آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ

تنھنجون منھنجون سوچون ساڳيون
تنھنجا منھنجا سپنا ساڳيا
تنھجون منھنجون راھون ساڳيون
تنھنجون منھنجون راتيون ساڳيون
تنھنجا منھنجا مارو ساڳيا
تنھنجي منھنجي ڌرتي ساڳي
تنھنجي منھنجي ٻولي ساڳي
تنھنجي منھنجي لولي ساڳي
تنھنجا منھنجا قول بہ ساڳيا
تنھنجا منھنجا ٻول بہ ساڳيا
تون ۽ مان ڄڻ گل خوشبو
تون ۽ مان ڄڻ چنڊ چانڊوڪي
پوءِ بہ تنھنجي منھنجي دوري ڇا جي
چاھت ۾ مجبوري ڇاجي
آءُ اچي مون ساڻ ملي وڃ
منھنجي جيون سان ھڪ ٿي وڃ
سڏڪي سڏڪي سسڪي سسڪي
روئي روئي، مسڪي مسڪي
ايءُ اجايو بھانو ڏئين ٿي
تنھنجو منھنجو دين ڌرم ساڳيو ناھي
مذھب جي تہ وڇوٽي آھي
تنھنجي بابا منھنجي بابا جي
ھڪ ٻئي لئہ دل کوٽي آھي
مون وٽ ريتن جون زنجيرون آھن
دين، ڌرم جون مجبوريون آھن
ھا مان مڃان ٿي منھنجو توسان پيار بہ آھي پريت بہ آھي
تنھنجي منھنجي ھڪڙي ريت بہ آھي
مان بہ مذھب کان باغي آھيان
تون بہ مذھب کان باغي آھين
ھا مان مڃان ٿي.
تنھنجو ساٿ منھنجي جيون جو سھارو آھي
پر مون کي بابا بہ ڏاڍو پيارو آھي
مان ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيان ٿي
مون کان منھنجا يار ھليو وڃ
پيارا پيارا پيار ھليو وڃ
منھنجون اکڙيون آليون ٿين ٿيون
جسم منجهان الا اٿن ٿا
منھنجا جذبا زھر اڇلن ٿا
ڇا تون جڏھن ڄائي ھئين
تنھنجي ھٿ ۾ گيتا ھئي
يا منھنجي ھٿ ۾ قرآن ھو ڪو
تنھنجي منھنجي پيشانيءَ تي
ھندو مسلم جو نشان ھو ڪو
توکي گهر ھندو ٺاھيو
مون کي گهر مسلم ٺاھيو
تون مون لئہ ڪافر بنجي وئينءَ
مان تو لئہ ڪافر بنجي ويس
پر ٻاراڻي ۾ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
گڏ رلياسين
پنھنجا مذھب ٻئي پلياسين
ھڪ ٻئي کي پيار ڏناسين
ھڪ ٿيڻ جا اقرار ڪياسين
ڇا تون ايڏي خود سر ٿي آن
پنھنجا سارا پيار ڀلي ھان
پوءِ سڏڪي سڏڪي ھوءَ چوي ٿي
تنھنجي منھنجي دوري ناھي
مذھب جي مجبوري آھي
مون کان ڏاڍو ڏور ھليو وڃ
چاھت جو ڏئي سور ھليو وڃ
لڙڪيل لڙڪيل قدمن سان
ھن جي اسپتال ڇڏيان ٿو
بي ست بي ست ساڻو ساڻو
چوراھي تي ڍير ٿيان ٿو
ماڻھو ڏاڍو شور ڪن ٿا
توکي مدد لئہ زور ڀرن ٿا
ڏڪندڙ ھٿن سان تون اسٽيٿ ڪڍين ٿي
منھنجي کاٻي سيني تي رکين ٿي
منھنجي دل ۾ ڌڙڪ نہ آھي
منھنجي ساھ ۾ چال نہ آھي
منھنجو چھرو پيلو آھي
منھنجون اکڙيون ساڪت آھن
ڊوڙي تون سرنج کڻين ٿي
دل ۾ ائڊرلين ھڻين ٿي
پر منھنجي دل ڪو نہ چري ٿي
پوءِ ڌيري ڌيري
منھنجي چپن سان چپ ھڻين ٿي.
پيار ڀريو ھڪ ساھ ڀرين ٿي.
پوءِ منھنجو جيون جاري ٿئي ٿو.
منھنجون اکڙيون حرڪت ڪن ٿيون.
ماڻھون ڏاڍيون ڪوڪون ڪن ٿا.
