چانڊڪا ۾ چوريون ۽ چلولايون
سو چانڊڪا ۾ ڪو بہ ڏوهاري ڪلچر ڪو نہ هو. هڪ دفعي عجيب واقعو ٿيو، هڪ ڪامريڊ سرخو هيو پڙهيل لکيل، سياسي ماڻھو، سڀ کي ڪم اچڻ وارو هو، ان جي دروازي تي ڪو همراھہ وهي وهانوي (جنسي ناول لکندڙ) جي شعر جو اردو وارو پنو ۽ عرف ڪامريڊ، ڪامريڊ جي ڪوارٽر جي دروازي تي چنبڙايو، ڪامريڊ کي چور ککي ويو، اتفاق سان آءُ بہ ڪوارٽر ٻاهر بيٺو هوس، ڪامريڊ ۽ اينٽي ڪامريڊ هڪ ٻئي کي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي عورتن وانگر ڄنڊن ۾ هٿ وڌا، اهڙي ڄنڊا پٽ ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون بہ هڪ ٻئي سان ڪنديون هيون، آءُ وڃي ٻنھي ڄڻن کي ڇڏايو ان کان پوءِ اچانڪ اينٽي ڪامريڊ ڌر وارا هٿيارن جي زور تي ڪامريڊ جي ڪوارٽر تي ڪڙڪيا، ۽ ڪامريڊ جي جين جي پينٽ سميت ڪامريڊ جو ريڊيو بہ کڻي ويا. جين جي پينٽ پائي هڪ جوان ڪامريڊ جي ريڊئي تي ڪينٽين تي خبرون ٻڌڻ لڳو، هڪ همراھہ ڪامريڊ جا پيارا ڪتاب داس ڪيپيٽال ۽ پروستريڪا ٻاهر اڇلايا، ۽ ٻئي همراھہ ڪامريڊ کي نجي نقصان پھچائڻ لئہ ان جي ڪوارٽر جي Wash Basin ڀڳي جيئن ڪامريڊ صبح جو هٿ منھن ڌوئي نہ سگهي ۽ واڱڻ جھڙو منھن ڪري گهمي، ڪامريڊ کي ٻئي ڪنھن ڳالھہ جو افسوس نہ هئو هن کي فقط ڏک اِهو هو تہ ڪامريڊ ريڊيو ماسڪو نہ ٻڌي سگهندو، ان لاءِ هن سڌو فوجي مداخلت لئہ گورباچوف کي خط لکيو ۽ جڏهن ريگن ۽ گورباچوف مليا تہ گوربا چوف ريگن کي چيو تہ ڳالھيون پوءِ ٿينديون اڳ ۾ ڪامريڊ جو ريڊيو موٽايو، اهي لطيفا، ٽوٽڪا چورين متعلق بہ ٿيندا هئا. سو چانڊڪا جي وائيٽ هائوس ۽ ماسڪو تائين جيڪا تصوراتي پرواز هئي اوهان ان ڳالھہ مان اندازو لڳائي سگهو ٿا، ائين چانڊڪا ۾ ٽراءِ سرڪل جي تالن جو چاٻيون تہ شاگردن کان گم ٿينديون هونديون ۽ ٽوٽن ۽ هٿوڙن سان رومن ۽ ڪوارٽر جا تالا ڀڄندا هئا. پر ڪجهہ ڪوارٽرن جا تالا بہ ڀڳا ويا ۽ انھن مان هنڌ بسترا، ٽائيم پيس، ٽوال، ڪاپراڻي ٽيپ ۽ ڪجهہ ڪپڙن جا وڳا بہ چوري ٿيا. مگر چوريءَ کي چانڊڪا ۾ عيب سمجهيو ويندو هو. سو چور انفرادي يا گروھہ جي شڪل ۾ گهٽ هئا. چانڊڪا ۾ مھمان نوازي ۽ ڇوڪرن ۾ شخصي بلندي عروج تي