ھو ۽ ھو عشق کان اڳئي لٽيل عاشقن وانگر مٿي ۾ مٽيءَ جا مڻ وجهي ڇڏيندا ھئا. پوءِ دريءَ ۾ ويٺل ھنن جون محبوبائون تہ ڇا پر ھي ھڪٻئي کي بہ نہ سڃاڻيندا ھئا. ان سفر ۾ ھنن جا ٽيٽي يا ٽڪٽ ڪليڪٽر سان ٽيلر، بوتلون کپائيندڙ ھورڙن سان جهيڙا عام ھئا. اڙي ھي بوتل تہ نقلي آھي ھن ۾ تہ سيڪرين آ، چار روپيه ڇا جا ڏيان ۽ اھا انفارميشن ھنن کي شڪارپوري ڇوڪرا ڏيندا ھئا ڇو جو ھنن جو نڪ نقلي بوتلون سڃاڻڻ يا سنگهڻ ۾ اڳڀرو ھوندو ھو.
ڪي ڪڌا اسٽيشن جون چاٽيون، ڇولا، ڪباب، سمبوسا کائي اڊيھڙ وارين عورتن وانگر ڏاڪيندا نظر ايندا ھئا. باقين وٽ گهران کنيل روٽ ۽ چُوريءَ جا لڏون کائڻ لاءِ جام ھوندا ھئا. ھنن جو پھريون پڙاءُ ملتان ھوندو ھو جتي نشتر ميڊيڪل ڪاليج يا بھاوالدين ذڪريا يونيورسٽيءَ ۾ ھنن جو قافلو ويندو ھو. ڪي يونيورسٽي ۽ ڪاليج گهمڻ ويندا ھئا تہ ڪي غوث بھاول الحق جي درگاھ تي سمہ هڻندا ھئا. ڪي وري نشتر چوڪ وٽ چڪن ٻوٽي يا سيخ ڪباب کائڻ وقت سوچيندا ھئا تہ شمس تبريز جي سج جي روشنيءَ مان پڪايل ٻوٽيءَ ۾ سواد ئي عجيب ھوندو. ڪي بھاوالدين ذڪريا جي مزار تي مٿو ٽيڪي دعا گهرندا ھئا تہ ڀڪ ۾ ٺھيل باغ ۾ ڪا سيوني ملي جنھن سان سير ڪن، ڪي ملتان ۾ موجود شھر خموشان جي مٽيءَ ۾ مدفون انھن سنڌي سپاھين جون قبرون ڳولھين جيڪي ڪنھن دور ۾ ملتان جي حفاظت تي مامور ھئا. ڪي گل گشت جي گهٽين ۾ گشت ڪندا ھئا تہ ڪي ڪينٽ جي بازارين ۾ ھروڀرو پرفومن جا اگهہ پڇي دڪاندارن کي بيزار ڪندا ھئا. ڪن کي پراڻي شھر جي سوڙھين گهٽين ۾ ماين سان گڏ گسي ھلڻ ۾ مزو ايندو ھو تہ ڪي وري سوھن حلوي جو دڪان ڳوليندا ھئا. ڪي ملتان کان پوئتي موٽي بھاولپور ميڊيڪل ڪاليج سان ملحق وڪٽوريا اسپتال ۾ ھليا ويندا ھئا ۽ ڪنھن روزي، ريٽا، ميري، آگنس سان وارڊ ۾ ڪچھري ڪري ايڊريسون ڏئي وٺي ايندا ھئا. ملتان کانپوءِ ھنن جي منزل لاھور ھوندي ھئي. لاھور يونيورسٽيءَ يا ڪنھن ميڊيڪل ڪاليج ۾ سامان لاھڻ کانپوءِ پھريون تہ سنڌ جي روايتي عاشقن وانگر باليءَ جو علائقو پڇندا ھئا. پر ان وقت جون باليون بہ سياڻيون ھونديون ھيون اھي سمجهنديون ھيون تہ ھنن ۾ مير ۽ امير شاگرد گهٽ آھن، بس آھن تہ فقير عاشق سو باليون بہ ھنن کي لفٽ گهٽ ڪرائينديون ھيون. سو ھي رات جو ٻارھين وڳي فجي جي پاون سان ناشتو ڪندا ھئا ۽ ڪنھن ھوٽل جي ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھي مجري جي ڇيرين ۽ گائڪا جو آواز پڙاڏي جي صورت ۾ ٻڌندا ھئا. ڇيرين جي ڇم ڇم سان ھنن جي دل ۾ بہ ڇم ڇم ٿيندي ھئي تہ باقي ٻہ ٽي سال آھن پوءِ ھنن وٽ بہ مال جام ھوندو ۽ ھو بہ ڪنھن ڪلاڪار مٿان نوٽ گهورڻ جي پوزيشن ۾ ھوندا. واپسي تي اچي ھي پنھنجي مايوسي ۽ احساس ڪمتري ختم ڪرڻ لاءِ ساحر لدھيانوي جي نظم چڪلي کي زور سان ڳائيندا ھئا ۽ انھن مجرن جي زينن ۽ اپسرائن جي سينن کي خيالن ۾ ئي محسوس ڪندا ھئا. لاھور ۾ ھنن جا ٻہ شوق عروج تي ھئا، پراڻا تاريخي فلسفي جا ڪتاب ۽ سفرنامہ ۽ پراڻيون جڳھيون ڏسڻ، پر اھي راجا انور جو ڪتاب ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ ضرور وٺندا ھئا. ان ۾ ھن جي عشق جي خطن ۽ محبوبا سان گڏ گهاريل گهڙين جو ذڪر آ، لاھور يونيورسٽيءَ جو اھو سرخو جنھن مارڪسي معاشيات ۾ تعليم ورتي ان جي محبوبہ خود ماديت جي شڪار ٿي ۽ ھن وڃي c. s. s پاس سان شادي ڪئي ۽ چانڊڪا جا شاگرد اھڙي حادثي جو شڪار ٿيا ھئا ۽ ان دور جي ھڪ بھادر ڇوڪري جيڪا چانڊڪا جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي جين جي پينٽ پائي پستول پرس ۾ کڻي گهمندي ھئي ان وڃي c. s. s آفيسر سان شادي ڪئي ۽ ڊاڪٽري ڇڏي گهر وسايو.
سو ڳالھہ پئي ڪئي سون راجا انور جي ڪتاب ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ جي اھو ڪتاب ڇوڪرن کي زندگي جون، معاشي ۽ مادي تلخيون سمجهائيندو ھو ۽ ھو ڪن شين ۾ تخيل کي پوئتي ڇڏي ماديت کي بہ اھميت ڏيندا ھئا. راجہ انور تہ پاڪستان ڇڏي جرمني ۽ ڪابل ھليو ويو، ھن جو الذوالفقار ٺاھڻ ۾ ھٿ ھيو. ھن جا شھيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ سلام ﷲ عرف ٽيپو سان بہ اختلاف ٿيا ۽ اڄڪلھہ پنھنجون سياسي ڪھاڻيون (جيو ٽي وي) تي ٻڌائيندي نظر ايندو آھي. ٻيو شوق ھنن جو تاريخي عمارتن ڏسڻ جو ھوندو ھو. شالا مار باغ کان شاھي قلعي تائين، مغلن جي مقبرن کان بادشاھي مسجد تائين ھي سر سر گهمندا ۽ جاچيندا ھئا ۽ شام جو ٿڪجي ٽٽي مال روڊ جي ڪنھن ڪنڊ تي بيھي، قيمتي ڪارن ۾ گهمندڙ مھانگين ماڊلن کي چتائي ڏسندا ھئا. اتي بہ ھنن وٽ ماديت جا فلسفا جنم وٺندا ھئا ۽ ھنن ۾ ڏوڪڙ ڪمائي پھرئين ڪار وٺي ان ۾ محبوب کي گهمائڻ جو چاھ جنم وٺندو ھو. لاھور ۾ ھي خريداري گهٽ ڪندا ھئا ڪي شروع ۾ ئي رنگيلي، مصطفيٰ قريشي، انجمن، راڻي، بابرا شريف ۽ سنگيتا سان ملڻ جو پروگرام ٺاھي ايندا ھئا. ان لاءِ جٿن جي صورت ۾ النوريا ايورنيو اسٽوڊيو ۾ ڊائريڪٽرن کي منٿ ميڙ ڪري فلمن جي شوٽنگ سامھون ڏسندا ھئا ۽ اتي جا ٻڌل ڊائلاگ سڄو سفر ورجائيندا ھئا مثلا ”ڪتھي رھ گيا سوڻيا””مين تينون نھين چھڊان گا“ لوڪ ورثہ، عجائب گهر، چڙيا گهر، قذافي اسٽيڊيم، مطلب تہ ڪا سئنيما ڪولسيءَ جو دڪان ھنن جي نظر کان نہ بچندو ھو. لاھوري کاڌا، ڪڙھايون، تڪا، ڪباب، قورمه، سوسون ڪري کائيندا ھئا جڏھن وات سڙندو ھُيَن تہ چوندا ھئا اباڙي ھنن ۾ تہ مرچ گهڻا آھن ڪي مذھبي مسلڪ جا ھندو، مسلمان ننڪانہ صاحب جي بسين ۾ چڙھي گرونانڪ جي حاضري ڀري ايندا ھئا.