تنھنجي عظمت کي داد ڏين ٿا.
تنھنجي قدمن منجهہ ڪرن ٿا.
توکي پنھنجي ديوي چون ٿا.
پوءِ تون ڏاڍو غمگين ٿئين ٿي.
۽ ڀڻڪي ايءُ چوين ٿي
ھن کي منھنجي پيشي جياريو ناھي.
ھن کي منھنجي پيار اٿاريو آھي.
ھوريان ھوريان تنھنجا جذبا ماٺ وٺن ٿا
توکي دين ڌرم ۽ بابا جا خيال اچن ٿا
تون سوچين ٿي بابو يا دين ڌرم اپنايان
يا توکي پنھنجي ڳل لڳايان.
پوءِ تنھنجي ڳلي ۾ لٽڪيل اسٽيٿ چوي ٿو.
تنھنجو پيشو پيارو آھي.
جيڪو جيون ڏيندو آھي
ڪنھن کان جيون کسيندو ناھي.
پوءِ ڇرڪي ڇرڪي
منھنجو ھٿ وٺي تون
مندر جي چوئنٺ ٽپين ٿي.
ماٿي جو سندور گهرين ٿي.
پاڻ لئہ آشيرواد گهرين ٿي.
موتين جو هڪ هار گهرين ٿي.
ھو، ٻائو، برھمڻ، پنڊت.
ڀڀڪي ڀڀڪي رڙ ڪري ٿو.
مندر مان نڪرڻ لا ءِ چوي ٿو.
پوءِ تون مان قاضي آڏو آھيون.
جڏھن ھو پيٽ ڀرڻ کان آجو ٿئي ٿو.
ھو بہ ڀڙڪي ڀڙڪي پاڻ ٻنھي کي دور سٽي ٿو.
پوءِ پاڻ ٻئي قاضي ۽ پنڊت کان مايوس ٿيون ٿا.
پنھنجي ليکي گهر ھلون ٿا.
ھڪ ٻئي کي ٻانھن منجهہ وٺون ٿا.
چاھت ڀريا گيت چئون ٿا.
ڳاڙھا ڳاڙھا چپ چمون ٿا.
سانت سانت منجهہ سمھون ٿا.
پوءِ ڳليءَ ڳليءَ ۾ شور ٿئي ٿو.
ٻاھر پنھنجون ڳالھيون ٿين ٿيون.
ماڻھو پاڻ کان خائف ٿين ٿا.
ماڻھو پاڻ کان نفرت ڪن ٿا.
ھو تنھنجو بابا روئي ٿو پيو.
ڳوڙھن سان منھن ڌوئي ٿو پيو.
ھوءَ تنھنجي جيجي سڏڪي ٿي پئي.
سينگاري جيان ڦتڪي ٿي پئي.
ھو منھنجو بابا پاڳل ٿيو آ.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ واڪ ڏئي ٿو.
مون کي ملڪيت کان عاق ڪري ٿو.
چوراھي تي ماڻھو ميڙي ايءُ چوي ٿو.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ملحد دين ڌرم ڇڏي
پوجا کي اپنايو آھي.
پنھنجو پيار نڀايو آھي.
ھو ملو سامھون فتويٰ ڏئي ٿو
واري واري ايءُ چوي ٿو
ايءُ بہ ڪافر ٿئي ٿو.
جيڪو ڪافر ڇوريءَ ساڻ وھانءُ ڪري ٿو.
ھوءَ اھل ڪتاب نہ آھي.
ھن جي منھن تي حجاب نہ آھي.
ھن کي مارڻ ۾ تہ ثواب آھي.
ھو ٻانڀڻ مالھا سوري ٿو پيو.
پنھنجا چپ چوري ٿو پيو.
ھوءَ اسان لئہ حرام ٿي وئي.
جيڪا پنھنجو ڌرم ڇڏي وئي.
ھو سڏڪي سڏڪي چنڊ اچي ٿو.
ملي، ٻانڀڻ کان پڇي ٿو.
منھنجو ڪو خدا، رام ڀڳوان نہ آھي.
منھنجو نالو ھندو مسلمان نہ آھي.
پوءِ بہ سڀ کي ڪرڻا ڏيان ٿو.
ڪنھن سان نفرت ڪين ڪريان ٿو.
ڇا مان بہ دين ڌرم اپنائي
ماڻھن ۾ تفريق ڪيان
ھڪڙن کي سارا ڪرڻا ڏيان
ٻين کي اونداھو ڪيان.
