اَمُھاڳ
يادگيريون سنڀالي رکڻ ۽ وري انھن کي قلم بند ڪري حال ۽ مستقبل سان جوڙي رکڻ بہ ھڪ فن يا سائنس آھي. اھا ڪمال مھارت مون ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو جي ھن يادگيرين تي مشتمل ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ پنھنجي اوج تي ڏٺي.
ڊاڪٽر صاحب علم ۽ ادب سان عشق رکندڙ صوفي سوچ جو مالڪ آھي، سنڌي ٻولي جي لفظن جو بي بھا خزانو سندس ميراث آھي. وري انھن لفظن کي پنھنجي تحريرن، تقريرن، مقالن شعر و شاعري ۾ موتين جيئان جوڙي جيڪي بيھارڻ جو ڪمال فن اٿس. پنھنجي طبيعت ۾ قياس ڪرڻ وارو، کل مک، حاضر جواب ۽ مزاح جو مزاج رکڻ وارو دلبر ماڻھو آھي.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج شھيد ذوالفقار ڀٽو جي سنڌ جي نوجوانن لاءِ 1973ع ۾ ڏنل ھڪ تحفو آھي جنھن ۾ سنڌ جي ننڍي وڏي شھر ۽ جهر جهنگ جي نوجوانن کي علم حاصل ڪرڻ جو معاشي بدحالي مان نڪرڻ جو موقعو مليو. ساڳي وقت سياسي ۽ نظرياتي سجاڳي بہ پنھنجي عروج تي پھتي. 70 ۽ 80 جا ڏھاڪا سڄي دنيا ۾ سياسي اٿل پٿل جا دور ھئا. ھڪ طرف سوشل ازم تہ ٻئي طرف ڪيپيٽل ازم جا طرفدار ھئا. اڪثر ترقي پسند نوجوانن جا ھيرو ياسر عرفات، ھوچي منھہ، مائوزي تنگ، لينن ۽ فيڊل ڪاسترو ھئا. سو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج بہ ان نظرياتي جنگ کان بچيل ڪين ھو.
وري 5 جولاءِ 1977ع تہ حاڪمن ٻارڻ ٻاري ڇڏيو جو ڊڪٽيٽر ضياء الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ظلم جو راڄ قائم ڪيو. آخر 4 اپريل 1979ع ڀٽو صاحب کي ڦاھي ڏني وئي.
ان سڄي دور وري چانڊڪا کي سياست ۽ مزاحمت جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ائين پيو لڳندو ھو تہ نہ صرف ملڪي پر عالمي سياست جو مرڪز بہ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج آھي.
ان دور جي سياسي ھل چل، اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن جا ھوڪرا ۽ تقريرون، جلسا ۽ جهيڙا ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب مھارت، سچائي سان قلم بند ڪيا آھن جي چانڊڪا جي تاريخ جو حصو آھن.
محبتون انساني فطرت جو حصو آھن ۽ محبت قدرت جي ھر تخليق سان ڪري سگهجي ٿي پر انسان انسان سان نہ ڪندو آھي. ماڪو صاحب ھن ڪتاب ۾ محبت ڪرڻ وارن جي مرڪن سان بہ ڳالھايو آ تہ وري لُڙڪن سان بہ نڀايو آ پر پاڻ ٿورو پاسيرو رکيو اٿس پر سندس نثر ۽ نظم اندر ۾ لڪيل آھن جو پاڇو ڏين ٿا.
سندس ھڪ تخليقي خط جيڪو آخري سال جو شاگرد پنھنجي محبوبہ کي گهر جي ايڊريس تي لکي ٿو اھڙي انداز ۾ تہ جيئن ان جو پيءُ ان جو اصل مفھوم سمجهي نہ سگهي. اھو ڏاڍو دلچسپ آھي. ٻيون چلولايون بہ پڙھڻ جهڙيون آھن.