ھنن ۾ مذھبي جايون ڏسڻ جو شوق جنون جي حد تائين ھوندو ھو ۽ ھي لاھور ۾ پگوڊا، سيني گاگ ۽ گرد وارا پڇائيندا ئي رھندا ھئا. باقي گرجائن جي بئنچن تي ھو پنھنجي شھرن ۾ ئي ويھندا ھئا، ڪن کي تہ لاھور جون رنگينيون ۽ روشنيون اداس ڪري وجهنديون ھيون ۽ ھو ڪنھن سنڌي صوفي سائينءَ جي قبر يا مادھولال حسين جي مزار تي وڃي ڪنھن لٽيل عاشق کان فيض جي شاعري ٻڌندا ھئا. ڪي تہ وارث شاھ وٽ ھير ٻڌڻ لئہ درد جي ماريل ماڻھن جي اڌ رات جو آلاپيل ھير اصلي روپ، آواز، سوز ۽ ماحول ۾ ٻڌندا ھئا. ڪي تہ جهنگ ھليا ويندا ھئا ۽ اتي سلطان باھوءَ جي مزار جي چوگان ويھي ”نفس امارہ ۽ ڪاري گلر“ قطعن کان وٺي.
”چڙھ چنان تي ڪر روشنائي
ذڪر ڪريندي تاري”
وارو منظر آڪاش ۾ ڏسندا ھئا ۽ جڏھن ڪتيون ڪر موڙيندي ٽئي ٽيڙو اڀارينديون ھيون تہ ھي سمجهي ويندا ھئا تہ ھاڻي کين ھلڻ گهرجي ۽ جڏھن:
”شل نہ مسافر ھوئي ڪوئي
ڪک بھي جنان تي بھاري”

وارو آلاپ ٻڌندا ھئا تہ ھي بس اسٽاپ تي بيھي جهونگاريندا ھئا.
”تاڙي مارڪي اڏار نہ باھو
اسين آپي اڏڻ ھاري”
ان دور ۾ اتان جون شاگرد تنظيمون ۽ ادارا شاگردن کي وڏو مان ڏيندا ھئا ۽ ھروڀرو بہ تعصب پسندي يا نسل پرستي نظر نہ ايندي ھئي. لاھور جي ويگنن ۾ لاھورين وانگر لڙڪندڙ ھي لاڙڪاڻي جا ڇوڪرا جتي چڱي مائي ڏسندا ھئا اتي لھي پوندا ھئا. پر جڏھن گنگارام ياميو اسپتال، شيخ زيد يا لاھور جنرل اسپتال ۾ ويندا ھئا تہ اتي ھو پنھنجي تاڙڻ واري عادت کي پوئتي ڇڏي ايندا ھئا ۽ پنھنجي اداري جي ساک برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا شل نہ ڪنھن وارڊ جي سيمينار روم ۾ ڪو شاگردن کي پڙھائيندي نظر اچي. استاد کي ايلاز منٿون ڪري سيمينار ائين وٺندا ھئا ڄڻ تہ رجسٽرار آھن ئي اتان جا، گلبرگ جي گهٽين ۽ نھرتي گهمڻ ۾ مزو تہ ھنن کي ايندو ھو. مگر راجا رنجيت سنگهه جي دور جا ڪجهہ ٺيٺ قسم جا ڪاٺ جا ٺھيل گهر ھنن کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندا ھئا. ھو انھن ۾ ان دور جو فن ۽ ڏاھپ، ڪاريگري ۽ ڪمال، آرٽ ضرور جاچيندا ھئا ۽ جڏھن ديودار ۽ ديال جي درن مان ھنن کي ساڳ ۽ صندل جي خوشبو نہ ايندي ھئي تہ پوءِ ھو شڪارپور ۽ روھڙي، سکر سيوھڻ، ڪراچي ۽حيدرآباد ۾ ٺھيل ھندن جي حويلين کي ساري فخر سان چوندا ھئا تہ ڪاريگري ۽ ڪمال تہ اسان وٽ آھي ھنن وٽ بس گهر ئي آھن.
ھو بہ چاھيندا ھئا تہ ھنن جو ھائيجن ٽوئر بسنت کان شروع ٿئي ۽ ھو ڳاڙھا پيلا روا ڳچين ۾ وجهي ڪنھن جڳھہ جي ڇت تي چڙھي، عارف لوھار جي جگنيءَ جي ڌن تي چمٽي جيان ڄنگهون ھڻن ۽ ڀنگڙو ڳائن پر ھنن جي آرزو ڪڏھن بہ پوري نہ ٿي تہ ھو لغڙ ڪاٽا ڪرائي عشق جا پيچ مضبوط ڪن، ڇو جو ھائيجن ٽوئر ھميشہ بھار کانپوءِ ئي شروع ٿيندو ھو ۽ لاھور جي رستن تي لڳل بيلن جا بي خوشبو گل ھنن جي اچڻ کان اڳ ئي پنھنجي مستي وڃائي ويھندا ھئا. واگها بارڊر تي وڃڻ بلڪل نہ وساريندا ھئا ۽ اتي بارڊر جي لڪير کي دلين جي لڪير سمجهندا ھئا. ھنن جي حتي الامڪان ڪوشش ھوندي ھئي تہ امرتسر جي گولڊن ٽئمپل ۾ وزٽ ويزا تي وڃي گرنٿ پڙھن ۽ پوءِ ڪنھن سک ڳوٺاڻي جي زمين تي وڃي ڪنھن ڊگهن وارن واري ڪڙي پنجاپڻ ھٿان ٺوٺ جيترو لسيءَ جو گلاس پي موٽي اچن. پر ان وقت ويزا جون پابنديون ڏاڍيون سخت ھيون، ڪي ھندو شاگرد پنھنجي مائٽن وٽ دھلي، بمبئي، انڊور ۽ الھاس نگر، بئنگلور ۽ جئہ پور ڏسي ايندا ھئا ۽ ھو جڏھن گوا جي سيڪسي ڪلچر جون ڳالھيون ڪندا ھئا تہ ڪن شاگردن ۾ تہ گوا وڃي اتي سيٽ ٿيڻ جو شوق جاڳندو ھو.
واگها بارڊر تي جڏھن ڪلف لڳل ترن وارا سپاھي، پنھنجي چست لباس، وڏي رڙ ۽ ڌماڪي سان پيرن کي زمين تي ھڻندا ھئا تہ ھنن کي انگريزي دور جي رھجي ويل ڪنٽومنٽ ڪلچر جي ھڪ جهلڪ نظر ايندي ھئي ۽ ھو سپاھين جي سختيءَ مان سمجهي ويندا ھئا تہ برصغير جا سورما ڪيئن جرئت سان وڙھيا ھوندا. ھنن کي ڀڳت سنگهہ، ھيمون ڪالاڻي، سڀاش چندر بوس، روپلو ڪولھي، مسلمان سپاھي، سانگهڙ جا حر ۽ انھن انقلابين جو اڳواڻ شھيد پيرپاڳارو ياد ايندو ھو. ان وقت ئي انھن جي ذھنن تي جنگ پلاسيءَ کان غدر تائين، جڙيانواله باغ کان جنرل ڊار تائين سڀ تري ايندا ھئا. ورھاڱي جي ڪوس ۾ لڏپلاڻ جون ڪھاڻيون برصغير جي سڄي ڪلچر ۾ موجود آھن. ھي جڏھن مينار پاڪستان ڏسندا ھئا تہ ان وقت جي پڙھيل لکيل ليڊرن کي ضرور ساريندا ھئا. اتي جي ماڻھن سان بحث ۾ ھو پاڻ کي وڏو پاڪستاني ظاھر ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا تہ جناح صاحب جهرڪ جو ھجي يا ڪراچي جو ھو تہ سنڌي ۽ آخر ۾ داتا جي درٻار تان دعا گهري پنڊيءَ طرف روانو ٿيندا ھئا.
لاھور کان پنڊيءَ طرف ريل سست رفتاريءَ سان ھلي ٿي ان لاءِ برٿن تي وڃي آرامي ٿيندا ھئا. ان سفر ۾ آرام ئي ڪرڻو ھوندو ھئن ھو نہ گجرات نہ گجرانواله نہ جھلم نہ لالا موسيٰ نہ وزيرآباد نہ وري ڪو ٻيو شھر پسند ڪندا ھئا. پر ھنن کي ڪلر ڪھار جي فطرتي زندگي ڏسڻ جو شوق ھوندو ھو. ان وقت موٽروي نہ ٺھيو هو ان لاءِ ڪلر ڪھار واري علائقي ڏي وڃڻ گهٽ ٿيندو ھو. البتہ چڪوال جون ريوڙيون اسٽيشن تي وٺي ئي کائيندا ھئا. جيڪو شاگرد دري واري سيٽ تي ويٺو ان جي نظر نارنگين جي باغن مان نڪرندي ئي نہ ھئي. پنڊيءَ ۾ لھڻ کانپوءِ ڪنھن ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙاءُ ڪندا ھئا. ھتان ھنن جو پاڪستان جي ٿڌن علائقن ڏي وڃڻ جو شوق زور وٺندو ھو. ھو اسلام آباد ۽ پنڊيءَ جي سير تفريح ۾ ڪو ڌيان نہ ڏيندا ھئا. البتہ ايوب پارڪ، شڪر پڙيان، فيصل مسجد ۽ اسلام آباد جا فائيو اسٽارهوٽل ھنن جي وزٽ ۾ شامل ھوندا ھئا. ھتي بوبڪ جي شاگردن کي ڀنگ بہ بي تحاشه ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پر اڪثر شاگرد چنبيليءَ واري باغ ۾ کلندا ڪڏندا نظر ايندا ھئا. اسلام آباد جي رات واقعي ئي خوشبو واري رات آ، رات جي راڻين، چنبيلي ۽ موسمي گلن جي خوشبو اسلام آباد ۾ عجيب ھڳاءُ پيدا ڪري ٿي. سو ھي شور کان پاڪ اسلام آباد جي ويران رستن تي نڪري پوندا ھئا ۽ بنگلن جي اندر ڪھاڻين تي بحث ڪندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ خفيہ طور بنگلن اندر ڪاڪ ٽيل پارٽيون ٿينديون ھيون ۽ سائونڊ پروف ڪمرن ۾ ڪنھن خفيہ مجري جو بہ انتظام ھوندو ھو. انھن ڏينھن ۾ اسلام آباد جا ايوان ويران ھئا. بس مجلس شوريٰ جي بادشاھي قسم جي اسيمبلي ھوندي ھئي. جيڪا پنھنجي آقا ئي احڪامن جو فرمان ڪنھن قرارداد جي صورت ۾ منظور ڪندي ھئي. سياسي سرگرميون نہ ھيون ان لاءِ ھنن جي بحثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جا سياسي بحث شامل نہ هوندا ها. اسلام آباد جي ماڻھن جو پنھنجو مزاج آ، سمجهہ ۾ نہ ايندو تہ ڪير ڪير آھي. 20 گريڊ جو آفيسر بہ گادي واري شھر ۾ بغير رشوت جي شھرن جي مختيارڪار کان گهٽ رعبدار لڳندو ھو.
