آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

هِڪَ عاشق جي يادُن جي ڪائنات

مون جامَ ڪِتابَ ڪمپوز ڪيا آهن. ڪمپوزنگ ڪَرڻ وَقت آئون اُنھن ليکڪن جون تحريرون بہ پَڙهندو آهيان. تحريرون پَڙهڻ وقت ڀائيندو آهيان اُهو لکاري مون سان ڪچھري ڪري رهيو آهي. پَنھنجي زندگيءَ جي تَلخ تجربن، محبتن، نفرتن، خوشيُن، اذيتُن، مشاهدن ۽ مطالعي جي وُسعتن بابت آگاهي ڏيندي نَظر پيو ايندو آهي. سوچيندو آهيان تہ هڪ ليکڪ پَنھنجي سماج ۾ رَهندي ڪيڏو نہ حَساس ٿئي ٿو. هُنَ جي دل ڪيڏي نہ ڪوئنري ٿئي ٿي. ڪيئن تہ لَفظن جي ميڙ کي گڏ ڪري هڪ خوبصورت گُلدستي جي شِڪل ڏئي ٿو. هُو لِکندو رهي ٿو، ۽ تيستائين لِکندو رهي ٿو جيستائين اُن جو اندر خالي نٿو ٿي وڃي! پَر اندر ڪِٿي ٿو خالي ٿئي! مسلسل لِکندو رَهڻ وارن جي لاءِ اِئين ئي آهي جيئن هڪ اڃارو پاڻيءَ جا مَٽَ پي بہ چوي تہ آئون تہ اڃا اڃارو آهيان. ليکڪَ جي اندر جي تاسَ بہ تہ آخر تائين تاسَ ئي رهجي ٿي وڃي. لکڻ وقت هڪ ليکڪَ جي ڪيفيت ڪھڙي هوندي اِها تہ اُنَ کي ئي خَبر، پَر اِهو سو چئي سگهجي ٿو تہ لِکڻ وقت هڪ ليکڪ جي آڏو يا اُن جي ذهن ۾ سموري ڪائنات جون حَسناڪيون ۽ سمورا عُنوان جگ مگ جگ مگ جَرڪندا هوندا.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جو ڪِتاب ڪمپوز ڪرڻ وقت مون مَٿان هڪ عجيب قِسم جي ڪيفيت طاري هُئي. اِهڙي ڪيفيت ممتاز بخاريءَ جي ناول "تنھنجو انتظار ڪرڻو آهي" جي پروف ريڊنگ ڪَرڻ وَقت ٿي هُئي. ڪِتابُ ڪمپوز ڪرڻ وقت نہ ڄاڻ ڪيترا ڀيرا مُنھنجي دل ڌڙڪي هئي ۽ نہ ڄاڻ ڪيترا ڀيرا مُرڪيو ۽ رُنو هيس جو سائينءَ پَنھنجي يادُن کي اهڙي تہ انداز سان پيش ڪيو ۽ ايتريون تہ تشبيھون ڏنيون آهن جو حيرتُن جي سمنڊ اندر لھندو وڃان. ڪي ڪِتابَ اهڙا هوندا آهن جو اوهان (پڙهندڙ) اُن تحرير ۾ موجود ڪِردار بڻجي ويندا آهيو، اُنَ جي خوشي بڻجي ويندا آهيو، اُن جو درد بڻجي ويندا آهيو، اُن جي محسوسات بڻجي ويندا آهيو. ڪِردار جي دل جيان اوهان جي دل بہ ڌڙڪندي رهندي آهي. اهڙي ڪيفيت پڙهندڙ جي ذهن تي ڪيئي ڏينھن خمارن جيان پئي رهندي آهي.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جيڪو ڪجهہ بہ لکيو آهي هُنَ پنھنجي اندر جي سموري ڪائنات پَني تي سَجائي ڇڏي آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا ڪوڙ ۽ منافقي کان پاڪ آهي. اهڙي ڪائنات جنھن ۾ زندگي ساھہ ٿي کڻي. اهڙي ڪائنات جنھن ۾ هو بادشاهن وانگر رهيو آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا هڪ سچي پچي عاشق جي ڪائنات آهي.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو صاحب جي هيءَ تحرير عِشق آهي ۽ هو پاڻ عاشِق آهي. هُنَ جو ذهن ڪمپيوٽر کان بہ تيز ڊوڙندڙ هڪ اهڙي مَشين آهي جيڪا پَل ۾ 30سالَ پُراڻيون يادن کي سھيڙي آڏو رکي ٿي جنھن ۾ ڪو بہ error نہ آهي ۽ نہ ئي اُن سي ڊي ۾ ڪي scratch آهن.
ڊاڪٽر صاحب هن ڪِتابَ سان گڏ پَنج ٻيا بہ ڪتاب ڏيکاريا آهن جن کي پڻ ڇپرائڻ جو خواهشمند آهي. اُنھن مان هڪ ڪِتابُ اهڙو آهي جنھن ۾ عام ماڻھن، پَر ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ خاص ۾ خاص شخصيتن تي شاعريءَ ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. اهڙو ناياب ۽ نادر ڪم تہ ڪو عاشق ئي عشق ۾ ڪري سگهي ٿو.

امرايازمھر
سکر