ھوءَ ھوا ڊوڙي ڊوڙي اچي ٿي.
ملي ٻانڀڻ کان پڇي ٿي
مان اوھان جي سرير ۾ آھيان.
اوھان جي اندر جي ھر لھر لھر وير ۾ آھيان.
منھنجو دين ڌرم نہ ڪوئي
اوھان ٻنھي لئہ حرام ٿيان ٿي.
پر مان تعصب کان آجي آھيان
ٻنھي کي ساھ ڏيان ٿي
جي اوھان ٻنھي ۾ غيرت آھي.
مون کي سرير مان ڇڏيو ڊوڙائي.
پر ايءُ ڪرڻ جي اوھان ۾ طاقت ناھي.
اوھان ۾ مرڻ جي جرئت ناھي.
ھا پيار بہ مون وانگر بي ڌرمي آھي.
ان لاءِ ايرو غيرو ساڳيو آھي.
نٿو خيرو ساڳيو آھي.
ڪافر مسلم ساڳيو آھي.
ملو ٻانڀڻ ساڳيو آھي.
پيار دين ڌرم کان اتاھون آھي.
ھن ۾ نفرت ڪنھن کان ناھي.
ھو تنھنجو بابا مرڪي ٿو پيو.
ھو منھنجو بابا ڦتڪي ٿو پيو.
وڏي واڪي اعلان ڪري ٿو.
مون کي ملڪيت کان عاق ڪري ٿو.
ھو ڪٽر مومن مسلم آھي.
ھن جي دين سان ياري آهي
ھن ڪئي فتويٰ جاري آھي.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ملحد دين ڌرم ڇڏي
پوڄا کي اپنايو آھي.
پنھنجو پيار نڀايو آھي.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.
ڇورو منھنجو ڪافر ٿيو آ.


ھي نظم ان ائين سنڀاري رکيو جيئن فائنل ائير جو پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ان اميد تي ھليو ويو تہ ڪڏھن ھوءَ پاڻ ڪلينڪ ۾ ھن جو ھٿ وٺي ھن سان رشتا ازدواج ۾ ٻنڌجي ويندي پر ان وقت پريمي جوڙن جو ايڏو نانءُ نہ ٿيندو ھو ۽ اھي آسانيءَ سان حدود ۽ زنا آرڊيننس ۾ چالان ٿي ويندا ھئا ان لاءِ بہ اھي ٻہ ئي شاگرد پريمي جوڙو بنجي نہ سگهيا ۽ من ۾ سڀ اميدون آرزئون کڻي ائين اڏامي ويا جيئن سيءُ وڃڻ تي سائبيريا جا پکي سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تان اڏامي ھليا ويندا آھن. انھن جو پاڻ ۾ رابطو رھيو آھي يا نہ اھو ﷲ ٿو ڄاڻي.
شاگردن پنھنجن رومن مان وڃڻ وقت نہ ان جي تاريخ کي مسخ ڪندا ھئا ۽ نہ جاگرافيءَ کي وال ڪلاڪ کان وٺي پنھنجي پسند جون تصويرون سڀ اتي جواتي ڇڏي ويندا ھئا ۽ پارٽنر کي چوندا ھئا تہ يار انھن جي پارت اٿئي ڪڏھن اچڻ ٿيو تہ ڏسنداسين. انھن رومن سان ھنن جو پيار فطرتي ۽ حقيقي ھو ڇو جو انھن رومن ۾ ئي ھنن جي زندگيءَ جا حسين لمحا، جوانيءَ جون ڪھاڻيون جوان ٿيون ھيون ۽ اھي انھن لمحن کي ڪڏھن بہ نہ وساريندا ھئا جيڪي ھنن رومن ۾ گذاريا. روم مان سامان گهٽ ۾ گهٽ کنيو ويندو ھو البتہ ڪتاب، نوٽس، پنھنجا پنا کڻندا ھئا. لڳندو ھو تہ ھر روم ۾ ڪا ننڍي لائبرري آھي جيڪا پنھنجي مستقبل ماڳ لئہ وڃي ٿي. بس ھوندا ھئا انھن اکين ۾ جهجها ڳوڙھا ھئا جيڪي کڻي روانا ٿيندا ھئا. ھنن کي خبر ھوندي ھئي تہ ھاڻ ھنن کان زندگيءَ جو نرالو روٽين ھاسٽل کان ڪلاس. ڪلاس کان ڪينٽين. ڪينٽين کان لائبرري، لائبرري کان ميس ۽ ميس کان ھاسٽل سڀ اوچتو وڇڙي ويندو. ھنن کي ھتي گذاريل زندگيءَ جون تلخيون بہ ساروڻين ۾ ڪتابن ۾ بند رابيل ۽ گلاب جي پتين جيان سھڻيون لڳنديون هيون، جيڪي ھو ھزار ڪوششن باوجود پرين کي آڇي نہ سگهيا. بس پرين کي ارپيل لفظ ڪڏھن ھنن کي وڇوڙي جو احساس ڏياري اڪيلو رئاريندا هئا، ۽ جڏھن بہ ھو پنھنجي جواني چانڊڪا ۾ سوچ جي نرالي انداز آرزوئن ۽ ارادن سان چانڊڪا ۾ ڳولڻ ايندا تہ ھنن کي ڊپارٽمينٽ جي بدبودار ليبارٽرين ۾ پرين جي وارن جي مھڪ ملندي. اکڙين ۾ روڪيل لڙڪن سان جڏھن ھو چانڊڪا جي وشال روڊن تي گهمندا تہ ھي ايندڙ ويندڙ شاگرد کان پاسو بدلائي راھون ۽ رستو بدلائي ويندا ڇو جو اڄ جتي ھو پرين جي ٽھڪن جا پڙاڏا ڳولڻ آيا آھن انھيءَ شھر ۾ ھنن کي پنھنجا بہ نہ سڃاڻيندا ۽ پوءِ ھو ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ ويھي ساڳي صدين واري چانھہ ۽ انڊو قيمو کائي وري واپس ورندا. انھن سمورين فيئر ويل پارٽين ۾ شھزادي دايي کان گيت ڳارايو ويندو هو تہ:
ھڪ وطن کان وڇڙياسي،
ٻيو يار جدا ٿي ويو!
۽ جڏھن ھو ڏھن تائين ڳائي چوندو تہ ڏکڙا تہ مولائي جا يار مولا لاھيندو تہ. آس ۽ نراس جي وچ ۾ پيل اميد جا گهنج انھن شاگردن جي منھن تي نڪري نروار ٿيندا ھئا. وڇوڙي جي ڪيفيت ۾ خبر ناھي تہ هو ڪيئن پنھنجي دل تي پٿر رکي انھن ڪوسٽر ۾ ويندا ھئا جيڪي پنھنجي شھرن لاءِ ڪرائي ايندا ھئا تہ يار وڃجي ۽ وڇڙجي تہ بہ گڏ. فائنل تائين اڪثر ڪري شاگردن جون خاص طور تي ٻھراڙيءَ وارن جون شاديون ٿي چڪيون ھونديون ھيون. پر ھنن تان ڪڏھن بہ مزاج جو بخار نہ لھندو ھو ۽ وجود ۾ سمايل پرين پنھنجي آخري لمحن تائين ھنن کان نہ وسرندو ھو ۽ ڊائريءَ جي ڪنھن ورق ۾ لکي وٺندا ھئا.
سوچيان ٿو:

جسم، جسمن جي ڳولا ۾ ٿا رھن،
ياروح پنھنجي ماڳ لئہ ڀٽڪندا وتن
تات جا رات ھئي،
۽ رات جڏھن مات ٿي.
پرھ ويل کانپوءِ
سج جڏھن جرڪي اٿيو.
قدم لڙکڙائيندا وري
تنھنجي راھ ۾ رلندا رھيا.
مون سان گڏ
منھنجي زال به
نسوانيءَ جا نقش نگار
خدوخال ۽ اعمال،
پورا ٿي رکي.
پر پوءِ مان
ڇو تنھنجي جستجو ۾،
تنھنجي بدن جي خوشبوءَ ۾،
تنھنجي وارن جي پاڇي ۾،
سمھڻ ٿو چاھيان،
مھل مھل،
ويل ويل،
لمحي لمحي،
گهڙي گهڙي،
تنھنجا خيال روح جي روح ۾.
دل اندر جي ديس ۾
تنھنجي ھر ويس ۾
من منھنجي تي
قبضو ڇو ٿاڪن
ڇا مان وڃايل اڌ ڪري،
تنھنجي پاڇي پويان،
ٽاڪ منجهند جي،
سج جيان جرڪندو ٿو اچان.
ڦتڪندو ٿو وتان،
سوال بہ جواب بہ،
انيڪ ھن انيڪ ھن،
خواھشون وجود جون،
جمود ۾ نہ ٿيون رھن.
واھر بہ وسيلا بہ،
عذر بہ حيلا بہ،
گهڻا ھن گهڻا ھن.