ھڪ نرم دل ۽ احساس رکڻ واري فرد ھجڻ جي ناتي ڊاڪٽر صاحب مريضن جي دردن کي بہ پنھنجو سمجهي دل ۾ جاءِ ڏني آھي انھن جي پيڙا جو عڪس سندس نثر ۽ شاعري ۾ ڀرپور عيان آھي. شيخ زيد اسپتال جي ليبر روم جي ٻاھران ويھي سندس لکيل نظم پڙھڻ جوڳو آھي. ھڪ ٻيو نظم ”حرامي ٻار“ بہ سندس ھڪ سوچ جو مظھر آھي.
پنھنجي استادن سان سندس چلولايون ۽ نوڪ جهوڪ کي بہ دلچسپ انداز ۾ لکيو اٿس. خاص طور ENT جي پروفيسر حسن صاحب ۽ ڊاڪٽر ﷲ بچايو ميمڻ ۽ پيٿالاجي جي امتحان ۾ زبير صاحب سان مڪالما مزاح سان ڀرپور آھن. وري شيخ زيد اسپتال جي ليبر روم ۾ ھائوس جاب جي پھرين ڏينھن ڊيوٽي تي ڇا ٿيو!؟ واھ واھ
اعظم ٻگهيو کي ڊاڪٽر صاحب واءِ وا جي تياري ڪرائي جنھن فارما ڪالاجي جي امتحان ۾ اسپرين جا Side effect ٻڌايا
”سائين خالي پيٽ ۽ بدھضمي مين نہ لين”
”بچون ڪي پھنچ سي دور رکين”
”طبيعت زيادہ خراب ھو تو ڊاڪٽر سي رجوع ڪرين. . . . !”
ڊاڪٽر صاحب چانڊڪا جي جونيئر ۽ سينئر بيچن سان سياسي، ادبي ۽ طنز مزاح سان ڀرپور واقعا ائين تحرير ڪيا آھن جو پڙھندڙ اڄ بہ ان جي سحر ۾ سمائجي ان دور ۾ ھليو وڃي ٿو. مون اھو ڪتاب 2 دفعا ان ڪري پڙھيو جو جيڪو ڪجهہ لکيل آھي مان ان جو اکين ڏٺو شاھد آھيان اھو ان ڪري جو مان1976ع (چوٿين بيچ) کان 1995 تائين چانڊڪا جي چوديواري ۾ پڙھڻ کان نوڪري تائين ھر اٿل پٿل ۽ واقعن کان باخبر رھيس. شايد ان ڪري ئي ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي اَمھاڳ لکڻ لاءِ مون ناچيز جي چونڊ ڪئي. تنھن لاءِ سندس مھرباني.
چانڊڪا ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ علمي ۽ ادبي پروگرام ۽ شامون، تقريري مقابلا ۽ اسپورٽس ويڪ وغيرھ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏجي ملھائيندا ھئا جن ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو ۽ اعظم ٻگهيو جا ڪمينٽري باڪس مان جملا ۽ ٽھڪ ڏياريندڙ رمارڪس تہ events جي جان ھوندا ھئا جن کي ڊاڪٽر صاحب ڪتاب ۾ دلچسپ انداز ۾ سھيڙيو آھي. واھ واھ. . . .
ھائيجن ٽوئر (Hygine tour) جيڪي لاڙڪاڻي کان بولان ميل ۾ سفر سان شروع ٿي ملتان بھاولپور، لاھور، پنڊي، اسلام آباد، شڪر پڙيان ناران ڪاغان نيلم جھلم، پشاور، خيبر، ڪافرستان ۽ ڪشمير تائين وڃي دنگ ڪندا ھئا. انھن ٽوئرز جو سربستو ۽ دل لڀائيندڙ احوال ڊاڪٽر صاحب پنھنجي مخصوص احساسن، آشائن سان ھڪ جاءِ تي سھيڙي وڏي مھارت سان لکيو آھي. پڙھندڙ ائين محسوس ڪندو تہ ھو بہ ريل جي درين مان اڻڄاتل محبوبن سان اکين جا پيچ ملائيندڙ سفر ۾ شامل آھي. . !