بس رات جو گهمندڙ ڇوڪرن کي ڀولڙن جو ڀوءُ ٿيندو ھو جيڪي ھي شڪر پريان ۽ حضرت امام بري ءَ جي مزار تي ڏسي آيا ھئا. ھي بري بادشاھ جي درگاھ تي نورجھان وانگر دعا گهرندا ھئا تہ ”ميري کھوڻي قسمت ڪردي کھري“ بري سرڪار تي نياز جي کوٽ ناھي جيڪڏھن بغير ناشتي بہ وڃبو تہ رات تائين مانيءَ جي ضرورت نہ پوندي. جيسمين باغ ۾ گهمندي مون کي ٻہ ماءُ ڌيئر سنڌيءَ جھڙي ٻولي ڳالھائيندي نظر آيون. مون پڪ سان سمجهيو تہ ھي سکر يا شڪارپور جون مايون ھونديون جيڪي ھتي پنھنجي فيمليءَ سان گڏ رھنديون ھونديون ۽ ھنن جا مرد ڪنھن اداري ۾ نوڪري ڪندا ھوندا. سو مون بہ پڇا ڪئي سنڌي آھيو؟ مائيءَ واڇ کي زور ڏيندي چيو کيا؟ دل ۾ چيم تہ ھي نٽائن ٿيون تہ متان مان کين سڃاڻي نہ وٺان ڇو جو اسان سان شل نہ ڪو ملي. ضرور، بضرور ان جومائٽ يا ڪو دوست اسان جو واقف ضرور ھوندو نہ تہ بہ چونداسون تہ اوھان جو نانو ۽ منھنجو نانو ريلوي ۾ گڏ ملازم ھئا. جي ريلوي جو ڌڪو نہ لڳندو تہ چونداسين تہ اوھان جو ڏاڏو ۽ منھنجو ڏاڏو ايريگيشن يا روينيو کاتي ۾ گڏ نوڪري ڪندا ھئا. اھا ڳل پوڻ واري عادت اسان ۾ پراڻي آھي. سو مان بہ ماين کي ڳل پوڻ شروع ڪيو. اردوءَ ۾ چيو مان ابھي آپ سندھي بول رھي تھين. انھن ٻڌايو تہ ھو ھندڪو ڳالھائين پيون ۽ اھا سنڌيءَ سان ڪافي ملندي آھي. پوٽوھار جي انھن ماين مون سان مختصر ڪچھري ڪئي. بروڪ شيلڊ جھڙي عظمه ايئر فورس ڪاليج ۾ پڙھندي آھي ۽ ان جي مڱڻي انگلينڊ ۾ ٿي آھي. سال کن ۾ ھلي ويندي. ان جي ماءُ چيو تہ پوءِ مان ۽ ھن جو فوجي والد بہ انگلينڊ سيٽ ٿينداسين. مون انھن ماين کان ائڊريس وٺڻ ۽ ڊيگهہ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو. ڇو جو اتي فلم جي ڪھاڻي end تي پھتل ھئي.
پنڊيءَ ۽ اسلام آباد جي ڀرسان لڳل جمعہ بازارين مان ھي سينيئرن جي چوڻ تي عمل ڪندي ضرورت مطابق گرم ڪپڙا جين ۽ جوگر وٺندا ھئا. ڇو جو ھنن ۾ سرديءَ جي سٽ سھڻ جي قوت گهٽ ھئي ۽ پوءِ ھي چيٽرجي ۽ گائٽن ڪڍي مٿانھن جڳھن تي آڪسيجن جي ڪميءَ جا اثر پڙھڻ شروع ڪندا ھئا ۽ ان ڳالھہ جو پورو خيال ڪندا ھئا تہ شروعاتي ڏينھن مري، ڀورڀن نٿيا ڳلي ۾ گذارن سو پھريان ڏينھن تہ ھي مري اسلام آباد مان آئوٽ بيڪ ڪندا ھئا ۽ گرميءَ جا وٿڊرال اثر ھت ئي ختم ڪري مانسھره ۽ سوات نڪرڻ جون تياريون ڪندا ھئا. مريءَ ۾ انھن ڏينھن ۾ رش ھوندي ھئي ڇو جو تقريبن پوري ملڪ جا سياح مري ايندا ھئا. مري ويجهو ۽ سستو بہ ھوندو ھو. . پر اڳتي سواري ۽ ريسٽ ھائوس ايترا سستا نہ ھئا مريءَ ۾ بس ھل اسٽيشن جي فارملٽي پوري ڪندا ھئا. ڪڏھن پنڊي پوائنٽ ۽ ڪشمير پوائنٽ تي اڪيلا ويھي انھن وادين جي حسن ۽ فطرت جي رنگ کي جاچي ڏسندا ھئا ۽ پوءِ ڪي ڪي کاھوڙي قسم جا ڇوڪرا وادين ۾ لھي ويند اھئا، ھنن کي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا ڏک ۽ سور ساڳي انداز ۾ ملندا ھئا ڪنھن ننڍڙي پھاڙي قسم جي جهوپڙيءَ ۾ ڪجهہندڙ پوڙھو، ڪنھن اڌيڙ عمر جي پٺ تي ڪاٺين جي ڀري، ڪنھن دوشيزه جي چلھہ ٻارڻ لاءِ مسلسل ڦوڪون ۽ سڄيل اکيون اڱڻ ۾ گهمندڙ اڌ اگهاڙا ٻارڙا، ۽ انھن جي ھٿن ۾ سڪل ڍوڍا ۽ ڪنھن ننڍڙي پھاڙي ميدان ۾ ليلڙن ۽ گهيٽڙن سان ٻارن جون رانديون، زندگيءَ جو ھي عجيب دکدائڪ روٽين ۽ مک تي اطمينان، انھن وٽ ڪنھن حسين اجائي مستقبل جي اميد تہ ھوندي ئي ڪا نہ ھئي. پر ھو شايد فطرت جي ارتقا جي سست رويءَ جي عمل ۾ ecological balance جو حصو ھئا. ڇو جو زندگيءَ جي تڪڙي ترقي تباھيءَ جي طرف وڌڻ آ. ھو زندگيءَ جي ان چرخيءَ ۾ بس پاڻ ئي ڦرندا نظر ايندا ھئا ۽ جڏھن بارش ڪنھن طوفان جيان اچي ڪڙڪندي ھئي تہ ھي بي تياريءَ جوان ھڪ ڇٽيءَ ھيٺان ڇھہ ڇھہ لڪندا ھئا ۽ پوءِ انھن جهوپڙين مان ڪو جهور پوڙھو اچي پناھ ڏيندو ھو ۽ جڏھن ھنن جا سيءَ ۾ ڏڪندڙ ڏند واڄٽ بند نہ ڪندا ھئا تہ پوءِ ڪا چنچل ڇوڪري ھنن تي ڪھل کائي سليماني چانھہ ۽ ڳڙ جون ڳنڍڙيون ھنن اڳيان رکندي ھئي تہ ھنن جاٿڪ لھي پوندا ھئا. بارش جڏھن دنگ ڪندي ھئي تہ ھي ھلڻ جي ڪندا ھئا. ان دوشيزہ سان ملايل نظرون ۽ اشارن جون خاموش ڪھاڻيون ھنن جي حيات جون سندر ساروڻيون ئي رھجي وينديون ھيون. ديودار جي گهاٽن وڻن ھيٺان گهمندي ھنن کي انھن وادين ۾ ذرو بہ خوف نہ ھوندو ھو. ڇو جو ھو بنيادي طور بھادر ھئا ۽ ھونڇان ڏيندا نڪ ڳاڙيندا، کون کون ڪندا اچي پنھنجي ماڳ ورندا ھئا. ڀورڀن جي پرل ڪانٽيننٽل ۾ رھڻ جيترا پئسا تہ ھنن وٽ ڪو نہ ھوندا ھئا. سو آمريڪي سسٽم تحت چندو ڪري p. c ۾ چانہ پيئندا ھئا ۽ پوءِ ڳوٺ اچي ان p. c جي ڊائننگ ھال ۽ رومن ۾ رھيل راتين جون ھٿ ٺوڪيون ڪھاڻيون پنھنجي علائقي جي يارن کي ٻڌائيندا ھئا.
