آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

چانڊڪا ۾ داخلا

جولاءِ جا گرم گرم ڏينھن هئا، سخت جهولو پئي لڳو، ”موئن جي دڙي“ ايڪسپريس جي دريءَ مان ڀاءُ ڏيکاريو تہ اها ”چانڊڪا“ آهي. اسان سيوهڻ پئي وياسين، ”چانڊڪا“ جي نالي سان الائي ڇو ائين لڳو جيئن ڪو پنھنجو نالو هجي يا ڪا پنھنجي منزل. انھن ڏينھن ۾ مون انٽر جو امتحان ڏنو هو ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي اميد هئي، خبر ناهي مون الائي ڪيتري دير ”چانڊڪا“ لئہ سوچيو تہ الائي ڪيئن هوندي ڪنھن وانگر هوندي وغيرہ وغيرہ.
ان کان بہ اڳ مون چانڊڪا جو نالو ٽي دفعا ٻڌو هئو، پھريون دفعو ريڊيو تي جڏهن ڀٽي صاحب ”چانڊڪا“ جو افتتاح ڪيو. ٻيو دفعو غازي رشيد پارڪ سکر ۾ جڏهن رمضان سنڌيءَ ”چانڊڪا“ جي شاگرد جي نالي سان
ڊڄڻا ماڻھو ڀاڙي تي جلاد گهرايو ويٺا آهن،
سنڌي ماڻھو سوليءَ تي بہ سيس سھايون ويٺا آهن
ڳايو هو ۽ آخري دفعو ”سينٽ سيويئر هاءِ اسڪول سکر“ ۾ ”چانڊڪا“ جي هڪ گمنام شاگرد تقرير ڪئي هئي عنوان هو ”قيامت آهي تہ انسان بني نوع انسان جو شڪاري آهي“. ان شاگرد چيو هئو تہ:
”جناب صدر:
تون گڏھہ آهين، تون نڪمو آهين، تون ڪمينو آهين،“ اهي لفظ منھنجي ماءُ تڏهن مون کي چيا جڏهن مان کيس چيو تہ امان ”انسان، انسان جو شڪاري آهي“ جي موافقيت تي ڳالھائڻ لئہ وڃان ٿو. سڄو پنڊال کليو هو خاص ڪري ڇوڪرين ۾ ٽھڪڙا مچيا هئا ان شاگرد آخر ۾ هي شعر پڙهيو هو:
اڄ لال لھوءَ جي سرگم تي ٿي ڌرتي منھنجي رقص ڪري،
ٿيا هيڊا منھن غدارن جا، بي پير وڏيرن ميرن جا.

ان مقابلي ۾ مون پھريون انعام کٽيو هو. پر الائي ڇو مان ”چانڊڪا“ جي ان شاگرد کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس جنھن وڏي بي باڪي ۽ جوانمرديءَ جو مظاهرو ڪري هال کي کلايو هو. ان شاگرد جون فلاسيفڪل ڳالھيون مون کي سمجهہ ۾ نہ آيون هيون، پر مون ائين محسوس ڪيو تہ ”چانڊڪا“ کلندڙ ۽ کلائيندڙن جو ديس آهي.
اڄ اسان جيڪي ڪشمور کان ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نظر اچون ٿا اهي ڀٽي صاحب جي مستقبل نظري جو نتيجو آهيون ۽ ائين ٻيا هنرمند پڻ.
ڀٽو صاحب جيڪو دنيا جي ماڻھن کي ڏسي آيو. تنھن اهو چيو تہ اسان جا ماڻھو بہ ڇو نہ بھتر زندگي گذارن ۽ ان سماجي تبديلي، تعليمي طرح سان آندي جنھن خود معاشي تبديلي آندي آهي. بقول ”مشغول پتافيءَ جي جيڪڏهن ڀٽو صاحب نہ هجي ها تہ مان وڌ ۾ وڌ ٽريڪٽر هلايان ها يا پرائمري استاد ٿيان ها ۽ منھنجي ڌيءَ قاضي واھہ جي ڪڙن واري زمين ۾ ووئنڻ چونڊيندي نظر اچي ها! “ ۽ ڀٽي صاحب لئہ اهڙا لفظ منھنجو گجراتي دوست بہ چوندو هو تہ ”ڀٽي صاحب هڪ ڳالھہ سيکاري تہ مضبوطي ڪيڏي نہ سٺي مستقبل جي ضمانت آهي ۽ ضرورت وقت اوهان شرطن کي نہ ڏسو، پر پنھنجي ضرورتن کي ڏسو“. هو مثال ڏيندو هو تہ فرانس جي ايٽمي معاهدي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن صحي لئہ اهو مسودو ڀٽي صاحب کي ڏنو ويو هو تہ هُن اُن جا شرط نہ پڙهيا هئا ۽ اچرج ۾ ان آفيسر ڀٽي صاحب کان پڇيو هو تہ ”سائين اوهان شرط نہ پڙهيا! “ تہ ڀٽي صاحب چيو هو تہ ”بقا لئہ شرط نہ ڏسبا آهن! “ ملڪي وجوديت کي مستقل طاقت ڏيڻ جو اعتراف تہ ڀٽي صاحب جا دشمن بہ ڪن ٿا. مگر ڀٽي صاحب جيڪي تعليمي ادارا قائم ڪري احسان ڪيا ان لاءِ سڀني کي سندس احسان نسلن تائين نہ وسارڻ کپن.
مان پھريون دفعو جڏهن ”چانڊڪا“ آيو هوس تہ اهو منھنجي انٽرويو وارو ڏينھن هو. ان ڏينھن چانڊڪا مون کي ان گمنام شاگرد جي کلائيندڙ جملن جيان کلندي نظر آئي. اسان جو انٽرويو هاڻوڪي ريسرچ بلاڪ ۾ ٿيو هو. ان جي سامھون وارو باغ تن ڏينھن ۾ انتھائي دلڪش، حسين ۽ سرسبز هوندو هو. گرلس هاسٽل جي گيٽ مان نڪرندڙ رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس ڇوڪريون جيڪي اسان جي ڪومايل منھن ڏي ڏسي مسڪرائينديون پئي ويون. انھن ڇوڪرين جي چال ڍال مان اسان کي چانڊڪا انتھائي ماڊرن پئي نظر آئي. انھن ڇوڪرين جي ٽولي ۾ هڪ بيل باٽم پاتل ڇوڪري بہ هئي جنھن اسان تي جام ٺٺوليون ڪيون ۽ اسان تي ڪبوتر، گدڙ، ڳيرا کان وٺي ٽوني مونيءَ تائين نالا رکيا. انٽرويو واري ڏينھن ڌڪا ڌوڪي جو هڪ رائونڊ بہ ٿيو جنھن ۾ ڪجهہ چھرن تي رت ذري بہ نڪري آئي هئي. اهو جهيڙو ڪار جي بانٽ تي پير رکڻ تان ٿيو هو، خبر ناهي تہ وڙهندڙ ڪير هئا پر اهو بہ ڀوائتي فلم جو سين هئو.
انٽرويو دوران ڪجهہ ڪامريڊن اسان جي ڪاغذن جي جهڙتي ورتي تہ متان ان ۾ ڪو بھاولپور يا پنڊيءَ جو پاس ٿيل ڇوڪرو نہ هجي ان وقت ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل عام جام ٺھي ويندا هئا.
لاڙڪاڻي جي هوٽلن وارا بہ استاد آهن. اسان بس اسٽينڊ ڀرسان هوٽل تي مانيءَ لئہ پڇيو، بيري ڏاڍي سريلي انداز ۾ چيو تہ ”گوشت آهي ننڍو، پر ڪچو جو آ اهڙو جھڙو حلواڻ”، اسان بہ بک جي باھہ ۾ ٻہ ٽي پليٽون چٽي وياسون. آخر جڏهن هڏا بچيا تہ ٿورو شڪ ٿيو تہ گوشت تہ وڏو ٿو لڳي پر هي اسان کي ننڍو ڪري کارائي ويو آهي.
سو چيو سونس تہ گوشت ڇا جو هيو چيائين سائين ننڍي جو، وري رهڙ ڏيندي پڇيو سونس تہ اڙي ڇا جو هيو چيائين سائين ننڍي پاڏي جو اسان کان رڙ نڪري وئي ڇو جو اسان جي علائقي ۾ فقط ٻڪريءَ جي گوشت کي ئي ننڍو گوشت چونداآهن.
ايڊميشن کان پوءِ اسان جاويد بدويءَ جا مھمان هئاسون جيڪو منھنجي ڀاءُ جو دوست هو ۽ فرسٽ ايئر جو CR پڻ، هن اسان کي هاسٽل الاٽمينٽ بہ ڪرائي ڏني ۽ اسان کي حوصلو بہ ڏنو، همت بہ ڏني. اسان ان ڪري لکان ٿو تہ عثمان ۽ مان بلڪل گڏ گڏ هوندا هئاسين.
مائٽ، عزيز، چاچو ڀائيٽو، ڪلاس فيلو ۽ هڪ ٻئي کانسواءِ هلي ڪو نہ سگهندا هئاسون. فرق ايترو هو جو عثمان قد جو ننڍو ۽ متارو ۽ مان ڊگهو ۽ ڏٻرو هوندو هوس.
جاويد بدويءَ کي اسان دل کولي دعائون ڏنيون. اسان مولائين جي دعا وڃي دنگ ڪيو ۽ بدوي چانڊڪا مان هڪ مان ٻہ ٿي نڪتو ان جي ڪلثوم چنا سان شادي ٿي جيڪا سندس ڪلاس فيلو بہ هئي ۽ چانڊڪا جي خوبصورت ڇوڪري پڻ، خير جاويد جون ڀلايون وسارڻ جھڙيون نہ آهن. ان ڪري ئي کيس گول چھري، کليل رنگت، بنديا لڳل نرڙ ۽ هندستاني فلمي اسٽار جھڙي ڪنوار نصيب ٿي. هينئر جت بہ هجن شال خوش هجن.
اسان کي جنھن جاءِ ۾ ”ڪوارٽر گهاٽ“ ڪيو ويو هو سا هئي ”زيرو پلازہ“ ان جاءِ تي زيرو پلازہ نالو ڪيئن پيو، ڪنھن وڌو، ڪا خبر نہ آهي. پر جنھن بہ ان جاءِ تي زيرو پلازہ لکيو هئو اهو واقعي مشاهدي جو ماهر هئو. اسان جي ڪمري ٻاهران لکيل هئو. Xero Plaza اهو زيرو باٽنيءَ وارو هيو جنھن جي معنيٰ آهي خشڪ، سو واقعي ئي زيرو پلازہ ڪلر ۾ ڪلور ٿيل جلاوطن بلڊنگ هئي جنھن جو چانڊڪا جي حدن ۽ حسن سان ڪو بہ تعلق نہ هئو پر هاسٽلن جي گهٽتائيءَ سبب ان کي هاسٽل بنايو ويو هو. زيرو پلازہ مان ٻہ سُک هئا هڪ تہ قلوپطرہ سينيما ويجهي هئي ۽ ٻيو تہ سامھون باگڙين جا گهر جتان جون باگڙياڻيون سامھون لنگهي وينديون هيون تہ اسان جي دل باغ بھار ٿي ويندي هئي. اسان جي ڪيفيت بہ صحرا ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ان سپاهين وانگر هوندي هئي جيڪي ڪنھن بدوءَ جي بدصورت زال ڏسي بہ دل ۾ پنھنجا رومانوي لمحا ياد ڪري لطف وٺندا هئا ڇو جو کين عورت ذات کان پري رکيو ويو هو. زيرو پلازہ جون يادون بہ نہ وسرڻ جھڙيون آهن.
مثلا: باٿ روم ٻاهران بالٽي هٿ ۾ جهلي بيٺلن جون قطارون، تڙ ڪندڙ دوستن جو دروازن کي زور سان کڙڪائڻ، ٻاهران پاڻيءَ جون لائينون بند ڪرڻ.
اندران صابڻ ۾ ڀريل، لڌڙن جيان لڳندڙ دوستن جون گاريون، هڪ ٻئي جو صابڻ لڪائڻ، ڏينھن تتي جو مئن سوئچ بند ڪرڻ واريون شرارتون. ، زيرو پلازہ ۾ اسان کي روم نمبر 6 ڏنو ويو هو جنھن کي اسان ”ماڪا هائوس“ ڪري ڇڏيو هو. اسان جو ڪمرو سڄي هاسٽل ۾ ابتر حالت ۾ هئو. ڀڳل دريون، اکڙيل فرش، ڪمرو مان تڪلف ۾ لکان ٿو . جت بہ اسان جي الاٽمنٽ مشڪل سان ٿي هئي. ان دور ۾ چانڊڪا ۾ هاسٽل ملڻ چڱو خاصو مسئلو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاسٽل 5 ۽ شھيد مير اشتياق هاسٽل 6 پوءِ ٺھيون، ان وقت بہ سائين جي ايم سيد هاسٽل 1 جي هڪ روم ۾ ڇھہ ڄڻا رهندا هئا. اوهان اعتبار ڪريو يا نہ پر اسان جي ڪمري ۾ بہ ڏهن ڄڻن جي الاٽمنٽ ٿي هئي.
اسان جو ڪمرو پٺاڻ جي اوطاق جيان هوندو هو جت بسترا فرش تي لڳل هئا. چانھہ جي محفل ۾ وڏا وڏا تفصيلي بي معنيٰ بحث ٿيندا هئا. ٿڪجي ٽٽي وڃي سمھي پونداهئاسون. صبح جو ڪلاس ۾ اڳي کان اڳرا اهي اسان جا فرسٽ ايئر جا شروعاتي ڏينھن هئا جنھن وقت اسان فولنگ جي ڀوءَ کان اندروني خوف جو شڪار هئاسين ۽ نيشنل جاگرافي جي هرڻن وانگر ڌڻ ڪري گهمندا هئاسين مگر جڏهن پاڻ ۾ ملنداهئاسون تہ پاڻ کي ”سڪندر اعظم“ جي لشڪر کان گهٽ ڪو نہ سمجهندا هئاسون. فرسٽ ايئر جي ياريءَ جو پنھنجو لطف آهي. هر ڪو هر ڪم ۾ اڳڀرو هوندو آهي محفل ۾ هر ڪنھن جي ڪوشش هوندي آهي تہ گهڻي کان گهڻو ڳالھائي ۽ گهڻي ۾ گهڻو خرچ ڪري اهو شايد لفظ فرسٽ جو ڪمال آهي.
تمام ٿورن ڏينھن اندر ئي ڪلاس اندر دوستن جون ٽوليون ٿي ويون. ان دوستيءَ ۾ نہ نظريو شامل هو نہ هم آهنگي پر جاگرافي جي لڪيرن جيان اسان هڪ ٻئي سان گڏ ٿي وياسين. سکر وارا سکر وارن سان، لاڙڪاڻي وارا لاڙڪاڻي وارن سان. دادوءَ وارا دادو وارن سان ۽ ذات ڀائي ذات وارن سان اهو سڀ ڪجهہ ڊارون جي Adaptation هئي مطلب تہ چانڊڪا جو Ecological balance اهوئي هيو.
اسان دوستيءَ جي جنھن يونٽ ۾ ورهائجي وياسون ان ۾ مرحوم شاهنواز سيال، اشرف ڪلوڙ، اعجاز شاھہ، جاني ڪلوڙ ھئا. اسان جي ڪچھرين جو موضوع نہ سياست هئي نہ نظريو پر اسان ماضيءَ جي قصن، ڪھاڻين، ڏينھن جو واقع ٿيندڙ واقعن ۽ مختصر لطيفن کي دهرائي کلندا هئاسين. اسان کي اهي خالي ٽھڪ بہ زندگيءَ سان ڀرپور لڳندا هئا.
هاسٽل ۾ اسان جو وقت حافظ سيف الملوڪ ۽ ٿاڻي بولاخان جي هندو دوستن سان تاس کيڏڻ ۽ شام جو ونجهہ وٽي کيڏڻ ۾ گذرندو هو.
مرحوم شاهنواز سيال جي هڪ مخصوص عادت هوندي هئي تہ هو فتنہ کڙا نہ ڪندو هو ۽ ڳالھہ کي Minimize ڪري ٻڌائيندو هو. هن جي ڳالھہ ڪرڻ جو انداز بلڪل ناصر صاحب جي سرائڪي انداز جھڙو هوندو هو. I. C. U نشتر ۾ هو منھنجو سينئر هو. صبح جو جيئن آءٌ هن کان over وٺڻ ويس مون سان گڏ امير بہ هو جنھن جو پيءُ i. c. u ۾ داخل هو.
ناصر صاحب چوڻ شروع ڪيو. ”آج i. c. u ٺنڊا ٺنڊا هي“ مان سمجهيو مريض وارڊن ۾ هليا ويا هوندا پر ناصر صاحب چوڻ شروع ڪيو.
”اسماعيل. . . . وہ بيڊ نمبر 1 والا مريض ﷲ ڪون پيارا تھي گيا”
”او ڊوجهي مريض ڪون الائي ڪيا تھي گيا وه بہ مرگيا، تيکون پتا تھا تہ ڈاکڻر سرفراز دي بھتيجڙي سيريس تھي وه بہ پيالا ڪر گئي،
باقي وه head injury والا مريض تہ بچڻا ئي نہ ها! “ اتي امير ڀري ڊڪ تہ ڪٿي هن جو پيءُ تہ وفات نہ ڪري ويو.
سو ناصر صاحب چئن موتن کي جنھن نموني پيش ڪيو ائين شاهنواز سيال بہ وڏين وڏين گارين ۽ گلاين کي دوستن ۾ معمولي ڪري پيش ڪندو هو. هن جي حتيٰ الامڪان ڪوشش هوندي هئي تہ دوستن ۾ رنجشون نہ هجن.
هڪ دفعي ٻہ دوست ڪاوڙيا ڳالھہ مرڻ مارائڻ جھڙي ٿي وئي. هڪڙي کي هن چيو تہ يار هو دوست اوهان لئہ روئي ٿو، ۽ ٻئي کي چيو تہ يار هو تنھنجو ڏاڍو ڏک ڪري ٿو ۽ ائين جڏهن هو سامھون ٿيا تہ واقعي پاڻ ۾ روئڻ لڳا.
اسان اپريل 1979ع ۾ چانڊڪا ويا هئاسون، تازو ئي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي. چانڊڪا جا شاگرد ڀٽي صاحب جي مزار تي پوليس پھري ۾ ڳڙهي خدابخش ويا هئا. بر ۾ سمھيل هن بادشاھہ جي قبر جي مٽي اڃان آلي هئي ۽ ان کي وڌيڪ آلو چانڊڪا جي شاگردن جا ڳوڙها ڪري آيا. صوفي عنايت شھيد جي فلسفي، جيڪو کيڙي سوئي کائي جو پوئلڳ سوئيڪارنو ۽ قذافي، شاھہ فيصل ۽ سادات جو دوست، مائو ۽ لينن جهڙو، بلاول ۽ منصور جي صف ۾ وڃي بيٺو هو. اهو ڏينھن چانڊڪا جي ڇوڪرن ڏاڍو اداس گذاريو هو. چانڊڪا ۾ ان ڏينھن جھڙي اداسي مون ڪڏهن ڪو نہ ڏٺي.
اسان جڏهن ويا هئاسون تہ اسان سان فولنگ بلڪل ڪو نہ ٿي مورڳو اسان کي welcome پارٽيون ڏنيون ويون. اهي ڏينھن هئا جو چانڊڪا جي سياست جوان پئي ٿي ۽ سياستدانن پنھنجا رويا بدلايا هئا. پارٽيون عملي جدوجهد ۾ شامل ٿيون. هر ڪنھن جي اها ڪوشش هئي تہ انھن جا وڌ ۾ وڌ ميمبر ٿين. جيئي سنڌ، سپاف ۽ سڀني ننڍين پارٽين بہ اسان کي tea party ڏني. مون کي ياد آهي تہ سپاف جي پارٽيءَ جو انائونسر مجتبيٰ ميمڻ هو. ان پارٽيءَ کانپوءِ اسان مجتبيٰ ميمڻ کي ”تون ماڻھو آن“ جي نالي سان سڏيندا هئاسين. مجتبيٰ ٺيٺ دادوءَ واري انداز ۾ هي شعر پڙهندو هو تہ:
تون ماڻھو ماري مرڪين ٿو مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو.
تون لاشن تي ٿو ڏند پٽين مان لڙڪ انھن تي لاڙيان ٿو.

ان پارٽيءَ ۾ مون مجتبيٰ کي ڪجهہ شعر ۽ هڪ وائي ڀٽي صاحب جي حوالي سان لکي موڪلي ۽ ان فنڪشن ۾ پڙهي.
شعر هو
هت ظلم نہ رهندو نہ ئي ظالم رهڻو آ.
تون بہ ٻڌي ڇڏ ڪن کولي هر ماڻھو ڀٽو ٿيڻو آ.

۽ اسان اڄ تائين ظلم ۽ ظالم جي وچ ۾ ختم نہ ٿيندڙ جنگ ۽ ماڻھن کي ڀٽو ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون.
۽ وائي هئي:
ڏاڍ ڪنھن جي کان نہ ڏريو،

مرڪي ڦاهيءَ تي چڙهيو،

هو تہ امر قائد منھنجو،

حق جي خاطر جو لڙيو.
مرڪي ڦاهيءَ تي چڙهيو،

هردم جڳ ۾ جيئرو رهندو،

مريو ناهي هو مريو.

واقعي ئي ڪي شھيد موت کي بہ مات ڏئي ڇڏيندا آهن. سپاف جي ان پارٽيءَ جو ڪيترن ئي شاگردن جذباتي اثر بہ ورتو ۽ ان ۾ شامل ٿيا جن ۾ عطا چانڊيو بہ هيو. ڪنھن مھل مون بہ سوچيو تہ سپاف ۾ شامل ٿيان پر ائين تہ مون جساف جي پارٽيءَ ۾ بہ سوچيو هو مگر ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ جو ميمبر نہ ٿيس.
حقيقت ۾ محفلون ماڻھوءَ تي اثر انداز ٿين ٿيون، محفل جي جذباتي ڪيفيت عموماً ماڻھن جي توازن کي ڍرو ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري ئي جيڪڏهن اوهان راڳ جي محفل ۾ ويندئو تہ چوندئو جيڪڏهن مان بہ وڏو راڳي ٿيان پر جيڪڏهن اوهان مولويءَ جي تقرير مان متاثر ٿيندئو ۽ هن کي داد ملندو ڏسندو تہ اوهان جي دل ۾ بہ ايندو تہ مان مولوي ٿيان. ماڻھوءَ جون سوچون محفل جي رنگ سان جدا جدا وقت تي جدا جدا طريقي سان بدلجن ٿيون ۽ ماڻھو فطرتاً شناخت ۽ قيادت چاهيندو آهي. هر ماڻھوءَ وٽ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ جو احساس، جذبو ۽ سوچ هوندي آهي. ماحولياتي، ارضياتي، سماجي، معاشي، معاشرتي ڳالھيون بہ ماڻھوءَ تي اثرانداز ٿين ٿيون پر محفلون ماڻھوءَ ۾ اچانڪ وڏي تبديلي بہ آڻي ڇڏينديون آهن. ان لاءِ ڪيترائي ڇوڪرا متاثر ٿي سپاف ۾ شامل ٿيا ۽ جيئي سنڌ جي پارٽيءَ ۾ جام ڇوڪرا جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيا. جيئي سنڌ جي پارٽيءَ جون مون کي ٻہ ڳالھيون وڻيون هيون، هڪ قربان اعواڻ جو راڳ ٻيو گمنام شاگرد جا جملا جنھن چيو تہ اسان فرسٽ ايئر وارن کي فولنگ بجاءِ welcome پارٽي ڏني آهي ان لاءِ تہ اسان مظلوم سنڌين تي کلڻ بجاءِ سندن عزت سان آجيان ڪريون ٿا، سندن ڏک ونڊايون ٿا، اسان جو ضمير اجازت نہ ٿو ڏئي تہ اوهان جھڙن ڳڀرن کي باندر جيان نچايون.
هڪ رات اسان زيرو پلازہ ۾ ويٺاهئاسون ان وقت اسان جي شاگرد يونين جو صدر جنھن جو تعلق سپاف سان هو. اسان کي سياسي ليڪچر ڏيڻ آيو. همراھہ کي ڊوڙايوسين تہ ٻي هاسٽل مان ٿڌو پاڻي ڀري اچي. اسد ابڙي صاحب کي ڏاڍي تشويش ٿي، چيائين تہ سڀان اوهان وٽ ڪولر لڳندو ۽ اوهان کي تہ خبر آهي تہ سڀان ڪڏهن بہ نہ ٿيندي آ سو اڄ بہ اڄ آهي. سو ڪولر ڪو نہ لڳو. اهو منھنجي دل کي پھريون سياسي ڌچڪو لڳو هو. مون سوچيو تہ وڏيرن ۽ شاگردن جي سياست ساڳين دلاسن جي گهوڙي تي سوار ڇو آ. شاگرد تہ پڙهيل لکيل هوندا آهن هنن کي تہ وعدا پاڙڻ کپن.
ٻئي ڏينھن اسان وٽ ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري احمد علي شاھہ صاحب آيو. جنھن جو تعلق جساف سان هو. ان دور ۾ سپاف ۽ جساف گڏيل پينل بيھاريو هو ۽ جميعت کي شڪست آئي. کاٻي ڌر جون پارٽيون جي ائين ٺھي هلن تہ ادارن ۾ انتھائي سٺا اثر پوندا.
شاھہ صاحب قومپرستيءَ تي وڏو ليڪچر ڏنو. مان شاھہ صاحب جي علڻ فقير جھڙي ڏاڙهيءَ ڏي پيو ڏسان تہ ڪٿي گٿو لفظ نہ ڳالھايان ۽ ڏنڊا کاوان اسان کي ڪاليج ۾ داخلا کان اڳ ئي اها ڳالھہ ذهن ۾ وڌي وئي هئي تہ قوم پرستن سان ڦٽائڻ ڏنڊا کائڻ برابر آهي ان ڪري مون شاھہ صاحب کان ڪي الٽا سلٽا سوال ئي نہ ڪيا مگر جيڪب آباد جي هندو ڇوڪري ”سندر“ شاھہ صاحب جي جيئي سنڌ تي ڀرپور تنقيد ڪئي ۽ دليلن سان ٻڌايو تہ انھن ڪٿي ڪٿي داداگيري ڪئي آهي.
شاھہ صاحب جي چھري تي ڪاوڙ، رنج، دهمان ڌمڪي جي ڪا بہ علامت نہ اڀري ۽ سندر کي ڏاڍي شائستگيءَ سان مدلل قسم جا دليل ڏنا ۽ مطمئن ڪيو. ان وقت منھنجي ذهن مان جيئي سنڌ جي داداگيريءَ جا سمورا احساس مدفون ٿي ويا. سندر جي منھن تي بہ اطمينان جي جهلڪ اڀري.