هئي. مھمان اصل ۾ روم پارٽنر تي چٽي هوندا هئا. ميزبان خرچ کان آجو، ڪي تہ اهڙا بہ حضور شرم شاگرد هوندا هئا ٽوٿ پيسٽ ختم ٿيڻ تي ڏندڻ ڪندا، پر روم پارٽنر جي ٽوٿ پيسٽ بہ نہ کڻندا هئا. سو چورين جي هڪ اڌ واردات کان علاوہ چانڊڪا ۾ ان معاملي ۾ سعودي عرب وارو نظام هو. روم پارٽنر جيڪو ڪٻٽ کي تالو هڻندو هو، ان کي ڪند ذهن سڏيو ويندو هو. ڪنھن جي شيءِ کڻڻ کي وڏو عيب سمجهيو ويندو هو. چانڊڪا ۾ چور تہ هئا مگر محبتون چورائڻ جا چور هئا. ڪتابن ۾ سبق چورائڻ جا چور هئا ڪنھن جا ڏک چورائڻ جا چور هئا. اهڙا چور هئا جن آڏو ساڌ بہ شرمائيندا هئا. چورين ۽ ڦرن جي ان وارداتن ۾ اسان جو ڪلاس فيلو شفيق مارجي ويو. ان جي موت جو ڪارڻ نہ مليو، شفيق اردو اسپيڪنگ ڇوڪرو هو، هو هوشيار شاگرد هو پوءِ اڪيلو ٿيندو ويو. اردو فلاسفرن وانگر هن جا وار وکريل هئا. مگر هو هميشہ ڳوڙهي سوچ ۾، نہ سمجهہ ايندڙ سوچن ۾ گم هوندو هو. پوءِ هو ڪلاس جو الڳ ٿلڳ ڇوڪرو ٿي ويو. سواءِ نديم عليم ۽ اعجاز ڪشميري جي هن جو ڪو ويجهو دوست نہ هو. هڪ رات شفيق جي روم جو ڪنھن دروازو کڙڪايو ۽ ڪجهہ گهريو، هن دروازو کوليو سامھون هڪ پسٽل هئس ۽ هن کان ڦورو پئسن جي گهر ڪئي، شفيق ان صورتحال کي نہ سنڀالي سگهيو هن رڙيون ڪيون انھن ڏينھن ۾ هاسٽلون خالي هيون، پوءِ ڪنھن ظالم ٽريگر دٻايو فضا ڌماڪي سان گونجي اٿي، انٽر لاڪ سبب در بند ڪيو ويو. ڦورو ڀڄي ويو نديم عليم ۽ اعجاز ڪشميري هن جي روم جو دروازو ڀڳو ۽ شفيق پنھنجي اداسيءَ واري چھري سان هوائن ۾ اڏامي ويو. ان جي مرتئي تي اسان جي ڪلاس جون ڇوڪريون ٻوڪٽَ ڪري رنيون هيون. فقيرالنفس شخص کي ڪنھن اوپري يا چانڊڪا جي قذاق جي گولي کائي وئي. ان المست جو روح اڄ بہ هاسٽل ٽئين ۾ ڪنھن تاريڪ رات ۾ ڇوڪرن کي گهمندو ڦرندو محسوس ٿيندوآ. شفيق جو صوفي روح اڄ بہ MQM وارن کي پاراتا ڏيندو آ تہ هنن هن جو لاش خواھہ خواھہ عزيزآباد جي گهٽين ۾ گهمايو، هن جو روح تہ چوندو رهي ٿو تہ هن کي سنڌين نہ پر ڪنھن بکايل باغيءَ ماريو. هن جو روح چوندو رهي ٿو تہ هن جو انتقام ڪير بہ نہ وٺي. مان وقت جي حاڪم کان پاڻ وٺندس جنھن ان گمنام قاتل جي هٿ ۾ پستول ڏنو.