ڪاليج کان اسپتال کڻي ويندڙ بس جي ڊرائيور، ميس جي ماني ۽ بورچين کان وٺي مُني، ڪڪڙ ۽ خميني جي ڪينٽين وري شيخ جي چانھہ ۽ چانڊڪا جي اڻوسرندڙ ڪردار ھاسٽل ۾ ڪمرن تي چانھہ جو پھچائيندڙ چانڊيو جو ھوڪو ”چانڊئي جي چانھہ ملڪروز“ ۽ قيوم جا ڪباب ۽ العباس ھوٽل جي ذائقيدار گوشت جي ڪڙھائي جا ذڪر ڪتاب جي خوشبو آھن. دلچسپ واقعا جھڙوڪ: شيخ زيد ڪالوني کان شاگردن جو گڏھ گاڏن تي چڙھي ڪاليج اچڻ. . ! ڇو. . !؟ ۽ وارڊن ۾ ھسٽري وٺڻ وقت مريضن کان عجيب و غريب سوال ۽ جواب ٻڌڻ. . . !
مثال: صبح کان ھڪ ٽڪي بہ اسپتال مان نہ ملي آھي رھندو نرس صبح جو دڙڪا ڏنا آھن. . . ! اھڙي ماني تہ اسان جيل ۾ بہ نہ کاڌي آ. . . . زناني وارڊ ۾ اڌيڙ عمر مائي کان ماھواري لاءِ سوال ڪرڻ ۽ موٽ ۾ مائي چيس تہ وڃ پنھنجي ماءُ کان پڇ. . . بي حيا ڇورا. . . . !
پنج ڇھہ سالن جي شاگردي واري عرصي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو چانڊڪا جي ھر وڻ، رستي، درو ديوار، پکين ۽ ھوائن سان بہ پئي ڳالھايو آھي. حسن جواني جي ناز نخرن کان وٺي مريضن جي پيٽ جي سور تائين انساني اھنج، احساس، خواھش، جذبن ۽ مجبورين کي پنھنجي خاص نظر سان لفظن ۾ قيد ڪيو آھي جو نھايت پڙھڻ جوڳو ۽ سبق آموز پڻ آھي.
مشڪل سان ئي اھڙو ڪو چانڊڪا جو رنگ ھجي جو ڊاڪٽر صاحب جي قلم کان لڪل ھجي، ڪمال جي ياداشت ۽ لکڻ جو ڏانءُ اٿس جو پڙھندڙ چانڊڪا جي پولار ۾ گم ٿو ٿي وڃي. . . . ! ۽ ٻيا اھڙا خوبصورت ۽ دل کي ڇھندڙ گيت، نظم ھن ڪتاب جو حصو آھن.
سندس لکيل ڪتاب ۾ ڪجهہ شعرن ۾ ذڪر؛
1. ڊڄڻا ماڻھو ڀاڙي تي جلاد گهرايون ويٺا ھِن!
2. اڄ لال لھو جي سرگم تي ٿي ڌرتي منھنجي رقص ڪري. . !
3. تون لاشن تي ٿو ڏند پٽين، مان لڙڪ انھن تي لاڙيان ٿو.
4. چنڊ تون جيڏو ڏور وڃين ٿو
ايڏو توسان پيار وڌي ٿو
5. موٽي او چانڊوڪي ايندي
مون کي واپس ڪرڻا ملندا
منھنجا سپنا پورا ٿيندا
6. ارھن اگهاڙي سامھون بيھاري
رنگين اڪيلي شام ڏين ٿا
۽ انھن جي بدلي مون کان ڌرتي جو پيار گهرن ٿا
پر منھنجو ڪنڌ انڪاري ٿئي ٿو
پوءِ سنگينن سان سوچ چٿين ٿا.
7. اسان کي رڳو ڪنھن ورائي ڏٺو
سور سوز، درد، پيڙا ۽ ڪرب
پاڻھي مات ٿيو
روح ٻيھر حيات ٿيو
8. مون کي ڳولي وٺندي آن،
منھنجي من ۾ نچندي آن
مان سمجهان ٿو تون
مون سان پيار جو جهيڙو جهيڙيندين آن
۽ مون کي اجايو ڇيڙيندين آن.
ڊاڪٽر وجئہ نھال
سکر