لعنتون، ملامتون،
سمجهان پيون مبارڪون.
رڳ رڳ، نس نس،
رت جي ھرڦڙي ۾،
زندگيءَ جي ھن پڙي ۾،
بس تون ھي تون ، تون ھي تون.


اھي آخري الوداعي پارٽيون خاص طور تي انھن شاگردن لئہ وڌيڪ عذاب بڻجنديون ھيون. جن جا جگري يار ڏاھپ جي ھن سفر ۾ ڪو قدم پوئتي رھجي ويا ھجن. ظفر ڀٽو جي مک تي پريشاني ان جي ڀاءُ لياقت لاءِ نہ ھئي پر پارٽنر ح لئہ. ح انتھائي ذھين ڇوڪرو ھو، منھنجو بہ استاد ھو ۽ ڪمپريھينسو ھاءِ اسڪول سکر ۾ سائين ع ا جي چوڻ تي اٺين درجي جي مئٿ پڙھائي ھئي. چانڊڪا ۾ھن ھتي وندرون بہ بدلائي ڇڏيون ھيون. تاس ۽ اسڪريبل ھن جا پسند مشغلا ھيا. پوءِ امتحان جي بدقسمتي ھن سان ھلندي آئي يا تہ ھو امتحان ۾ ڪنفيوز ٿيندو ھو يا ھن کي ڪيو ويندو ھو. ۽ ائين ھن کي annual لڳي ويندو ھو. اھڙا امتحاني مثبت نتيجي متاثر گهڻائي ھوندا ھئا. حاجي خان کان وٺي انعام تائين ۽ ڪجهہ شاگرد تہ پنھنجا ٻيا مشغلا جاري رکندا ھئا ۽ ڇڙو امتحان ۾ ايندا هئا ۽ ڪٿان سفارش وغيرہ ڪرائين. ڪن تہ ڪچي ۾ وڃي ڪلينڪون کوليون ھيون. سو اھڙن متاثر دوستن جو درد وڇوڙي کي وڌيڪ پردرد بڻائي ڇڏيندو ھو ۽ نہ چاھيندي بہ ھو ھڪ ٻئي کان وڏن ٽھڪن ۽ ڀرپور ڀاڪرن ۾ موڪلائيندا ھئا ۽ ڪن کي پرين جي ڪاوڙ ۽ نفرت جو احساس ايڏو تہ کائي ويندو ھو جو وصيت جو پنو بہ چانڊڪا جي نوٽيس بورڊ تي چنبڙائي ويندا ھئا تہ:


شمشان گهاٽ تي،
منھنجي چتا کي تون ساڙجانءِ،
۽ جنھن وقت شعلي کي،
مليل تنھنجي ھٿڙن جي لمس،
ٿڌائپ جي احساس سان،
منھنجي جسم کي وڪوڙي،
۽ اگنيءَ جي رتي رُتِ ۾،
منھنجي خاڪ مليل جذبا،
تنھنجي مک تي پنھنجائپ ڳولن،
ان وقت شايد ڪو،
نمڪين ڳوڙھو،
تنھنجي ڳلن کي ريج ڏئي،
تنھنجي عمر ڀر جي نفرت جي احساس،
کي محبت ۾ بدلي،
تہ ات ئي منھنجي،
جنمن جو انت ٿيندو!.



چون ٿا تہ چانڊڪا ڇڏڻ وقت اعظم ٻگهيو سڀ کان وڌيڪ رنو ھو ۽ ھو چانڊڪا جي روڊن تي چرين وانگر ڊوڙيو. سويپر کان وٺي پروفيسر تائين ھن سڀني کان وڃي پيرن پئي موڪلايو ھو، ڪا اھڙي بئنچ، ڪرسي نہ ھئي جنھن کي ھن عقيدت سان چميو نہ ھو. ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان آڊيٽوريم جي بئنچ تي رنو ھو جنھن ۾ھو ڪاڪڙي تي ٽنگ ڏئي نعرا ھڻندو ھو ۽ پوءِ ھن کي دوستن پرچايو ھو، سمجهايو ھو ۽ ائين ھو ڳوڙھن ۾ وھنجي ھتان نڪتو ھو. ان آڊيٽوريم جي ڳالھہ ئي پنھنجي ھئي. اتي ڇوڪرن کي ڇوڪرين جي تاڙ جون وڏيون ڪھاڻيون آھن. خاموش محبت جا طلبگار سويري ئي وڃي اھڙي سيٽ وٺندا ھئا جتان ھنن کي پرين ڏسڻ ۾ اچي. اھا چانڊڪا جي ڇوڪرن جي تاڙڻ واري عادت اڃان ڪو نہ وئي شل ڪنھن ڪاري برقعي ۾ سنھري ھٿ نظر اچين منھن ورائي ضرور ڏسندا. اڄڪلھہ اھي سڀ عمر جي ان حصي ۾ ھوندا جو اھو انھن کي زيب نہ ڏيندو پر ھو تاڙيندا ضرور ليڪن چانڊڪا جي انھن ڇوڪرن ۾ مايوسي ھرگز نہ ھوندي ھئي ھڪ نظر انداز ڪيو تہ ٻي ۾ اميد رکندا. Optimism ڇوڪرن جي جينس ۾ ھو.
