ماسي شاھل دايو
ماسي شاھل دايو///
ھي پوسٽ محمد خان شيخ ٻارن جي ماھر لئہ آهي:
ھوءَ قديمي،بڻ بنيادي، فصيح معياري، روايتي سنڌي نسل جي انساني ارتقائي شڪل جو روپ آھي ،سنڌ جي اوائلي ۽ سماجي لقبن ۾ دايو ڪٽنب جون عورتون جن لاء دائي لفظ استعمال ٿيندو آھي ، اصل ۾ اھي قديمي زچہ و بچہ ماھر عورتون آھن جن انساني نسل کي حفاظتي انتظامن تحت ، احترامي طور دنيا ۾ آندو آھي، نون ڄايل ٻالڪن جون اھي روحاني امڙيون آھن.
نئين ڳوٺ سکر جي ماسي شاھل دايو کي مون ھن جي عمر جي آخري سٺ جي ڏھاڪي ۾ ڏٺو (مان ان جي ھٿان پيدا ٿيو ھوس) پٺي تي اڳتي نوڙي ھٿ رکي ھلندڙ اھا مسيحا عورت جيڪا ڄڻ ھميشہ اڌ سجدي جي حالت ۾ ھلندي ھئي، اھا منھن مھانڊي ۾ مدرٽريسا جي ڪلون ڪاپي ھئي، حقيقت ۾ اھا سکر جي مدرٽريسا ھئي، ھن کي جڏھن ڪو بہ وٺڻ ايندو هو تہ ھوءَ وڃي گهر ۾ ويم ڪرائي موٽندي هئي، ھن ڪڏھن بہ انڪار نہ ڪيو ۽ ڪڏھن بہ پئسن جو مطالبو نہ ڪيوغريب عورتن کي تہ ھو ھڙان وڙان پئسا ڏيندي ھئي، ھوءَ ويم ڪرائڻ جي عمل کي بہ عبادت طور ڏسندي ھئي. ھن کي مڪمل ڄاڻ ھئي تہ ويم ڪيئن شروع ٿئي ٿو، ھن جا ڪھڙا مرحلا آھن ۽ ڪڏھن ٿيندو، ھن کي hypnotic ماھر وانگر مڪمل اعتماد ھوندو ھو تہ ڪيئن ويم ڪندڙ عورت کي پرسڪون ۽ شانت رکجي، ھن کي ڪمال ھو تہ ھوء ڳالھين، عملن، اتساھ ۽ ھمت ذريعي ڪيئن oxytocin, prostaglandin ۽ SPA جو گهربل ماترائون عورت جي اندر ۾ پاڻ ئي جاري ڪري، ھوءَ ويم جي سور دوران ٻچيداني جي سڪڙجڻ ۽ ڍرو ٿيڻ جي وچ واري عرصي کي مڪمل سمجهندي ھئي ھوءَ تسلي ۽ روحاني طاقت ذريعي ويم ڪندڙ عورت جي زچگي جي سورن کي محسوس ڪرڻ ئي نہ ڏيندي ھئي ۽ ويم ڪندڙ عورت کي مڪمل طور ذھني ۽ جسماني طور ويم جي عمل ۾ شامل ڪري ڇڏيندي ھئي، مان تہ چوندس ھن وٽ معجزاتي قوتون ھيون، جنھن ذريعي ھو بي اختيار ويم جي عمل کي سنڀاليندي ھئي، ھو ويم ڪندڙ عورت جي ذھن ۽ روح ۾ گهري ويندي ھئي، ڄڻ ھم اوست وانگر ٻہ وجود ھڪ ئي پيڙا، درد، سرور جي عمل مان گذرن ٿا. ھو ويم ڪيل عورت کي مڪمل يارنھن ڏينھن ڊهوئيندي ، زور ڏيندي، انھن جي صفائي ۽ خوراڪ جو ماء وانگر خيال رکندي ھئي، امان ٻڌائيندي آھي تہ مان ڪارو نيرو ڄائو ھوس ۽ ڪافي دير کان پوء رنو ھوس ، ھن مون کي يڪدم ھٿن ۾ ورتو، ململ جي ڪپڙي سان منھنجو منھن صاف ڪيو، پاسي تي سمھاريو ۽ ھلڪڙا ھلڪڙا ڌڪ ھنيا ۽ مان زور سان رڙ ڪئي ھئي، آءٌ امان سان کلندو ھوس تہ مان نيرو ڪارو ٻار جو ڄائو ھوس مون ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي ھوندي، ان ڪري ئي مان گهڻو ڳالھائڻو آھيان، امان کلي ھئي نہ پٽ تنھنجي ڊاڪٽرياڻي ماسي شاھل قابل ھئي جنھن توکي سنڀالي ورتو، ھو کير پئاريندڙ مائرن کي سمجهائيندي ھئي تہ ٻار جي پرورش ڪيئن ڪجي انھن کي ڪيئن جهلجي، سنڀالجي، ۽ ڪھڙي ريت کير پيارجي، مان سوچيندو آھيان تہ اھا اڻ پڙهيل ھئي. ان ڪھڙي نموني مونکي ڄمڻ کان پوء مصيبت مان ڪڍيو، ۽ مونکي ترت املھ طبي امداد پھچائي منھنجي امڙ مونکي سادي انداز ۾ ٻڌايو تہ پيشيوراڻي ھئي، تجربيڪار، ماٺيڻي، مھربان ۽ ايماندار ھئي، ھن وٽ ڏاھپ ھئي تہ ڪيئن ماءُ ۽ نئين ڄاول ٻار کي سنڀالجي، ۽ عورت جو ويم ڪھڙي نموني سان، سٺي طريقي سان ڪرائجي، منھنجي امڙ پنھنجي ٻولي ۾ سمجهايو تہ ٻار ٺيڪ ٺاڪ گهٽ ساھ کڻندڙ، بلڪل ساھ نہ کڻندڙ ۽ دل بند وارا ڄمن ٿا، پر ماسي شاھل وٽ اھا ڏاھپ ھئي تہ اھڙي قسم جي ٻارن کي ڪيئن سنڀالجي .
ٻارن کي صفا ڪرڻ لاء ھنن جو وات ۽ ساھ جو مٿيون نظام صاف ڪجي، ان کي ٿورڙو ابتو جهلجي،ان کي ڪا ساھ جي ڦوڪڙي ڏجي جيڪي ساھ نہ ٿا کڻن ، ۽ ٿورو سيني کي دٻائجي، اوھان وٽ پنھنجو ساھ کڻڻ آھي ان کي ٻارن لاء ھٿرادو ساھ کڻڻ جي شين طور استعمال ڪجي، مان ويم گهر ۾ افراتفري، پريشاني، جذباتيت، مشينيون، دوايون، رڙيون ٻڌان ٿو، اسان ۾ پيشيوراڻي سنجيدگي اچي ۽ ماسي شاھل واري ڏاھپ اچي ماسي شاھل نئين ڳوٺ جي قبرستان ۾ آرامي آھي ان جو پٽ استاد غلام رباني دايو ڏاڍو نازڪ نفيس عالم قسم جو استاد ۽ تعليمدان ھو، ماسي شاھل جو ڪجهہ خاندان نئين ڳوٺ ۽ ڪجهہ سنڌي سوسائٽي ۾ رھي ٿو.