حقيقت ۾ پارٽين جي قيادت ۽ ليڊرن جي بردباري ئي عام شاگردن جي ذهن ۾ positive اثر وجهندي آهي عام شاگرد جواب ۽ مطمئن ڪندڙ جواب گهرندو آهي. عام شاگرد ذهني طور تي گهٽ ئي ڌمڪي، دهمان ۽ بندوق سان زير ٿيندو آهي مگر الٽو باغي ٿيندو آهي اسان بہ شاھہ صاحب جي ڪچھريءَ مان ڪافي مزو ورتو. شاھہ صاحب شايد گهڻو پڙهيل هو ان ڪري هن ڳالھين کي گهڻي ڊيگهہ ۾ ڪيو. اسان کي شاھہ صاحب ٻڌايو تہ ڪيوبا آمريڪا سان دشمني ڪئي، ڪيوبا کي ڪمند وڪڻڻ جو مسئلو پيدا ٿيو، سو روس ڪيوبا کان سموري کنڊ خريد ڪري ورتي. شاھہ صاحب جو مقصد انقلاب ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ انھن جي دوستن جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد نااميديءَ ۽ تڪليف کان بچڻ هو. پر اسان کي اهي ڳالھيون ان وقت سمجهہ ۾ نہ پئي آيون حقيقت ۾ عالم کي گهرجي تہ نادانن سان گهڻيون دانائيءَ جون ڳالھيون نہ ڪري نہ تہ عالم بہ نادان ليکبو. شاه صاحب بہ معمول موجب اسان جا مسئلا ٻڌي ويو مگر انھن جو حل ڪڏهن بہ نہ ٿيو.
فرسٽ ايئر جي ڏينھن ۾ ميس جوائن ڪرڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن لڳي ويا ۽ اسان ماني ”مني“ جي ڪينٽن تان کائينداهئاسين. مني کي مان ”منو“ غليظ چوندو هوس ڇو جو مني جي ٻوڙ مان جيڪڏهن اٺ ڏھہ مکيون نہ نڪرن تہ منو غليظ سڏجي ئي نہ، مني جي مانيءَ تي اڪثر ڇڪ ڇڪان هوندي هئي. منو ڇا ڪندو هو جو اٺ ڏھہ مانيون پچرائي هر شاگرد کي هڪ ماني ڏيندو هو، پوءِ ٻي مانيءَ جو انتظار ڪنداهئاسون. جيئن جيئن مانيون پچنديون وينديون هيون تيئن تيئن سرڻن جيان جهٽي کائيندا هئاسون senior تہ گرم ماني تنور واري کان کسي جلدي پيٽ ڀري ويندا هئا باقي اسان کي رڳو ماني کائڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا.
ان ماني جي وٺ سٺ دوران ڪڏهن مڪي بازي جي مشق بہ ٿيندي هئي يعني ٺونشن سان جهيڙو ان دور ۾ چانڊڪا ۾ پستول ۽ ڪلاشن ڪوفون گهٽ هيون. ڇوڪرا انفرادي طور دليري جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ ائين هلڪا ڦلڪا طاقتور گروپ بہ هئا. تنظيمن اڃان پنھنجا ويڙهاڪ جٿا تيار ڪو نہ ڪيا هئا ان ڪري رت جا جهيڙا شروعاتي ڏينھن ۾ ڪو نہ ٿيا باقي boxing جا outdoor سين چانڊڪا ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
مني جي ڀڪ سان ئي هڪ نئين ڪينٽن کلي جنھن جو مالڪ ڪڪڙ هئو ان جو نالو تہ الائي ڇا هيو مگر ان کي ڪڪڙ ان ڪري چوندا هئاسون تہ جيڪڏهن اٺ بہ پچائيندو هو تہ چوندو هئو تہ سائين ڪڪڙ پچايو آهي. ڪڪڙ تہ وري مني جو بہ استاد هو. هڪ هڪ ماني ڏيڻ کانپوءِ چوندو هئو سائين ٿورو انتظار ڪيو ڇوڪرو اٽو وٺڻ ويو آهي. اسان کي ڪلاسن ۾ دير ٿيندي هئي ۽ ائين هڪ مانيءَ وارو ناشتو ڪري ڪلاس ۾ ايندا هئاسين باقي ڪڪڙ ڀاڄيءَ جي گريبي ڏيڻ جو شير هوندو هو. ڇو جو ڪڪڙ جو ٻوڙ جو ديڳڙو چلھہ تي هميشہ ئي چڙهيل هوندو هو. جيترو ٻوڙ شاگردن کي ڏيندو هو اوترو ئي ان ۾ پاڻي ۽ لوڻ مرچ وجهندو ويندو هو سو ڪڪڙ جي لنگر ۾ برڪت نہ پوڻ جو تہ سوال ئي پيدا نہ ٿيندو هو.
چانڊڪا جي ان ننڍڙن ننڍڙن طاقت ور گروپن ۾ هڪ ف_ ش جو گروپ بہ هوندو هو. ف_ ش ڏسڻ ۾ ڏاڍو نازڪ نفيس ۽ سريلو جوان هئو مگر ٻڌندا هئاسون تہ ف_ ش ڪافي جهيڙا ڪيا آهن. باقي اسان جي دور ۾ ف_ ش گروپ ڪو بہ جهيڙو نہ ڪيو. ف_ ش کي لاڙڪاڻي جي ڏاهاڻين دوستن جو ڀرپور ساٿ هوندو هو. ف_ ش کي چانڊڪا جي هڪ سگهاري قوم پرست پارٽيءَ ڪري هاسٽل ڇڏڻي پئي ۽ هن آخري ڏينھن شھر ۾ گذاريا. اسان ٻڌو هو تہ چانڊڪا ۾ گوليءَ سان پھريون رت ڪانگي جو وهيو هو. ڪانگي جي سيني ۾ لڳل گولي حقيقت ۾ ان جي دل کان گسي وئي هئي مگر ان گوليءَ سان چانڊڪا جي دل ضرور زخمي ٿي هئي. بھرحال گوليءَ جي بدلي ڪانگي کي چانڊڪا مان بي انتھا پيار مليو هو پيار جي آخري نشاني شيخ زيد مان پنھنجي گهر وٺي ويو. اسان جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي چانڊڪا ۾ trapping جو عمل شروع ٿيو. اهو trapping جو عمل اينٽي ڪرپشن وارن جو نہ هئو پر سياسي ورڪرن جو هئو جيڪي شاگردن کي پنھنجين پنھنجين پارٽين جو ميمبر ڪرڻ ۾ مصروف هئا. مون محسوس ڪيو تہ شاگرد نظرياتي طور گهٽ، پر سگهارين پارٽين جي ميمبر ٿيڻ ۾ دلچسپي وٺندا هئا. امن جي ان دور ۾ بہ شاگردن کيprotection جي ضرورت پوندي هئي سياست جي ان اثر هيٺ اسان جا ڪجهہ دوست بہ هئا جن وڃي پروگريسيو جيئي سنڌ جوائن ڪئي. انھن جو سرواڻ کاٻي ڌر جي سوچ رکڻ وارو شاگرد هو ۽ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو دوست هو. پروگريسيو جيئي سنڌ ۾ وائيس چيئرمين جهجها هئا. مثلا: شاهنواز سيال، اشرف ڪلوڙ، جاني ڪلوڙ، اعجاز شاھہ اهي سڀ ليڊر جا روم پارٽنر هئا. اعجاز شاھہ صاحب قد بت ۾ ايترو سگهارو لڳندو هو جو رڙ ڪري تہ ڪنھن جو هانءُ نڪري وڃي پر شاھہ صاحب گهوٽڪيءَ جي ماٿيلي جي علمي گهراڻي جو فرزند هئو ۽ ان جي طبيعت ۽ مزاج ۾ نماڻائي ۽ عاجزي وڌيڪ شامل هوندي هئس.
اسان جي ڪلاس اندر شاگردن جي سياسي ورهاست ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڪيترا شوبازن جا گروپ بہ پيدا ٿيا. جيڪي اڳتي هلي حالتن جي سنگينيءَ کي سمجهي پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان ٽڙڪي پيا ۽ پنھنجو وجود وڃائي ويٺا. هڪڙو گروپ جنھن ۾ ڪجهہ پيٽارين ۽ ڪجهہ برگر فيملي جا ڇوڪرا هئا اسٽيج تي اچي اڇوترون حرڪتون ڪندو هو. انھن ڇوڪرن جي شھري حرڪتن ڪري ٻھراڙين جي ڪن ڇوڪرن ۾ روايتي غيرت بہ جنم وٺڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينھن تہ باقاعدہ زيرو پلازہ ۾ ميٽنگ بہ ٿي تہ سڀاڻي انھن ڇوڪرن کي مزو چکائينداسين. ٻئي ڏينھن انھن ڇوڪرن کي شرافت سان سمجهايو ويو ۽ ائين ڪلاس ۾ سنجيدگي ايندي وئي سواءِ اسان جي ڪلاس جي هڪ ڇوڪري جي جنھن جي شڪل فلمسٽار رنگيلي سان ملندي هئي ۽ ان جو نالو بہ رنگيلو پئجي ويو ۽ اهو ڇوڪرو واقعي ئي رنگيلو رهجي ويو. کيس اعظم ٻگهئي اسپورٽس ويڪ ۾ قلوپطرہ جو هيرو قرار ڏنو هو. اوهان چوندا تہ رنگيلو قلوپطرہ جو هيرو ڪيئن ٿيو. ان کي تہ نجمه ۽ فردوس، راڻي يا شميم آرا جو هيرو ٿيڻ کپندو هو. مگر هو واقعي ئي قلوپطرا جو هيرو هو. قلوپطرہ سينيماتي در مان اندر جهاتي پائڻ تي هن جي سينيما جي گيٽ ڪيپرن سان جهڙپ ٿي. گيٽ ڪيپرن رنگيلي کي سڄائي ننھو بڻائي ڇڏيو پوءِ شاگردن جي ڪٽڪ قلوپطرہ تي حملو ڪيو ۽ قلوپطرہ فتح ٿي وئي ۽ ائين اهو اسان جو ڪلاسي قلوپطرہ جو هيرو بڻيو.
ڪليم شيخ ان يونين جو سوشل سيڪريٽري هو تنھن چانڊڪا جي سبز لان تي فلمن جو هفتو ملھايو ۽ اسان اوپن لان ۾ ويھي فلم ڏٺا انھن فلمن ۾ ايترو تہ مزو آيو جيترو drive inn سينيما ۾ بہ نہ اچي. انھن ئي فلمن ۾ لھريءَ جو هڪ سين نہ وسرڻ جھڙو هو، جنھن ۾ هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ گڏھہ تي چڙهي آيو ۽ چوٿين سال جي ڪلاس ۾ ويھي هڪ شاگرد سان گپ شپ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چيائين تہ مان اڃان بہ چوٿين سال ۾ آهيان پر پرنسپل منھنجو ڪلاس فيلو رهي چڪو آهي.
گڏھہ جي ان سين اسان جي شيخ زيد ڪالوني (جيڪا ان وقت اڌ کان وڌيڪ چانڊڪا جي هاسٽل هئي) ۾ رهندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جو بھترين substitute ڏنو. صبح جو اسان جي ڪلاس جا ڇوڪرا گڏھہ گاڏن تي چڙهي ڪاليج آيا ۽ نعرا هڻڻ لڳا حليم شيخ صاحب جيڪو ٽرانسپورٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو تنھن کي ڪافي ڪاوڙ آئي، چوڻ لڳو تہ اوهان اسان جي شھر ۾ بيعزتي ڪرائي آهي ان واقعي کان پوءِ شيخ زيد ڪالونيءَ وارن ڇوڪرن کي باقاعدہ بس ملي.
فرسٽ ايئر دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن خوامخواھہ گوڙ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. سو ننڍن ننڍن مسئلن کي اشو بڻائي A. O جي آفيس ۾ بائڪاٽ ڪري ويھي رهندا هئاسين. هڪ ڏينھن اهڙي ڌماچوڪڙي ڪئي سون ۽ A. O صاحب (عبدالمجيد پٺاڻ) جي آفيس ۾ ويھي رهياسين. انھن ڏينھن ۾ بارڪزئي صاحب چانڊڪا جو پرنسپل هو. اهو ڪو نہ ھو يڪدم نيڪ محمد شيخ صاحب کي گهرايو ويو. جنھن اسان کي اهڙو تہ نفسياتي ڌڪ هنيو جو اسان اخلاقي طور ڪيترا ڏينھن بيمار رهياسين.