جيئن ھي نظم بہ ان دور ۾ لکيو:


چنڊ تون جيڏو دور وڃين ٿو،
ايڏو توسان پيار وڌي ٿو.
آس نراس ۽ منھنجو جيون،
مايوسين ۾ پليل سپنا،
سج جيان ٿيا روشن،
پيا جڏھن تنھنجا ڪرڻا،
تنھنجي چانڊوڪيءَ جي اثر،
کان منھنجي من ۾ لھرن وانگر،
وير اٿي ٿي،
لمحي لمحي ساگر ساڻ ملڻ،
جي آس وڌي ٿي.
پر ساحل ڏاڍو ڏور آ ساٿي،
چنڊ تون ايڏو گهور نہ ساٿي.
مان اڳ ۾ ڏاڍو گهايل آھيان.
ڪرڻن جو تڙپايل آھيان.
گهگهه اوندھ ۾ منھنجي روح کي،
ڳولي روشن ڪيو ھو.
پل گهڙيءَ لئہ منھنجي،
من جي صحرا کي تو گلشن ڪيو ھو.
پر مان بہ ڏاڍو آن اڻ ڄاڻ او ساٿي.
مون کي تنھنجي ناھ سڃاڻ او ساٿي.
ھو ماڻھو مون تي چٿرون ڪن ٿا.
واري واري ايءُ چون ٿا،
ڇا چنڊ کي ماڻڻ سولو آھي!
چنڊ جو ناھي ڪوئي ٺڪاڻو،
ھو گردش وارو گولو آھي.
پھرين پھرين راتين ۾ ھو،
چانڊوڪي ورھائيندو آ.
سارا جڳ جرڪائيندو آ.
پوين، پوين راتين ۾ ھو،
چانڊوڪي موٽائيندو آ.
سارا جڳ اونداھيندو آ.
پر اي چنڊ،
منھنجي توسان ڪاوڙ ناھي.
منھنجو توسان پيار آ ساٿي،
مان بس ايءُ سوچيندو آھيان،
پھريون راتيون واپس اينديون،
پويون راتيون واپس وينديون،
موٽي او چانڊوڪي ايندي،
مون کي واپس ڪرڻا ملندا.
منھنجا سپنا پورا ٿيندا.
چنڊ تون ڪيڏو ڏور ھليو وڃ.
پر مون کان ڏور نہ ويندين ساٿي.
ڇو جو تنھنجي او چانڊوڪي،
منھنجو ذھن تڙپائي وئي آ.
منھنجو ذھن جاڳائي وئي آ.
مان تنھنجي يادن جي نقش تي جيئرو رھندس.
توسان ناتو مور نہ ڇنندس.
چنڊ تون ڪيڏو دور ھليو وڃ،
پر مون کان دور نہ ويندين ساٿي!.


