ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي شعر جي تجريدي تشريح: ورھہ ٿيا هن وري ڄڻ خزان جيان دل ڇڻي، پيار يادون سڪل پنن جيان پيو ٿو ميڙيان، پريم اڱڻ تان، نہ ڪنڱڻ وڳا هن نہ چوڙين چرچو، ڳچي هار ٻانھن جيان اڄ اڃان ڀي سالم، مگر ٽٽي ٿو سپنو، خاردار تارون دل سرحدن تي ڇڙو اڏاڻا سنديس پنھنجا، ڇنڊيا هن وار جهٽڪي ڪريا ها ڳوڙها بوند بنجي، هوا اڏاڻا نير پنھنجا، بادلن جي پرن تي ويھي، ڏينھن جي 60 هزار خيالن ۾ متان ڪا ياد منھنجي پيار احترام ويس ۾، خاموش نظرون اداس چھرو نہ چيل لفظ، خيال ۾ ئي کڻي سوچي وٺين، هو چاهيندو هو گهڻو پر احترام جي پابندين ۾، چئي نہ سگهيو. مان توسان ڪيان پيار ٿو.