سائين چيو تہ مان آپريشن ٽيبل تي مريض ڇڏي آيو آهيان جيڪو اوهان کي پٽيندو اسان ڏاڍا پشيمان ٿياسون. حقيقت ۾ اسان کي خبر ڪو نہ هئي تہ اسان کي انتظاميہ ڪھڙيون ڪھڙيون سھولتون فراهم ڪرڻ جي پابند آ يا اسان جا انتظاميہ تي ڪھڙا حق آهن حقيقت ۾ اسان کي پنھنجي حقن کان پري رکيو ويو هو. جنھن ڪري اسان پنھنجا جائز مطالبا پيش ڪندي بہ شرمندگي محسوس ڪندا هئاسون. اسان ڪيترا مھينا فرش تي سمھياسون ان کانپوءِ اسان کي لوها بيڊ فراهم ڪيا ويا جيڪي ڏاڍا ردي هئا ۽ اسان پاڻ ۾ باقاعدہ سٺي چونڊڻ جي چڪر ۾ ڏند چڪ بہ ڏناسون.
چانڊڪا جي اسان واري اوائلي دور ۾ ميسون سٺيون ۽ سستيون هونديون هيون، صفائي سٿرائي بہ چڱي هوندي هئي. ڊائيٽ، شگر وارن مريضن واري ڊائيٽ بوتل نہ پر ميس جو ويلو اٽڪل ڏيڍ روپئي ۾ پوندو هو. مگر ميسن جو بہ پنھنجو هڪ رواج هو اتي بہ ليڊر کي سٺو کاڌو پيش ڪبو هيو ۽ وري مسڪين شاگرد کي ننڍي هڏي واري ٻوٽي ڏبي. ميسن جي مينيجرن جي ٻيگهي متل هوندي هئي مگر گل بورچي تہ بورچين جو سردار هو ۽ صديق بہ ڪو گهٽ نہ هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو اسان کي ٻين ادارن جي ميسن وانگر، مئل مرغيون، پاروٿو پلاءُ ۽ سڙيل سبزيون نصيب نہ ٿيون ۽ انھن کائڻ جي آس اندر ۾ رهجي وئي. البتہ بورچي ٻوڙ کي ڪڏهن ڪڏهن گهاٽو ڪرڻ لئہ (جيئن اڄڪلھہ حليب کير وارا چون ٿا) اٽو وجهي ڇڏيندا هئا ۽ اسان کي ان اٽي واري ڀاڄي کانسواءِ مزو ئي نہ ايندو هو. خميس ڏينھن رات جو هاسٽلن جون ميسون بند هونديون هيون ۽ ڇوڪرا وڃي العباس هوٽل جي اڌ پاءُ ڪڙاهيءَ واري پليٽ کائي عياشي ڪندا هئا. انھن ئي ڏينھن ۾ رحمت پور ۾ خمينيءَ نالي هڪ همراھہ هوٽل کوليو جيڪو اسان کان مخصوص پئسا وٺي ماني کارائيندو هو يعني فڪس ويلو ۽ اهو ويلو بہ ٽين روپئي جو هوندو هو جنھن ۾ پيٽ ڀري ماني کارائي ويندي هئي. خمينيءَ جي هوٽل جي انڊا گريبي ۽ ڪونھٽ وارو قورمو شاگرد ڏاڍي شوق سان کائيندا هئا ۽ پوءِ ان همراھہ جنھن کي خميني چوندا هئا چانڊڪا ۾ ڪينٽين کولي. اهو همراھہ بنيادي طور قومپرست هو ۽ وڏي اخلاق وارو هو. ميسن جو ناشتي جو انڊو قيمو، رات جو ڪونھٽ جو قيمو، منجهند جو 4 پيس برياني ۽ رات جو واڱڻ جي ڦاري يا پٽاٽي واري ٽڪي اسان جو روز جو کاڄ هوندو هو. قيدين وانگر مجال آهي جو مينيو ۾ ردوبدل ٿئي. ميس وارا بہ سوچي سمجهي ميمبر ڪندا هئا تہ جيئن ڪو پئسا نہ کائي ۽ ميس جا پئسا وصول ڪرڻ بہ هڪڙو فن هوندو هو.
هڪڙي دوست ڏي ڪي مئس جا پئسا رهجي ويا سو مئنيجر ان وٽ پئسا وٺڻ آيو ۽ لطيفو ٻڌايائين تہ هڪ مواليءَ کي هڪ لک روپيو مليو دوستن پڇيس تہ ڇا ڪندين، مواليءَ وراڻيو تہ پنجاھہ هزار جي ڀنگ وٺندس ۽ پنجاھہ هزار جو آفيم. دوستن پڇيس تہ ماني؟ مواليءَ وراڻيو: تہ ماني تہ پن سن تي بہ ملي ويندي آهي. همراھہ بہ ميس جا پئسا ڏيڻ ۾ دير نہ ڪيس.
ميس ۾ مھمان جي مناسبت سان ويلا لکيا ويندا هئا.
مثلا: ٻہ پيرا سائيٽ
ٻہ چٽيون
ٻہ V. T. O يعني ويلا ٽار آفيسر. سو V. T. O کان بچڻ کي سڀ ترجيح ڏيندا هئا. ميس جي ٽيبل تي ٻولي ڳالھائڻ جو پورو پورو خيال ڪرڻو پوندو هو. جيڪڏهن ڪو گلاس يا جڳ پاڻ ڏي ڪرائڻو هوندو هو تہ عرض ڪرڻو پوندو هو. سائين جڳ کي تہ سورجو.
هڪ ڏينھن هڪ شاگرد ڪنھن کي جڳ سورڻ لئہ چيو، سائين جڳ کي تہ اٽ هڻجو. همراھہ چيس، سائين اوهان هينگ ڪيو تہ مان اٽ هڻان. ميس جي ٽيبل تي ڪو بحث مباحثو نہ ڇيڙيو ويندو هو البتہ نوان آيل ڇوڪرا پنھنجي سبجيڪٽن تي روانيءَ سان ڳالھائيندا هئا. چانور کائيندا هئا تہ چوندا هئا تہ Cellulose ٿا کائون. اسان پڪ سان سمجهي ويندا هئاسون تہ هنن ۾ اوجهري ٻڪريءَ جي آهي جو گاھہ بہ هضم ڪري سگهن ٿا.
ميسن ۾ پٽارين ميس جو شروع ۾ اسٽينڊرڊ چڱو هوندو هو پر پوءِ اها ڀلاري بہ پنھنجي ساهيڙين سان گڏ هلڻ لڳي.
فرسٽ ايئر دوران ڪلاسن ۾ شوق سان وينداهئاسون پڙهائيءَ جو ڪٿي نہ ڪٿي ذڪر ڪبو مگر هن وقت ذڪر ڪريون ٿا ان نظم جو جيڪو مون سيڪنڊ ايئر ۾ فرسٽ ايئر وارن جي پارٽيءَ ۾ پڙهيو جنھن کان پوءِ مون تي مزاح نگار جي ليبل لڳي وئي.


1. اڳي مينھن کان بہ متارو هئس مان.
هت پٽاٽن تي پلجي سڙيل دال کائي،
مان سنهڙو ٿيو آ.
ڪمين ۽ ڪڇوئن جا آنا اڳري،
موالين جھڙو منهڙو ٿيو آ.
ڦٽي منھنجي قسمت، ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

2. نلڪا صبح جو پاڻي بدران موسيقي پياري ڪن ٿا
ڀنگي بادشاھہ هت مرضيءَ تي ٻهاري ڏين ٿا
چوڪيدار چڱا مڙس پٽيوالا بہ بھاري ڪن ٿا
اتفاق ساڻ آفيسر ۾ ڪو ڪم جي پئجي ويندو،
نہ A. O ئي لڀندو نہ ناظم (اڪائونٽ) ملندو.
ڪلارڪن تي ڏيان ڪھڙي تهمت
ڦٽي منھنجي قسمت، ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

3. نہ ڪنسيڪشن فارم هت نہ ڪارڊ آهن،
نہ ئي لئبرريءَ منجهہ ڪتاب آهن،
بوڪ بئنڪ ۾ بہ لڳي سڃائي پئي آ.
سينٽرل ڪينٽن جي چانھہ چڱي چانڊڪا جي لڄائي ڪئي آ.
رڪگنائيزيشن وارا جو هت آيا اٽي ۾ لوڻ برابر ڏٺئون ڇوڪريون،
چيائون رڪگنائيز ڪنداسون نہ چانڊڪا اسان کي وڃائڻيون نہ آهن نوڪريون
سڄو ظلم سارو اسان سان او يارو PMC ڪيو آ.
حقيقت يارو اها ٿَوَ حقيقت
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

4. بسيون بگل باجا وڄائينديون هلن ٿيون،
ڇڪڙن جي لوڏن تي مانيُون لھن ٿيون،
پڇو بل تہ پئٽرول پاڻيءَ جيان پيئن ٿيون،
گٽرن جي بند ٿيڻ انتظاميہ کي پريشان ڪيو آ،
باٿ رومن جي بندوبست جو تن اعلان ڪيو آ،
ٻڌون ٿا تہ بند پار ٽڪرو زمين جو ورتو ويو آ،
جت عنقريب هٿراڌو جهنگ هڻايو ويندو.
ڇورن جي ضرورت حاجت جو مسئلو پاڻھي حل ٿيندو
Defecation ۾ تن کي ٿيندي هاڻ نہ دقت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

5. بايو جا بيڪر سمورا ڀڳل هن،
پپيٽون ۽ ٽيسٽ ٽيوب سارا ٽٽل هن،
نہ ڪي ائسڊيون Acids اتي نہ ڪي بيس base ڀائو،
مگر رجسٽرن ۾ سڀئي درج ٿيل هن،
Theory انھن جي نہ پوري ٿي آ،
Practical ۾ پڙهائڻ جي ڪئي ڪنھن نہ زحمت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

6. ائناٽاميءَ ۾ مڙدن جي هڙتال اڃان جاري آهي،
استاد چون ٿا اها ڳالھہ ڏاڍي پياري آهي،
نہ ڪي مڙدا هوندا نہ ڇورا ئي ايندا،
نہ ڇورا ئي ايندا نہ ميڄالو چٽيندا،
اسپيسيمن تہ ات اصل ڪو نہ آهن،
بون بئنڪ ۾ بہ ڀڳل بون آهن،
بند ماڊل ڪنجين ۾ لڳي ٿو انھن ساڻ سائين جي آهي محبت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

7. Histo، فزيو، هت مڙئي خير آهي،
پئٿالاجيءَ ۾ پڙهائي ڪو نہ، فارما ۾ بہ ڦير آهي،
آءِ، اي، اين، ٽي، گائني سرجري جي ڳالھہ ڪندس ڪونہ،
ڇو جو امتحان منجهہ اڃان دير آهي،
جي انھن جي هينئر گلا ڪيان ٿو تہ پوءِ
سپليءَ مٿان سپلي ايندي،
۽ سپلين ۾ ئي منھنجي اڇي ڏاڙهي ٿيندي،
هتي اٿو اها يارو ذلت ڦٽي منھنجي قسمت،
ٿي داخلا چانڊڪا ۾،
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

8. هي نوجوان جيڪي نعرا هڻن ٿا،
حقيقت ۾ مون کي پيارا لڳن ٿا،
ڏسان ٿو حشر پنھنجو جڏهن،
هي سمورا مون کي ويچارا لڳن ٿا،
سپلين سان گڏ جڏهن ميس جي ماني کائيندا،
سڄو ڏينھن ڀائو رڳو باٿ رومن ۾ ويندا،
سٺي صلاح آ تن کي اڄ ئي ٿيلھا ٻڌن،
پل نہ ترسن بس هاڻي ئي ڀڄن،
نہ تہ رهندي هنن وٽ سڄي عمر غربت،
ڦٽي منھنجي قسمت ٿي داخلا چانڊڪا ۾
اباڙي اباڙي! الاڙي، الاڙي.

منھنجو هي پھريون نظم هو جيڪو مون چانڊڪا جي اسٽيج تي پڙهيو هو. هن نظم سبب ڪيترا انتظاميا وارا مون کان ناراض بہ ٿيا ۽ ڪيترن ميارون بہ ڏنيون پر خوشقسمتي سان ان نظم مون کي چانڊڪا سان حقيقي پيار سيکاريو. مون پڇتايو تہ مان عظيم اداري لئہ اهو سڀ ڪجهہ چئي ويٺس جيڪو مون کي نہ چوڻ کپندو هو. منھنجي ان هارايل حوصلي کي پشيمانيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان دوستن جي ٽھڪن بچايو جيڪي ڀرپور، بي خوف ۽ زبردست طريقي سان کليا هئا.