مان تہ اھو لکندس تہ اسان جي بئج کي سڀ کان نرالي ۽ مانائتي انداز ۾ الوداعي پارٽيون ڏنيون ويون ھيون. اھي الوداعي پارٽيون مئن آڊيٽوريم ۾ ٿيون ھيون ۽ سڀني سياسي تنظيمن ريفريشمينٽ کان راڳ رنگ تائين بندوبست ڪيو ھو جيئي سنڌ، سپاف، سنڌي شاگرد تحريڪ مطلب تہ ھر ڪنھن پاڻ نڀايو ھو. اسان جي ڪلاس ۾ ھڪ خاص ڳالھہ ضرور ھئي تہ ڪڏھن بہ ڪلاس اندر ڪو جهگڙو نہ ٿيو ھر شاگرد ھڪ ٻئي جو دوست ھوندو ھو ۽ سڀني جي ھڪ ٻئي ۾ حجت ھوندي ھئي. ائين بہ ٿيو تہ جڏھن ڪو سياسي تنازعو بہ ٿيو تہ ڪلاس جا شاگرد پاڻ ۾ نہ اٽڪيا. ان ڳالھہ ۾ اسان جي ڪلاس جي شاگردن جي ھڪ نفسيات ھئي تہ ھو سڀ جو سڀ دوست ھئا. حتيٰ ڪہ اھي بہ ننڍڙن، گروپن ۽ ٽولن ۾ ورھايل ضرور ھئا مگر انھن ۾ حيا ۽ لڄ ضرور ھئي. بس ڳالھہ کي نظرانداز ڪري ۽ لنوائي ھليا ويندا ھئا اسان جي فائنل تائين شاگرد راڄ ھو. ان کان پوءِ قاضي صاحب جي دور ۾ چانڊڪا ۾ ديوارون ٺھيون. اسان جي فيئر ويل پارٽين ۾ ھڪ قسم جو عجيب صوفيانہ ۽ وڇوڙي جو رنگ ھو. پر ان کي سڀني انجواءِ ڪيو. ايترن سالن ۾ شاگردن جو مان تہ چوندس دوستيون جوان ٿيون ھيون دشمنيون نہ پر مون کي افسوس سان لکڻو پوي ٿو تہ اسان کان پوءِ وارن بئنچن کي دشمنيءَ جي رنگ ۾ رنڱيو ويو ھو. جنھن ڪري اڪثر ھيٺين ڪلاسن ۾ پاڻ ۾ ئي جهيڙا ٿيندا ھئا. اسان کان پوءِ واري ڪنھن بئچ ۾ سپاف ۽ جساف جا صفدر سرڪي، نياز ڪالاڻي ۽ سپاف ۾ بہ چڱا ڇوڪرا ھوندا ھئا. انصاف مگسي جهانگير اعواڻ، وغيرہ وغيرہ پر صفدر سرڪي ۽ نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ جي مرڪزي قيادت تائين ھليا ويا.
اڄڪلھہ ڪڏھن ڪڏھن انھن جو اخبار ۾ ذڪر پڙھڻ کي ملي ٿو مگر چانڊڪا ۾ بنيادي طور اھي ڇوڪرا نظرياتي ھئا ۽ قومپرستيءَ جو ادب پڙھندا ھئا. باقي ڪنھن جهيڙي جي صورت ۾ اڳواڻي ۾ ھوندا ھئا. خاص طور تي BSO واري جهيڙي ۾ نياز ڪالاڻي سٺي بھادريءَ سان وڙھيو ۽ اھو تڪڙو انڪائونٽر ٿيو جنھن ۾ چانڊڪا ۾ ساڳي ڏينھن bso جا ڪجهہ ھٿيار ۽ شاگرد جساف کي مليا پر شاگردن کي ڪو بہ نقصان نہ پھچايو ويو. اھو ھڪ عظيم جنگي اخلاق ھو جيڪو شايد سڌريل فوجون بہ نہ ٿيون ڪن تهbso جي پڪڙيل شاگردن کي جساف وارن ڪو بہ نقصان نہ پھچايو نہ ڪا تذليل ڪئي وئي ۽ اھو ئي bso جو چانڊڪا ۾ آخري ڏينھن هو. جساف جي ان عمل کي چانڊڪا ۾ وڏي پذيرائي ملي.
اسان جي ڪلاس فيئر ويل پارٽي خود پاڻ کي ڏني. اسان جي چانڊڪا ۾ گذاريل آخري رات اوجاڳي جي رات ھئي. استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ مئچ جنھن ۾ سائين عبدالقادر صاحب کي ٽي دفعا آئوٽ ٿيڻ تي امپائر ھر بال کي نو بال قرار ڏنو ۽ سائين ھڪ رنز سان کاتو کولي پويلين روانو ٿيو. شاگردن جي پاڻ ۾ بہ مئچ ٿي انھن سڀني مئچن تي لائوڊ اسپيڪر ذريعي روان تبصرو پيش ڪيو ويندو ھو جنھن جي گهڻي ذميواري مون تي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مقيم (اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو) عربي، فارسي، پشتو، بلوچي ۽ انگريزي انداز ۾ اردو ڪامنٽري ۽ سنڌي ڪامنٽري ڪئي. اھا ڪامنٽري مون کان نہ وسري آھي جنھن ۾ شاگردن جي ٽھڪن ۾عجيب درد ۽ اجنائپ ھئي ۽ انھن جي نعرن جي گونج ڪڏھن ڪڏھن مون کي اڃان بہ ٻڌڻ ۾ ايندي آھي اھا چانڊڪا جي آخري رات ھئي جيڪا اسان شاگردن جاڳي گذاري ھئي ۽ گرائونڊ تي گذاري ھئي ۽ مون پنھنجو ھي نظم پڙھيو ھو:
ڪنھن چنچل ٻار جيان،
تنھنجي ھنج ۾ اچي،
مون لولي گهري.