مريءَ جون مستيون ھنن کي الائي ڇو نہ ڀانءِ ھيون. بس ھو اڳتي وڌڻ لئہ بي تاب ھوندا ھئا. ھنن کي ڪافرستان ۽ ڪيلاش جي پرين جون ڪھاڻيون پريشان ڪنديون ھيون ھو حتي الامڪان ڪوشش ڪندا ھئا ھتان جلد کان جلد نڪرن، ڪاغان، ناران، سوات ۽ جهيل سيف الملوڪ ھنن جا اڳيان ٺڪاڻا ھئا. ھو آبشارن ۽ چشمن ڏسڻ لئہ بي تاب رھندا ھئا. ھو مانسھرا تائين بسين ۾ وڃي ڪنھن پھاڙي چشمي يا پرشور وھندڙ نديءَ جي ڪناري ٺھيل ڪنھن قھوہ خاني يا ٺيٺ قبائلي قسم جي ھوٽل ۾ ويھي چانھہ پي ھوٽل ۾ ويھي چنچل قسم جون شرارتون ھنن جا ارمان ھئا. ان لاءِ ايبٽ آباد جي ايوب ميڊيڪل ڪاليج گهمڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪا نہ ھوندي ھئن ھو اڪثر گروپن ۽ ٽولن جي صورت ۾ جيپون ڪرائي اڳتي نڪري ويندا ھئا. انھن پربتن جي ڏکين پيچرن تي جڏھن جيپون، بس اونھي کاھيءَ مان ڪرندي ڪرندي بچنديون ھيون تہ پوءِ ھنن کي شاھ پنجو ۽ پير سرڪٽيو ياد ايندا ھئا ۽ دل ئي دل ۾ باسون باسي خير سان موٽڻ جون دعائون گهرندا ھئا. ڪي تہ اکيون بند ڪري ﷲ صمد جو ورد پڙھندا ھئا انھن ۾ ڪميونسٽن جو بہ خاصو تعداد ھوندو ھو. انھن ڏورانھن علائقن ۾ گروپن ۾ ويندڙ جٿن کان علاوہ شھرن جون پوش فيمليون بہ لٿل ھونديون ھيون. ھي ڪنھن رونق واري پڪنڪ پوائنٽ تي لڏو لاھيندا ھئا. تنور جي ڊگهي ماني ۽ گوشت جو شورمو ھنن جو پسنديدہ کاڌو ھو. اتي ھنن مان موسم جي سردي گم ٿي ويندي ھئي ۽ عشق جي گرمي چڙھندي ھئن ۽ ھي نديءَ جي ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٺھيل بئنچن تي ويھي يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير پسائي ھنبوشيون ھڻندا ھئا. ھنن جي خاص نظر ھني مون ملھائڻ لئہ آيل جوڙن جي اٿڻي ويھڻي تي ھوندي ھئي. مھنديءَ ۾ رتل ڪنوار نئين گهوٽ جي اڳيان جڏھن شرمائي چانھہ جي سرڪي وٺندي ھئي تہ ھي ٿڌا ساھ ڀريندا ھئا ۽ جڏھن اھا ڪنوار ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جي ايڪٽنگ ڪندي ڪنھن پٿر تان ھرڀرو ترڪندي گهوٽ جي گود ۾ ڪرندي ھئي تہ ھنن کي پنھنجون مڱينديون ياد اينديون ھيون تہ ڪڏھن ھنن ھوٽلن تي اچي ھو زندگي جو مزو وٺندا. جنھن جون مڱينديون موچاريون ھونديون ھيون انھن وٽ سگريٽن جي ڊگهن ڪشن ۾ مائٽن سان بغاوت جو خيال اچي ويندو ھو.
”ش“ ھوندو تہ سانورو ۽ پرڪشش ھو مگر شاديءَ شده ھو ۽ ھن کي روايتي سنڌي ڀاءُ وانگر ٻي شادي ڪرڻ جو شوق ھو. ھن کي پڪ ھوندي ھئي تہ ھن کي ماءُ جي دعا ضرور لڳندي ۽ پنھل وانگر ڪا بر ۾ ڪنوار ملندس، سو ان آسري تي ھن مٺو شيديءَ کان پکين جون ٻوليون ۽ وات سان ساز وڄائڻ سکيا تہ متان ڪا منھن جي فن تي موھجي پوي. ۽ ائين ئي ھن جي نظر سوات جي ھڪڙي ھوٽل تي ڊمپل واري پريٽي زنٽا جھڙي ڇوڪريءَ تي پئي. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رھندي ھنن ۾ اوڙي پاڙي جي خبر چار وٺڻ واري عادت ھوندي آ سو جنھن فيمليءَ تي پنھنجي تاڙ جو سيٽلائيٽ فٽ ڪندا ھئا انھن جي نوڪرن چاڪرن يا ڊرائيورن کان انھن جي اڳئين منزل پڄندا ھئا. جيئن پنھنجو پروگرام بہ انھن وانگر ڪرڻ ۽ ٻہ ٽي دفعا جي اتفاقي اکين ملڻ جو اھتمام ڪيو وڃي تہ پوءِ ڪا ڳالھ ٺھڻ جي اميد ھوندي ھئي. انھن ننڍڙن ننڍڙن ھوٽلن جي مالڪن بہ ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار جي فيشن وانگر اتان جا لوڪل فنڪار ويھاريا ھئا جيڪي بانسري، دنبورو، سرندو يا چنگ وڄائندا ۽ اھي ٻھراڙيءَ جا عوامي فنڪار انھن شاھوڪارن جي اڳيان پنھنجو غم سازن جي پيٽ ۾ نپوڙي لاھي ان مان ڪا مڌر ڌن ڪڍن. سو ”ش“ کي خبر پئي تہ اھا ڊمپل واري ڇوڪريءَ جي فيملي اڄ شام ئي وڃڻ واري آھي سو”ش“ پنھنجي فن کي استعمال ڪيو ۽ ھن بانسري وڄائيندڙ ان راڳي کي سڀني سامھون چيو تہ مان وڄائيندس. پوءِ ھن بانسريءَ کي پنھنجي درد جي سحر ۾ لاٿو ۽ بانسري مست ٿي وڄڻ لڳي. واديءَ ۾ سڀ سانت ٿي ويا فقط نديءَ جو شور، اھا ڌن عجيب ھئي جنھن ۾ واديءَ جي ڪنھن ڏاڙھون جي گلن واري رنگ جھڙي ڇوڪريءَ جي چوٽيءَ جي لوڏڻ ۽ پيرن سان مست ٿي نچڻ جو خيال نہ ھو. نہ ئي ان ڌن ۾ ڪا برف جي طوفان ۾ ڦاٿل ان رڍن جي ڌڻ جي ھئي جنھن جي ڌنار پنھنجي جان بچائڻ کان وڌ رڍن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ھئي ان ڌن ۾ پھاڙن جيان غم رکندڙ مائرون پنھنجن ٻچڙن جا غم سيني مان ڪڍي انھن پرشور ندين ۾ وھائڻ لئہ تيار ھيون.
اھا پراسرار ڌن ان ڊمپل جھڙي ڇوڪريءَ کي ڏاڍي وڻي ۽ وڌي اچي پڇينس تہ تون ڇا پئي ڳايو. ھو ڀڻڪيو تہ مان پيو چوان تہ ”پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ رھي وڃ رات ڀنڀور ۾”
۽ پوءِ اھا فيملي ان جٿي سان رات رھڻ لئہ تيار ٿي ۽ ھن علاو الدين وانگر سڀني کي حيران ڪيو. علاوالدين چانڊڪا جو ڇوڪرو ھو ھو تاج پور واري نانگن جي بادشاھ نواب لغاريءَ جو شاگرد ھو. اڪثر ھڪ اڌ نانگ ان جي کيسي ۾ ھوندو ھو ۽ جڏھن ھو ڏاڪڻ تان ڇوڪرن سان گسي لنگهندو ھو تہ اھو ڪونئرو نانگ جڏھن ڇوڪرن کي لڳندو ھو تہ ٽپو کائي الاڙي نانگ آ چئي ڀڄي ويندا ھئا ۽ علاوالدين کيسي مان نانگ ڪڍي ڳچيءَ ۾ وجهي ائين گهمندو ھو ڄڻ ڪنھن ڳچيءَ ۾ لاڪيٽ پاتو آ.
ھن ”ش“ وٽ تہ نانگ ڪو نہ ھئا پر جڏھن ھن بغير ساز جي وات مان الغوزہ، چنگ ۽ بانسري وڄائي تہ اھا ڊمپل واري ڇوڪري حيران رھجي وئي. پوءِ جيستائين ھي جٿو وادين ۾ ھو اھا فيملي ھنن سان ساڻ ھئي ۽ ان سفر جون يادون ساري ”ش“ ھميشہ لاءِ ماءُ جي دعا جي اثر ھيٺ بغير ڪنوار جي ئي گهوٽ رھيو.
