وقت کي پرَ عُقاب جا آهن!
آئينو پيرسن ڏِسي ڀُڻڪيو:
”وقت کي پَــرَ عقاب جا آهن!“
وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي! حيرت آهي! ماضيءَ ۾ ليئوپائي ڏِسان ٿو، ڪالهوڪي ڳالهه آهي... هاڻي هاڻي ڏات-ديوي مهربان ٿي آهي، ۽ ڪجهه ڪچو ڦِڪو لِکڻ شروع ڪيو اٿم. ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ شاعر سگهڙ استاد نُورل فقير جي صحبت ۾ اچي کيس پنهنجيون لکڻيون ڏيکاريان ٿو، ۽ هو ”واهه واهه“ چئي همت وڌائي ٿو. ڳوٺ ۾ ئي مرحوم حاجي حقير ابنِ مڱڻ تائين ڳالهه پهچي ٿي، ۽ ايئين هڪ ٻيو مهربان ان راهه تي هلڻ لاءِ حوصلو بخشي ٿو.
اهو سن 70ع جو ڏهاڪو آهي. اسڪولي دؤر پڄاڻيءَ کي پهتو، ته اتفاق سان پنهنجي هڪ ٻي محسن شاعر دوست محترم غلام رسول نظاماڻيءَ سان شناسائي ٿئي ٿي. پاڻ ضلعي سانگهڙ جي قريبي ڳوٺ، نظر علي نظاماڻيءَ (ٻوٻي) جي نظاماڻين مان آهي ــ پر سڄي ڳوٺ ۾ پنهنجيءَ ذات ۾ منفرد ۽ اڪيلو ــ بيحد جينيس. تڏهن پاڻ ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءَ تي انائونسر طور ڪم ڪندو هو. ٻوٻي، ڳوٺ نظر علي نظاماڻيءَ ۾ منهنجي مائٽيءَ سبب ساڻس تعارف کانپوءِ، شاعريءَ ويتر وڌيڪ ۽ وڏيون وکون کڻڻ لڳي. ان دوران 1976ع جو سال پنهنجا امٽ اهڃاڻ نقش ڪري ٿو وڃي، جو ان سال استاد غلام رسول نظاماڻيءَ جي صحبت، مون لاءِ بي بها سرمايو ثابت ٿي، ۽ 19 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي هڪ وڏو ڪارنامو ظاهر ٿئي ