آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنهنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو آهي. ڪتاب ”چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل“ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي يادگيرين ۽ واٽس ايپ گروپ تي لکيل مضمونن ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل دلچسپ ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ رڳو شاگردن ۽ استادن جا قصا ناھن پر ڪيتريون ئي يادون، دلچسپيون ۽ تاريخي ڳالھيون پڻ شامل آھن. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن.
Title Cover of book چانڊڪا ۽ ملينيئم گرل (يادگيريون)

سنڌ، شاھہ لطيف ۽ چانڊڪا جي عاشق جون يادون

سدائين مُرڪندڙ چھري وارو هي آهي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو. ڊاڪٽر تہ هي ڀلو ۽ ماهر آهي، پر اُن کا وڌيڪ اِنسان دوست ۽ آدميت جو احترام ڪندڙ آهي. سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر. لطيفي فڪر کي پنھنجي نظر سان پرکيندڙ ۽ بيان ڪندڙ ۽ ڪمال جو داستان گو. اِهي سڀئي خوبيون آهن اسان جي انھيءَ پياري دوست ۽ هڪ مثالي اِنسانَ ۾. انھيءَ سُڃاڻپ تائين پهچڻ لاءِ هڪ حسين دل رکندڙ اِنسان، هڪ عاشق جي اڌ صديءَ جو سفر گذريو آهي. ڊاڪٽر اسماعيل اَڄُ بہ مون کي هاءِ اسڪول جي زماني وارو ساڳيو ئي محمد اسماعيل ماڪو ”جوشيلو“ لڳندو آهي. پنھنجي مزاج ۽ رويي ۾ بنھہ سادو، بناوت ۽ اجائي ڏيک ويک کان پري، جيئن جو تيئن.
محمد يعقوب ماڪو، محمد قاسم ماڪا، ڊاڪٽر عثمان ماڪو، فقير امان ﷲ ماڪو سڀئي پنھنجي سڃاڻپ رکن ٿا، پر اسان جي محمد اسماعيل ماڪي جي ڳالھہ ٻي آهي. هي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي داستان پڙهندو، مان حيران ٿيندو ٿو وڃان تہ هُن هي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالھيون ۽ واقعا ۽ ڪردار ڪيئن ياد رکيا آهن ۽ اُنھن کي ڪھڙي تہ سادي مگر دلچسپ انداز سان بيان ڪيو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو هو واقعو بيان ٿو ڪري ۽ قلمُ، ڪاڳر تي پنھنجو پاڻ ڊوڙندو ٿو وڃي. اهڙي تحريري انداز لاءِ بہ هڪ آرٽ ٿو گُهرجي، جيڪو ڊاڪٽر اسماعيلَ وٽ آهي. هُن معمولي ڳالھين ۽ واقعن کي بہ اهم بڻائي ڇڏيو آهي. ان جو هڪڙو سبب اِهو بہ آهي تہ هر ڳالھہ ۽ واقعي جو هو اکين ڏٺو شاهد ضرور آهي پر ان ۾ هن جي مڪمل شموليت بہ ظاهر ٿئي ٿي، ڄڻ هُو ان جو حصو هجي. لاتعلقي واقعن کي بي اثر بڻائيندي آهي. مثال طور هو جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي شھادت جو ذڪر ٿو ڪري تہ انھيءَ سوڳوار ماحول جو پاڻ بہ حصو بڻجي ٿو وڃي.
”تازو ئي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي. چانڊڪا جا شاگرد، ڀٽي صاحب جي تربت تي پوليس پھري ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا هئا. بر ۾ سُمھيل هن بادشاھہ جي قبر جي مٽي اڃان آلي هئي ۽ اُن کي وڌيڪ آلو، چانڊڪا جي شاگردن جا ڳوڙها ڪري آيا“.
هڪ سٽ ۾ درد جي شديد ڪيفيت کي بيان ڪرڻ جو آرٽ اِهوئي آهي. چانڊڪا ۾ داخلا کان وٺي آخر تائين هن داستان ۾ سوين واقعا ۽ ڪردار آهن. هر ڪردار جو ذڪر هُن نھايت محبت سان ڪيو آهي. چانڊڪا ۾ داخلا کان پوءِ هاسٽل بابت هن طرح لکي ٿو.
”اسان کي جنھن جاءِ ۾ ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو هو، سا هئي زيرو پلازہ. اِها ڪلر ۾ ڪلور ٿيل جلاوطن بلڊنگ هئي، جنھن جو چانڊڪا جي حدن ۽ حُسن سان ڪو بہ تعلق نہ هو. زيرو پلازہ مان ٻہ سُکَ هئا، هڪ تہ قلوپطرہ سئنيما ويجهي هئي ۽ ٻيو تہ سامھون باگڙين جا گهر، جتان جون باگڙياڻيون، سامھون لنگهي وينديون هيون تہ اسان جي دل باغ بھارٿي ويندي هئي“.
پنھنجي ڪمري بابت وري هن طرح لکي ٿو. ”اسان جو ڪمرو، پٺاڻ جي اوطاق جيان هوندو هو، جت بسترا فرش تي لڳل هئا. چانھہ جي محفل ۾ وڏا وڏا تفصيلي بي معنيٰ بحث ٿيندا هئا. “
چانڊڪا جي انھيءَ طويل داستان، پڙهندي ٿڪاوٽ يا بوريت جي احساس نہ ٿيڻ جو سبب ڊاڪٽر ماڪي جو دلچسپ تحريري انداز آهي. ڳالھہ مان ڳالھہ اهڙي پيرائيءَ سان ڪري ٿو جو دل چئي ٿي تہ اڃان اڳتي پڙهجي.
”چانڊڪا ۽ ملينيم گرل، ڪنھن تعليمي اداري سان وابستہ يادگيرين بابت اهڙو ڪتاب اڳ ۾ منھنجي نظرن مان نہ گذريو آهي. لطيف ميڊيڪوز ۽ ڊاڪٽر ثناءُﷲ ”ڀڀڙاٽ“ جو بہ ذڪر هن ڪتاب ۾ آهي.
منھنجو پيارو دوست رسول ميمڻ ۽ ڀڀڙاٽ پاڻ ۾ گھرا دوست هئا. رسول ميمڻ مئگزين سيڪريٽري چونڊيو ويو هو ۽ اُنھن هڪ شاندار مئگزين آندي. اُن جھڙي مئگزين، اَڄُ تائين مون ڪنھن تعليمي اداري جي نہ ڏٺي آهي. ثناءُ ﷲ ڀڀڙاٽ هڪ دلچسپ شخصيت جو مالڪ ۽ هڪ انوکو ڪردار هو. ان وقت جي صحت واري وزير ڪٽپر جي ڪوٽا واري سيٽ تي کيس چانڊڪا ۾ داخلا ملي هئي. هو پاڻ ئي چوندو هو تہ هن کي ڊاڪٽر ٿيڻو ئي ناهي ۽ هو پنھنجو ميڊيڪل سينٽر کوليندو، جنھن جو هو ايڊمنسٽريٽر ٿيندو. اُستادن جا ليڪچر ڇپرائي هن پنھنجي پبليڪيشن قائم ڪئي هئي. مان رسول ميمڻ وٽ اڪثر ويندو هيس جتي ڀڀڙاٽ سان بہ ڪچھريون ٿينديون هيون. لطيف ميڊيڪوز پاران ڪوٺايل ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ ۾ مان بہ شريڪ ٿيو هوس. ڊاڪٽر ماڪي جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي تہ انھيءَ ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ انھن کي ڪيترا جتن ڪرڻا پيا هئا. انھيءَ ڪانفرنس لاءِ اُنھن کي مختلف هنڌن تان چندو ڪرڻو پيو هو. ڊاڪٽر ماڪو لکي ٿو تہ ”شاگردن لاءِ ٻہ ڪم ڏاڍا ڏکيا آهن، هڪ تہ چندو گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو ڪنھن اديب جا ڪتاب کپائڻ“.
لطيف ميڊيڪوز پاران رسول ميمڻ سان شام بہ ملھائي وئي هئي. ان ۾ ڪافي دوست متحرڪ هئا، جن ۾ منصور مغل، چاچي جان محمد منگيءَ جو پٽ امان ﷲ عرف جانسن منگي جن بہ شامل هئا. ڊاڪٽر ماڪي جو بہ ان ۾ چڱو حصو هو. لطيف گزيٽ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڊاڪٽر ماڪو بہ شامل هو.
اديب انقلابي، گهنشام پرڪاش، خادم سنڌي، شمس سومري، خادم منگي، مولا بخش ڪلھوڙي جي ذڪر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جون ڳالھيون بہ آهن. شاگردن جي سياسي تنظيمن بابت مختصر تجزيه، انھن جي اڳواڻن جي ذڪر سميت شامل آهن. جيڪي اوهان ڪتاب ۾ پڙهندا تہ هر منظر اوهان جي اکين آڏو ڦري ايندو. رسول ميمڻ جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهي ها تہ سڀني کان وڌيڪ خوش ٿئي ها ۽ ڊاڪٽر ماڪي کي خوش ٿي ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏئي ها.
شاگردن جي ميس جو ان زماني ۾ ڪھڙو حال هوندو هو، ڊاڪٽر ماڪي جي هنن سٽن پڙهڻ بعد سڀ ياد اچي ويندو.
”ميس جي ناشتي جو انڊو قيمو، رات جو ڪونھٽ جو قيمو، منجهند جو فورپيس برياني، رات جو واڱڻن جي ڦاري يا پٽاٽي واري ٽڪي، اسان جو روز جو کاڄ هوندو هو“.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالھہ اِها بہ آهي تہ وچ وچ ۾ موضوعاتي اعتبار کان ڊاڪٽر ماڪي جي شاعري بہ شامل آهي.
هي ڪتاب صرف ڊاڪٽر شاگردن جي سرگرمين جو داستان نہ آهي پر ان ۾ ڪجهہ ڪڙيون سچايون بہ بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي شايد ڪيترن دوستن کي پسند نہ بہ اچن پر ڊاڪٽر ماڪي نھايت بيباڪيءَ سان بيان ڪيون آهن جو هُو بي نيازيءَ سان سرشار هڪ کرو شخص آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر ماڪي، پنھنجن واسطيدار ڊاڪٽرن جا مختصر تعارف بہ شامل ڪيا آهن، جيڪي هڪ تسلسل ۾ هن ڪتاب جو حصو آهن. هُو جاني ڪلوڙ، جاويد لوهر ۽ قربان جهتيال کي بہ ياد ڪري ٿو، جيڪي کائنس وڇڙي ويا آهن.
چانڊڪا جي شاگردن جا اِن ڊور ۽ آئوٽ ڊور عشق بہ هن ڪتاب جو حصو آهن:
ڪنھن کيس دڙڪو ڏنو
ڪنھن کيس چريو چيو
منُ، پنھنجي ان پرينءَ لاءِ،
رُلَندو رهيو.
پيارُ ڪيڏو نہ ڀوڳي اٿو.
پيار جي بہ سڪرات آ.
پيار ڄڻ ڪا تاريڪ رات آ.
پر ماديت جا رنگيلا مسافر،
بند، شيشن وارين گاڏين ۾،
پيار پنھنجو ٿا لڪائي هلن،
۽ اسان تي بيٺا اجايو کلن.
”چانڊڪا ۽ ملينيم گرل“ هڪ قصي ۾ ڪيئي قصا آهن. ڪي ڳالھيون، توهان جي چھري تي مُرڪ آڻي ڇڏينديون، ٿي سگهي ٿو ڪي اوهان جي نرڙ ۾ گهنجُ پوڻ جو سبب بہ بڻجن. ليکڪ پنھنجي دل جي سچائيءَ سان انھن يادن کي گڏ ڪيو آهي. اهڙو ڪتاب، جيڪڏهن ڊاڪٽر ماڪو نہ لکي ها تہ پوءِ رسول ميمڻ ئي لکي سگهي ها. افسوس جو رسول ميمڻ جھڙو جينيس ليکڪ بہ ائين ئي اوچتو هليو ويو. اسان کي پنھنجن ڏاهن ماڻھن جو قدر ڪرڻ کپي.


ڊاڪٽر ادل سومرو
حسين صالح هائوس
واري تڙ سکر
12 جنوري 2024ع