انھن سرد سفرن جون گرم ڪھاڻيون ھائجن ٽوئر جون خاص ڳالھيون ھيون. ڪي ڇوڪرا تہ مقامي دوستن سان اڳي ھليا ويندا ھئا. قبائلي علائقن اتر وزيرستان، فاٽا ان دور ۾ شاھراھ قراقرم ايڏو فعال نہ ھو ڪي شاگرد ھوائي سفر ذريعي، گلگت، اسڪردو، چترال بہ ھليا ويندا ھئا ۽ ڪي تہ ڏورانھن علائقن ۾ ڀشڪن سان ملي. مھاتما گوتم ٻڌ کي پڙھندا ھئا. انھن اترئين علائقن ۾ اسماعيلي فرقي جو گهڻو اثر آھي. سو ڇوڪرا اتي مذھبي معاملن ۾ گهٽ حصو وٺندا ھئا تہ متان ايمان ڪچو نہ ٿي پوين. ڪافي ڇوڪرا ڪشمير طرف بہ ھليا ويندا هئا. مظفر آباد کان اڳتي سري نگر جي بارڊر تي نڪري ويندا ھئا ۽ خاص طور تي سرينگر جون سلڪ واريون شالون وٺندا ھئا. ڪشمير جون واديون ڏسي ھنن کي ھندستاني فلمن ۾ شملي ۾ ڀريل سين ياد ايندا ھئا مگر ھي وادين ۾ زيبا بختيار جھڙي ”حنا“ جھڙي ڇوڪري رڍن جي ڌڻن سان گڏ ڳوليندا ھئا. صفا عاشق قسم جا ڇوڪرا ڍنڍ سيف الملوڪ تائين ھليا ويندا ھئا ۽ وادين جي پڙاڏن ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ محبوبا جو نالو زور سان پڪاريندا ھئا جيڪو روايتاً ٽي دفعا تہ ھنن کي پڙاڏي جي صورت ۾ ملندو ھو پر ھنن جو اميدون اڌوريون ئي رھجي ويون.
ھنن جي وڏي ۾ وڏي آرزو تڏھن پوري ٿيندي ھئي جڏھن ھو وادي ڪافرستان ۾ ڪيلاش ماڻھن جي ڪنھن شادي ۾ اچانڪ پھچي ويندا ھئا ۽ جمالي جي طرز جو اھو پھاڙي رقص ھنن لاءِ بہ ڪشش رکندو ھو تہ اتي مايون بہ اوتريون ھونديون ھيون جيترا مرد.
پاره چنار جي عالمن جي درس کان وٺي ھي مٿي خچرن تي چڙھي بہ ويندا ھئا. در خنجراب کان ڪي تہ اڳتي افغانستان بہ نڪري ويندا ھئا ان دور ۾ پاڪ افغان بارڊر کليل ھو ڇو جو مجاھدين روسي فوجن سان مھاڏو اٽڪايو ھو. ان سفر جي آخري منزل پشاور ھئي جتي سڀ گڏ ٿي باڙا مارڪيٽ مان، ڊنر سيٽ، واٽر سيٽ جوسر، ڪپڙا، استريون ائير ڪنڊيشنيون بہ وٺندا ھئا. ڪي قصه خواني بازار مان ڪڙھائي کائي اسلاميه ڪاليج جي سير کي ترجيح ڏيندا باقي ڪجهہ ڇوڪرا ننڍا، وڏا ھٿيار، پستول، ريوالور بہ وٺندا ھئا. ڪجهہ تہ بندوقون بہ بسترن ۾ لڪائي ايندا ھئا ۽ ائين پشاور مان ريل جو سفر شروع ڪري، موھن جي دڙي ايڪسپريس ۾ اچي لاڙڪاڻي کان سيوھڻ، حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين پنھنجن پنھنجن ماڳن تي لھي پوندا ھئا.
ڪڏھن ڪڏھن اھو ھائجن ٽوئر بلوچستان واري علائقي کان بہ شروع ٿيندو ھو. بولان لڪ جي نالي بولان ميل چانڊڪا جي پسنديدہ ٽرين ھئي ۽ جڏھن سيوھڻ ۽ سيتا کان چڙھندڙ چانڊڪا جي ڇوڪرن لئہ پٺاڻ در نہ کوليندا ھئا تہ انھيءَ ميل ۾ ڪي دنگا فساد بہ ٿيا. سو بولان ميل جڏھن لاڙڪاڻي اسٽيشن تي آخري وسل ڏيندي ھئي تہ پوءِ چانڊڪا جي ڇوڪرن جي ڄڻ مشڪريءَ جي راند شروع ٿيندي. اڙي خيال ڪجانءِ تون ٿورو سھڻو آھين پٺاڻ ڀائين کان خيال ڪجانءِ. اڙي تون تہ مڻ کڻ نسوار وٺي ميھڙ ۾ مائي جي دڪان تي مائي ۾ ملائي ماڻھن کي کارائجانءِ گراھڪي ڪاڏي نہ وئي ٿي. اڙي تون تہ پٺاڻ جي گيتلي وانگر منھن ڪيون ويٺو آن سو بولان جي سفر ۾ مثال ۽ لطيفا پٺاڻن تي ھوندا ھئا جيڪي نہ ٿا لکي سگهجن ۽ جڏھن ريل رڪ اسٽيشن تان گذرندي ھئي تہ سنڌو ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نوائڻ وارا ڀڳت ڪنورام جي شھادت واري جاءِ پنھنجو سرُ نوائي ھلندا ھئا. صوفين جي شھادت ھڪ ئي درجي ۾ ھئي اھا حضرت عنايت شھيد جي ھئي يا منصور جي، مخدوم بلاول جي ھئي يا سرمد جي سفر جو اھو سوگوار عرصو ھنن کي ڪافي پري وٺي ويندو ھو ۽ ڪنھن خاموش سيٽ تان آلاپ اٿندو ھو.
ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان
۽ صوفي ڀڳت ڪنور جو روح ھنن کي رڪ اسٽيشن جي ڀرسان بيٺل نم جي گهاٽن وڻن جي ويڪرن ٿڙن جي ڀرسان الوداع چوندو ھو ۽ پوءِ ھو رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي ڇولين ۾ موهيل ماڻھن جا ڏيئا ڏسندا ھئا جيڪي جگنوءَ جي جوت وانگر ٻري نہ وسامندا ھئا پر ٻرندا ئي نظر ايندا ھئا ۽ اسٽيشن جي سناٽي ۾ ھنن کي ڇير تي ڀڳتي انداز ۾ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ھو تہ
نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو
۽ ھي اسٽيشن جي ان لوھ جي ريل کي اھو بجرو سمجهندا ھئا جنھن جي خيريت جي دعا ھنن جي تحت الشعور ۾ ڀڳت رام جي آواز م ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي. ھي شڪارپور جي مائي ۽ مٺائي ۽ قلفيءَ کان وڌيڪ سانولي بڙديءَ تي بحث ڪندا ھئا جنھن کي انگريزن ڦورو ڄاڻائي ڦاھي ڏني ھئي. ھي آر. بي. يو. ٽي اسپتال جي افتتاح ڪندڙ ايڇ. ٽي. سورلي تي نہ ڳالھائيندا پر راءِ بھادر اوڌراس تاراچند جي ان ڳالھہ تي ڳالھائيندا ھئا تہ ان وقت 1935ع ۾ ھڪ لک چندو ڏنو. جڏھن نہ ھيروئن کپندي ھئي نہ وري ٺيڪن تي ايڏي ڪميشن ھئي پر اھا ديوان جي دل ھئي. ۽ آخر ۾ بہ ھو بمبئيءَ ۾ ان اسپتال لئہ فنڊ جمع ڪندي ديھانت ڪري ويو. گهڻن جي تہ اھا دل ۾ خواھش ھئي تہ انھن جو نالو بہ ڊاڪٽر غلام محمد اعواڻ يا ڊاڪٽر حيدر پٺاڻ وانگر ان اسپتال جي بورڊ تي لکجي.
شڪارپور اسٽيشن تي ڇوڪرا پنھنجي مائٽن کي چوندا ھئا تہ اسٽيشن تي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ڏئي وڃجو. ھونئن بہ اسان آرڊر ڏيڻ ۾بدنام آھيون جي چانہ دير ڪندي آ تہ چوندا آھن تہ اڙي شڪارپوري چانھہ نہ چئي اٿئي.
گاڏي جڏھن جان جيڪب آباد جو شھر ڇڏيندي ھئي تہ ھو بلوچستان جي گهڻي زمين ۽ گهٽ آباديءَ واري خيال ۾ کوئجي ويندا ھئا ۽ گهڻا مرين ۽ کوسن بلوچن ۽ ڄاموٽن جون انگريزن خلاف مزاحمت جون ڪھاڻيون ٻڌائيندا ھئا. ڪي ليڊر تہ مچ ۾ اک بند ڪري ويھندا ھئا تہ متان مستقبل ۾ مچ جيل جي ياترا نہ نصيب ٿئي پر ھڪ ڳالھہ چانڊڪا جي ڇوڪرن ۾ ضرور ھئي تہ ھو ڏاڍا ڊسپلينڊ ھئا ۽ انھن ۾ برڪن ھيڊ ڊرل کان بہ وڌيڪ ڊسيپلين هو، برڪن هيڊ جهاز ۾ تہ جوان سپاھي ڪنھن ڪمانڊر جي حڪم تحت آرڊر ۾ آيا پر ھي تہ بغير ڪمانڊ جي بہ ٽرين ۾ پوڙھن ۽ ٻارڙن کي اڳ موقع ڏيندا ھئا ۽ پاڻ قطار ڪري بيھندا ھئا ۽ ڪول پور اسٽيشن تي ھڪ ڇوڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو. ٽرين مان ٿاٻڙجندڙ ھڪ پوڙھي کي پنھنجي پوري طاقت سان جان تي کيڏي ھڪ ھٿ سان پنھنجي دٻي ۾ ڇڪي ورتو.
ڪوئيٽا جي ٿڌ تہ ھنن کي ايڏو ڪونہ چيڙائيندي ھئي مگر ڪن کي 1935ع ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيل پنھنجا مائٽ ياد ايندا ھئا ڇو جو ان وقت ۾ تمام گهڻا سنڌي ماڻھو ڪوئيٽا ۾ ڪاروبار ڪندا ھئا ۽ اھو افغانستان تائين شامل ھو خاص طور تي اناج، ڪپڙو، آچار وغيرہ.
بولان ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ڪنھن ھڪ جاءِ تي لڏو لاھڻ کان پوءِ ڪي حنا، ڪي اڙڪ ھليا ويندا ھئا تہ ڪي وري گلستان ۽ چمن جي بسين ۾ چڙھي افغانستان بارڊر تان سستي خريداري ڪري ايندا ھئا.
انھن ڏينھن ۾ چانڊڪا جا ڪئي ڇوڪرا تفتان بارڊر تان ايران مان مقدس ياترائون ڪري زوار بہ ٿيا تہ ڪي سيوھڻ مان فقيرن جي ٽولن سان گڏجي لاھوت لامڪان بہ ويا ۽ لاھوتي سڏيا ويا. ڪن تہ باقاعدہ حج بہ ڪيا، ڪي سرنديءَ وارا يورپ ۽ آمريڪا بہ گهمي آيا.
پر گهڻو تڻو شاگرد وزٽ ويزا تي ٿائيلنڊ ۽ ھانگ ڪانگ جو سير ڪري ڪينٽينن تي پتيا جي سيڪس فري بيچن جون ڪھاڻيون ٻڌائي ٻين جي وات ۾ مکيون وجهندا ھئا.
اوھان بہ سوچيندا ھوندئو تہ وات ۾ مکيون ڪيئن ٿيون پون سو انھن جو سنڌي داستان گوئن وارو اھڙو انداز ھو تہ ڇوڪرا ٿائيلينڊ جي چڪلن جون ڪھاڻيون وات پٽي ٻڌندا ھئا ۽ انھن کليل واتن ۾ مکيون هليون وڃڻ تہ فطرتي آھي.
حبيب ڀٽو تہ آدرشي ھو پر ھن کي ڇو سسئي ياد ايندي ھئي. سو سيوھڻ کان ھڪ دفعو لاھوتين جي لڏي سان ويو ۽ پوءِ الائي ڇو فقيراڻي لڏي کان متاثر ٿيو. پليجي صاحب جو پوئلڳ ڏاڍو سمارٽ ڇوڪرو ھوندو هو. ان جو مطالعو سٺو ۽ ڳالھ کي پيش ڪرڻ جي مھارت رکندو هو. مگر پوءِ scarification يا قربانيءَ جي ھڪ پيچيدہ مسئلي ۾ ڦاسي پيو. ھن جو سوال ھوندو ھو تہ آخر ڇا ڳالھ آھي جو ماڻھو پنھنجي ضرورتن کان بي نياز، پنھنجي سماج جي adaption جي فطرتي عمل کان پري ٿو ھليو وڃي، ڇا ھن جي ذھن ۾ ڪو قربانيءَ جو فيڪٽر آھي ڪو انسان جي اندر ان قربانيءَ جو جين آھي. ھن اشوڪا کان اڄ تائين يوناني ڏند ڪٿائن کان آفريڪا جي قبيلن تائين ماڻھوءَ جي سرنمائي جلاد کان سسي لھرائڻ جي پويان ڪھڙي ڪرامت ۽ ڪھڙو منطق آھي ھو ڄاڻندو ھو تہ حق ۽ باطل جي جنگ ۾ حضرت عيسيٰ ؑ کان وٺي حضرت امام حسين ؑ تائين تہ ڳالھ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر عام ماڻھوءَ جو دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو ڪھڙو منطق آھي. ڪنھن جو ديويءَ کي خوش ڪرڻ لئہ پنھنجو رت ڏيڻ جو ڪھڙو منطق آھي پوءِ ھو ساڳي ڳالھہ سماج جي جوڙ جڪ ۾ ڳولڻ لڳو تہ مفاد کي ڇڏڻ ۽ حاصل ڪرڻ ۾ ڀلا انسان جي ڪھڙي فطرتي جبلت يا لاڙو آھي.
سو ايتري قدر جو چانھہ پياريندڙ ۽ مفت جي چانھہ پيئندڙ شاگرد جي رويي تي ڳالھائيندو هو ۽ پوءِ ان منطق ۾ منجهي پيو ھن ان سوال جي جواب ڳولڻ لئہ ڏاھن کان دانشورن تائين، صوفين کان سياڻن تائين، موالين کان مولوين تائين ۽ پوڙھن کان جوانن تائين پتو ڪيو.
پوءِ ھو ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کان ٿيندو، سامونڊي ڪنارن جا شھر حب، پسني، گوادر، پنجگور لتاڙيندو ايران جي بارڊر واري شھر مندبلو تائين پھتو ۽ ھن مڪرانين کان وٺي بلوچن تائين، پنجابين کانوٺي فارسين تائين ، عيسائين کان پارسين تائين سڀني سان فڪري نشستون ڪيون ۽ پنھنجي ڪلنڪ بہ ھلائيندو رھيو. پر پوءِ ھن مٿان آفتون ڪرنديون ويون ۽ چانڊڪا جو ڏاھو سماج جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ روايتن جي ورچڙھي ويو. سکر ۾ حبيب ھوٽل جي اھا ڪنڊ اڃان بہ سڃي لڳندي آ جتي چانڊڪا جو اھو سيلاني پنھنجي سفر جا داستان ٻڌائيندو ھو دعا ڪيوس تہ ھن جون مصيبتون معاف ٿين. ﷲ تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. آمين.
ھائيجن ٽوئر کان پوءِ ٻيو وڏو ٽوئر چانڊڪا جو سنڌ ٽوئر ھوندو ھو جيڪو گهڻو ڪري چانڊڪا جي بسن ۾ ئي ٿيندو هو. انھن بسن مان ھڪ بس مڪمل ايئر ڪنڊيشنر ھوندي هئي ان ۾ ويھڻ سان جهاز جھڙو ماحول ھوندو هو اھا بس چانڊڪا لئہ حڪومت ايران تحفي ۾ ڏني ھئي جنھن کي ايراني بس چوندا هئا. ٻي ھوندي ھئي مشھور بدر ڊرائيور جي، بدر جي بس ۾ خاص ڳالھہ اها ھوندي هئي تہ بدر وٽ ڪامريڊن کان وٺي مولوين تائين ڪيسٽون ھيون ۽ بدر جي بس جي ٽيپ بہ سٺي ھوندي ھئي جنھن لاءِ شاگرد بدر جي بس ۾ ويھڻ پسند ڪندا ھئا. ان ٽوئر جا ٻہ روٽ ھئا ھڪ سکر کان ڪراچي ۽ ٻيو سيوھڻ واري رستي کان وايا ڄامشورو ڪراچي انھن ٽوئرن ۾ ڪن ۾ ڇوڪريون ساڻ ھونديون ھيون تہ ڪن ۾ نہ. بس جڏھن لاڙڪاڻو ڇڏيندي ھئي تہ نئين ديري واري ڪارپيٽ روڊ تي ڄڻ زيتونن جي باغن مان ترڪندي پئي وڃي. ڇوڪرا انھن زيتون جي وڻن سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ زيتون امن ۽ فخر جي نشاني آھي ان لاءِ اولمپڪ جي کٽيندڙن کي زيتون جون ٽاريون ۽ امن جي ڪبوترن کي زيتون جي ٽارين تي ويھاريو ويندو آھي ۽ خليل جبران بہ زيتون جي سحر کان نہ نڪري سگهيو ان لاءِ ھو فخر سان ڏسيندا ھئا تہ اسان وٽ تہ زيتون جا ٻيلا آھن اسان جي ڌرتي ئي اسان جي امن پسندي ۽ وقار جي شاھد آھي. مگر ڪي ڪي ڇوڪرا زيتون کائڻ کان ڪيٻائيندا ھئا ڇو جو اڃان تائين ڪراڙيون زيتون کائيندڙ ٻارن کي رھڙ ڏئي چونديون آھن ڇورا زيتون کائي پاڻي نہ پيئجان متان وائي يا قول (ھڪ قسم جو gastro entritis) نہ ٿي ان لاءِ ڇوڪرا زيتون کائڻ کان اڳ پنھنجو سمورو پاڻي ھاري ڇڏيندا هئا جيئن پاڻي ھوندو ئي نہ تہ پيئندا ڪيئن.
۽ جڏھن بس لکيءَ واري موڙ کان سکر واري روڊ تي چڙهندي ھئي تہ ھي موسم آهر ڪڻڪ يا سارين جي چھچ ساين پوکين جي نظارن ۾ کوئجي ويندا. دٻن ۾ بيٺل ڪنول جا اڇا ۽ گلابي گل پرينءَ جي پرنور اکين جو تاثر ڏيندا ھئا ۽ ھي انھن ٽٻڻين ۽ سَرَ جي تيلي تي ويٺل انھن مينائن کي انھن جي اندر جي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ ڪھاڻين تي سوچيندا ھئا ۽ جھان خان جي اسٽاپ تائين معصوم شاھ جو منارو صاف نظر ايندو ھو تہ ڪو شرارتي ڇوڪرو اٿي ڪري رڙ ڪندو ھو تہ اڙي اسماعيل تون سکر جو آھين بي شرم ھن مناري جي شڪل تهpelvis جي ميل آرگن وانگر آھي. اڙي مان بہ چوان تون surface anatomey ايڏي ٿو ڄاڻين ۽ پوءِ مان ورائي ڪري چوندو مانس ابا وڻئي ٿو تہ پٽي وڃي گهر ھڻينس ۽ پوءِ ٽھڪڙا ھوندا ھئا.