تو وڏي آجيان ڪئي
۽ سندر مون کي لولي ڏني.
تو مارون ملوڪن سندي ڳالھہ ڪئي
تو ڌرتيءَ سان محبت سندي ڳالھہ ڪئي.
لفظن جي ميٺاج تي اک وئي منھنجي لڳي.
اٺ سال بعد اھا اک آھي کلي،
ڏسان ٿو تہ تون مسيحت جي نشتر ٿي ڏئين،
ڇري سمجهہجانءِ ان کي بار بار ٿي چئين،
توکي ڇڏڻ وقت اعظم بہ روئي ڏنو،
تنھنجي خاڪ اکين کي مَلي تنھنجي ڌرتيءَ کي چميو.
ھا مون بہ توسان مارن جي خدمت سندو وچن آ ڪيو،
جي ان وچن ۾ مون کان ڪا ويسر ٿي،
پوءِ انھيءَ وقت مون کي ڪينسر ٿي.
پرنم اکين سان توکي چوان ٿو الوداع،
او منھنجي امرتا امرتا چانڊڪا!
او منھنجي جيجل ماتا چانڊڪا!

ان رات ئي چانڊڪا ۾ آتش بازي ڪئي وئي. ڄڻ ڪو اولمپڪ راندين جي آخري تقريب آ ۽ ڪلاشن ڪوفون ڦٽاڪن جي عيد جي رات ڦاٽندڙ ٽنڊڙين جيان پنھنجي ننڍڙن نالين مان بارود وسايو ھو. اھي اسان جي آخري رات وارا جرڪندڙ ستارا اھو احساس ڏياري رھيا ھئا تہ جيئن اسان بہ پنھنجي ڌرتيءَ تي انھن ننڍڙن ستارن جيئان ڪا ننڍڙي روشني ڦھلائي سگهون ۽ پوءِ مون شيخ اياز جي شعر:
پل پوپٽ آ پل جگنو آ.
پل پل کي پنھنجي خوشبو آ.

جو جو تہ پکين جو جوڙو آھي.
تنھنجو انت وڇوڙو آھي

۽ وڌيڪ شاھہ سائينءَ جو هي شعر پڙهيو:
ڪڻا منجهہ قرار ھئا ھيڪاندا سنگ ۾.
ڳاھي ڳاھ فراق جا ڪيائون ڌارئون ڌار.
نہ ڄاڻان ٻيھار ڪير ملي ڪنھن سين.

پڙهيا هئا، ۽ پوءِ ڦٽاڪن ۽ گولين جي گونج واري رات پرھ ۾ تبديل ٿي ۽ جيئن جيئن سج پنھنجي مدھم روشنيءَ سان اڀرڻ شروع ڪيو ۽ ڪوئل ڪا درد جي لات لنوي. صبح جو ڪونجون پنھنجي سفر تي نڪري پيون ۽ جهرڪيون ۽ ڪانوَ پنھنجي معاش جي تلاش ۾ جاڳي پيا ھئا. اھي پکين جا سنديس سانڍي اسان اوجاڳي واريون اکيون مھٽي وڃي رومن ۾ سمھياھئاسين ۽ منجهند جو دير جو اٿياسين تہ اسان ڄڻ خلا جي پولارن ۾ پئي گهمياسين. ھر شيءِ اجنبي پئي لڳي اھا بي وزنيءَ جي ڪيفيت ھر شاگرد محسوس ڪندو جڏھن ھو چانڊڪا ڇڏيندو. اسان بہ ان حامله عورت وانگر ھلڪا ٿي پياھئاسين جنھن جي گود ڀرجي وئي ھئي ۽ اسان مسيحت جي ملڪيت کڻي ھتان نڪرڻ وارا ھئاسين. بس ان ڏينھن ئي اسان پنھنجو سامان کڻي روانو ٿياسين موڪلاڻيون تہ مھينن کان جاري ھيون ائڊريسون، پار پتا سڀ ورتاسون پر وقت جي وھڪري ۾ اھي بس وڃي حسين يادون ئي رھجي ويا آھن.