بسيون يا تہ انٽر پاڪ جي اڳيان واري پلاٽ ۾ بيھنديون ھيون يا وري مناري جي در ٻاھران چوڙي بازار جي دروازي وٽ ۽ پوءِ ڪن کي جن کي چوڙيون نہ بہ وٺڻيون ھيون تہ زوري وڃي وٺندا ھئا ھڪڙي ڇوڪري کي تہ شوق ٿيو تہ ھو بہ ماين کي چوڙيون پارائي دڪاندار بہ زندھ دل ھو ھن کي چوڙيون پارائڻ سيکاريانس ۽ چيائينس تہ باقي ٻيا ھلو نہ تہ گراھڪ ٽھندا ۽ پوءِ اھو ڇوڪرو ڊوڙندو سھڪندو ٽولي ۾ پھتو. ابا چوڙيون پارائي آئين يار ڳالھہ ئي نہ پڇيو جڏھن ھڪڙي مائيءَ کي ھٿ وٺي چوڙيون پئي پارايون تہ مون کي الائي ڇا پئي ٿيو. سو يار ڳالھ ئي نہ پڇو. مان ڀلا ڪو چوڙين وارو آھيان ڇا ۽ ان ئي سمي ڪي مٿي ورائي ڏسندا ھئا تہ مناري جو جهنگلو ھنن جي ساٿين سان ڪبوتر جي پڃري وانگر سٿيل نظر ايندو ھو، ايندڙ کان پيرائتو احوال ورتو ايندو ھو. يار چڙھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، چوراسي ڏاڪا اٿس پوءِ مذاق ۾ چوندس تہ ھا يار مناري تي بہ ڪو دل وارو چڙھي واقعي ئي مناري تي چڙھڻ ڏکيو آ ۽ ٽھڪڙو.
يار ماڻھو پتڪڙا پئي نظر آيا. ڪي شرارتي وڃي لوڪس پارڪ ۾ چوبازين سان چانھہ جي ڪيٽلي تي شرط رکي چانھہ پيئندا ھئا تہ ڪي پراڻي سکر جي گهٽين ۾ ھيمو ڪالاڻي جو گهر ڳوليندي موسوين ۽ معصومين جي قبرستان ۾ قبرن اندر ان وقت جي عالمن جي اھڃاڻن تائين پھچي ويندا ھئا ۽ جيئي شاھ بادشاھ جي درگاھ تان نقل ريوڙيون کائي الم جو تيل مکي دعا گهري واپس ايندا ھئا. ۽ ائين ڪي گهمندي گهمندي لئنسڊائون پل تي پھچي ويندا ھئا ۽ تختن واري پل تان ﷲ کي ياد ڪري ٻيٽ جي پھاڙيءَ تي ان ڦٽل قلعي جي لڳل ڪتبن کي پڙھندا ھئا جيڪي آرڪيالاجيءَ کاتي وارن ھنيا آھن. ان قلعي جي قدامت جي ڪا پوري خبر نہ آھي پر چون ٿا تہ اورنگزيب جي دور ۾ دارا شڪوه ۽ شايد جھانگير ان قلعي ۾ ڪو عرصو گذاري ويا آھن پر ھنن کي سنڌوءَ جي ڇولين ۾ انھن سنڌي مھاڻن جا سر نظر ايندا ھئا جن وطن پرستيءَ جو جذبو ڏيکاري ڪئي لشڪرن کي ٻيڙين جون پليون ٺاھي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ پتنگن جيان پنھنجي ڳچين جا ڳچ وڃايا ھئا. ان ٻيٽ جي دامن ۾ ئي صدرالدين شاھ بادشاھ جي درٻار آھي جنھن لئہ اسان کي ٻڌايو ويو تہ ھندوستان جي پائلٽ جڏھن انھن فوجي نوعيت جي اھم پلين کي نشانو بڻايو تہ انھن چيو تہ ھيٺان ھڪڙو جبي وارو بادشاھ ھو جيڪو بم جهپي کيسي ۾ پيو وجهي اڄ بہ جمعرات جو اتي عقيدتمندن جو سمونڊ ۽ رابيل ۽ گلاب جي خوشبوئن جو طوفان ايندو آھي ڪي تہ انھن پلين جي انھن زنگ آلودھ پليٽن کي ڏسندا ھئا جنھن لئہ امرجليل پنھنجي ”دل جي دنيا“ جي ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ لکيو آھي تہ ھڪ انگريزياڻي انھن پليٽن کي ڏسندي ھڪ سنڌي وڏيري سان گفتگو ڪري ويٺي ۽ وڏيري ان کي پنھنجي اوطاق تي وٺي ڀنگ پياري ۽ پوءِ ان انگريزياڻيءَ جي رنگ ۾ ڀنگ پئجي وئي انھن ان انگريزياڻيءَ کي ڳوليو تہ اھا ملي تہ ھي ان کي سنڌوءَ جي ٿڌڙي واريءَ تي ويھاري فقير عبدالغفور جو ڪلام ٻڌائين تہ سنڌڙيءَ تي سرُ ڪير نہ ڏيندو سھندو ڪير ميار ۽ پوءِ پنھنجن ڪلھن تان اجرڪ لاھي ان کي مٿي تي پارائي پنھنجي دل جي عزتن جي حرم ۾ ان کي ويھارن ۽ جڏھن ھوءَ ھندستان کان گهمندي تاج محل تي ڪنھن کان راکي ٻڌرائي تہ پوءِ ان انگريزياڻيءَ کان ھنن جو چھرو نہ وسري ۽ ڪي تہ روھڙيءَ طرف ان لاھيءَ کان لھندڙ ڪنيالال ڪاٽيج جي روح ۾ ھليا ويندا ھئا تہ اڄ بہ انھن پرديسين جي من ۾ ڪنيالال ڪاٽيج جي بالڪونين مان ڏٺل سنڌوءَ جي ڇولين جا نظارا نہ وسريا ھوندا، ۽ گهمندا گهمندا ڪي وار مبارڪ جي زيارت تائين ويندا ھئا تہ ڪي وري حاجنا شاھ جي چوگان ۾ فقيرن کان ڳالھيون ٻڌندا ھئا تہ سائين مڇي مانيءَ وارو پير آھي ھتي ايندڙن کي مالي پريشانيون نہ اينديون ۽ پوءِ اھي ٻڌائيندا ھئا تہ ڪنھن وقت سنڌوءَ ۾ مڇي ۽ پاڻي ايڏو ھو جو درگاھ جي ديوارن سان جڏھن سنڌو عقيدت سان ٽڪرائيندو ھو تہ پوءِ ڏھہ سيري ڏنڀرا بہ مزار جي چوگان ۾ حاضري ڀرڻ ايندا ھئا ۽ فقير انھن کي پڪڙي وري پاڻيءَ ۾ موٽائي ڇڏيندا ھئا.
ھي ستين جي آستان تي بہ حاضري ڀريندا ھئا تہ تھذيبن جي امڙ سنڌ جون ھي سورميون روايتن ئي ڊوڙندي ڊوڙندي عزت بچائي لشڪرن کان لٽجڻ کان اڳ ئي دعائن ذريعي سنڌوءَ جي پناھ ۾ ھلي ويون. ڪي تہ ڪربلا مولا تي نائين محرم جو اچڻ جو وچن ڪري ورندا ھئا. ان ستين جي آستان تي اسان کان پوءِ چانڊڪا جي ڇوڪرن جون ھڪ جٿو گهمڻ ويو ۽ ان ۾ منھنجي استاد جو پٽ پرڪاش ٻڏي فوت ٿيو جنھن جي موت تي لکيل تاثر سارس جي پرچي ۾ ڇپيو ھو.
ھوڏانھن سنڌوءَ جي ڪناري پھتل لب مھراڻ جي ڇٻرن تي ويٺل جوڙن کي ھي نہ ڇيڙيندا ھئا چوندا ھئا تہ عاشقن جي آھ عرش تي ويندي آھي پوءِ ھي انھن عھد وچنن جي روح تائين پھچي ويندا ھئا جيڪي جوڙا اشارن ۾ ڪندا ھئا ۽ ڪنھن لال پٽي آئسڪريم واري کي سڏي ان کان پاڻيءَ وارو دٻو ڦري ان تي ڪا اداس ڌن ڳائيندا. ڪورس جي انداز ۾ ڳايل انھن جا اڌورا گانا بس ھي پاڻ ئي ڳائيندا ھئا ۽ پاڻ ئي سمجهندا ھئا ۽ جڏھن ھي واھن واري گهير وٽ پھچندا ھئا تہ ڪا ھٺيلي، مضبوط، جسم جي مائي ھنن کي مرداڻي آواز ۾ ھڪل ڪري چوندي ھئي ٻيڙيءَ جو سير پوءِ ھي پاڻ ئي ان جي ٻيڙيءَ ۾ وڃي ويھندا ھئا ۽ مائي جڏھن ونجه ھلائيندي ھئي تہ ان جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جو آواز ھي پنھنجي ڪنن سان ٻڌندا ھئا ۽ ان من ۾ ونجهہ جي لٺ وانگر اندر جون اندريون محسوس ڪندا ھئا ۽ پوءِ ڪو شاھ جو عاشق بي ساختہ جهونگاري ويھندو ھو تہ:
اندر اندريون جيئن سي وانجهي لٺ ۾
مون تن تيريون تہ ڪيئن ملبو سڄڻو.
ڪڏھن ڪڏھن ناديه ڪمونچيءَ وانگر سڄي جسم کي حرڪت ڏئي ٻيڙي ھلائيندڙ اھا ناکئي بہ ڦسي پوندي ھئي ۽ آلاپي ويندي ھئي.
ساوڪ رت ۾ سانورا
ھيل نہ آئين تون.
۽ جيئن جيئن ٻيڙي گهري پاڻيءَ ۾ ويندي ھئي ائين مائيءَ جي منھن تان وھندڙ پگهر ھن کي پنھنجي ڪسب جي قدرت ۾ وٺي ويندو ھو ۽ ھوءَ مست ٿي ٻلھڻين واري پاسي ٻيڙي ڪاھي ويندي هئي. بس ھت ٻيڙي هلڪو پلٽو کائيندي ۽ پوءِ ھو ٻيڙي ھلائڻ جي ڪمال تائين پھچي ويندي ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ ٻلھڻ متعلق ڳالھائي ويندي ھئي. گهڻين ٻلھڻن اسان جا ٻار ٻڏڻ کان بچايا آھن. اھي چيٽن تي چري اينديون ھيون، بلا جي سنگهڻ ۽ ڇھڻ جي قوت آ ھنن ۾ . گڊوءَ کان سکر تائين مٺي پاڻيءَ جون اھي انڌيون ٻلھڙيون ھاڻي نسل جي ناپيديءَ واري دور ڏي وڃن پيون ۽ ڪڏھن ڪڏھن سدا واھ جي سڪايل پيٽ ۾ بيٺل ڪنھن مئل ٻلھڻ سان جهنگلي جيوت واري اداري جو جوان انھن ٻلھڻ جون ريسڪيو جون اخباري ڪھاڻيون جاري ڪري پنھنجي اداري جي ساک بچائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مائي هنن کي گهلي وڏي پاڻيءَ ۾ بہ وٺي ويندي هئي ۽ پوءِ مڪڙي کي بہ مستيءَ ۾ اچي ويندي هئي ۽ وري هي ٺينگ ٽپا ڏئي لب مھراڻ واري بند سان هلندا. درياه بادشاھہ ۾ بيٺل دنگين اندر درد جي ڪھاڻي پڙهندا ويندا هئا. ڳٽي تي هٿ رکي ڪنھن گهري سوچ ۾ گم جهور پوڙهي، مانيءَ جي اڌ تي وڙهندڙ اڌ اگهاڙا چار ٻارڙا ۽ پنھنجي انگ ڍڪڻ کان بي نياز ڦاٽل ڪپڙن ۾گهر مالڪياڻي ۽ بابو ٻيڙي پيئي وڏي کنگهہ ڪندڙ اڌيڙ عمر جو همراھہ، هي سوچي سوچي چريا ٿي پوندا هئا اهي اولڊ مين ۽ اينڊ سي ناول جي ان پوڙهي جو جديد روپ اهي ڏسندا هئا جيڪو همٿ نہ هاريندڙ هو ۽ پوءِ هي ٽپ ڏئي ڀت تي، ڦٽ پاٿ تي هلندي هلندي لانچ موڙ تان گذري، مسڻ جي اونھين ڀتين ۾، چتائن مان پرواز ڪيل روح محسوس ڪندا هئا ۽ تڪڙو تڪڙو هي مياڻي روڊ کان ڦرندا وچ بازارين ۾ ڪاهي پوندا هئا ۽ هي دڪاندارن کان اجايا اگهہ پڇائي، ڊون ريسٽورنٽ جا سموسا کائي، پهلوان جي نھاريءَ جي پليٽ چٽي وري اڳئين سفر تي اسھي پوندا هئا. سکر بئراج تان گذرندڙ بسين مان هي منھن ڪڍي چوٽيھون در ضرور ڏسندا هئا جتي نسيم کرل جي ڪھاڻي جو لاش ڦاٿو هو ۽ ايريگيشن جو اهو داروغو سکر ۽ روهڙي تائين ڀڄي ڀڄي ساڻو ٿي حد جي قانوني مسئلي ۾ ڦاٿل پوليس کان بيزار ٿي اهو لاش لوڙهي ڇڏيندو هو.
ڪڏهن بسيون خود ساختہ اروڙ طرف وڌي وينديون هيون ۽ ڊگهن کجين جي ٻيلن مان گذرندڙ اهي بسيون انھن روايتن کي ڳوليندڙ انھن ڇوڪرن کي منجهائي وجهنديون هيون تہ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ عرب فوج جي ڦٽي ڪيل کوکڙين مان اهي باغ پيدا ٿيا آهن.
انھن ئي ٻيلن مان اروڙ جو مست ڀڳو هو ۽ ان اروڙ جي پھاڙي ۾ پناھہ ورتي هئي پر هي نہ تہ جيئسِين جي پيءُ ڏاهر جي تخت گاھہ ڏي ورندا هئا جيڪو ڪيترن سالن کان قومپرستن جو قومي هيرو هو. اروڙ جي فتح کان ڦٽڻ تائين هي تاريخ ڄاڻندا هئا ۽ پھاڙين جي دامن ۾ انھن پنڊپھڻ جسمن کي ڳوليندا هئا جن کي انگريزيءَ ۾ fossils چئجي ٿو. قدرتي معدنيات سان مالا مال ٽڪريون وڃي ڪوٽڏجيءَ مان نڪرنديون هيون ۽ هي ماٿرين جي وادين جي ٻئي پاسي ٿر جي وارياسي سرزمين ڏسي ان عجيب ٽرينگل ۾ ڦاسي پوندا هئا. جتي زندگي هڪ ئي وقت سخت ڪٺن، خوشحال اڃايل ۽ ويران هئي. ڪالڪا جي مندر جي قدامت اتان جي تھذيب جي رهجي ويل ڌرمي عروج جي شاهد هئي، پر انھن پھاڙن سان ڪڏهن ڪڏهن هي ازخود ڳالھائي ويھندا تہ پھاڙ هتان جي عظيم ماضيءَ تي روئي پوندا. غير موسمي ابرجون بوندون پھاڙين جي گرم هوا کي پنھنجي تھذيب جي ٿڌاڻ ۽ حڪمت واري انداز ۾ بدلائي ڇڏينديون ۽ هي ڊگها ساھہ ڀري پنھنجا ٿڪ لاهيندا هئا. پنھنجي ماضيءَ جي حسن ۾ کوئيل هي ڇوڪرا تڏهن جاڳي پوندا هئا تہ جڏهن بس ڊرائيور رڙ ڪري چوندو هو سائين هلڻ جي ڪيو اڃان شادي شھيد ۽ ادهم سلطان تي بہ هلڻو آهي پوءِ هي پھاڙين سان پنھنجي ذهني مضبوطيءَ جو سنگراسي وچن ڪري ايندا هئا پر انھن پھاڙن جي دامن مان نڪرندڙ ۽ ڦريندڙ قيمتي معدنيات جي آمدنيءَ مان علائقي جي صحت تي ڪو بہ اثر نہ پيو هو. ميرانجهڙا چھرا، گوڏن تي ڌوتي، ڦاٽل چولو، ڇڳل ڇٻا هتي جي مقامي مزدورن جي چھرن تي اهي ئي ڪرب جون لڪيرون هنن جي گهرن ۽ علائقي جون حالتون پاڻھي ڏسي وٺنديون هيون. هي ڪوٽڊيجيءَ واري علائقي کان يا خيرپور واري علائقي کان انھن پھاڙي بزرگن تي پنھنجي عقيدت جا گل نڇاور ڪري ايندا هئا جن سوين سال اڳ هتان جي ماڻھن ۾ علم جي روشني پکيڙڻ چاهي هئي پر اڄ انھن ڪٺن منزلن وارن مرشدن تي فقط اندر جي عقيدت رکندڙ پانڌيئڙا ئي پھچي سگهندا هئا.
بسيون جڏهن دروازن واري بئراج ڇڏي ابل واھہ کان موڙ کائينديون هيون تہ هنن کي سکر جيل جي برج تي هيمون ڪالاني ڀليڪار ڪندي نظر ايندو هو ڇو جو هنن مان بہ گهڻا تہ آزاديءَ جي راھہ جا راهي هئا. انھن جيل جي ديوارن اندر هنن جا سياسي قيدي ڀائر قيد هئا ۽ تڙ تڪڙ ۾ هي برج جي سپاهين کي هٿ لوڏي هنن کي علامتي سلام موڪلائي ڇڏيندا هئا. سکر کان خيرپور واري نخلستان جي حسن ۾ هنن کي بس مير علي نواز ئي گهمندو نظر ايندو هو ڇو جو عشق جواهو شهزادو ان رياست جو والي هو جيڪا پنھنجي قيمتي حسن ۽ آمدنيءَ ڪري مشھور هو پر گهنگهرو جي هڪڙي ڇم ڇم هن جي اندر کي جهنجهوڙي ڇڏيو هو.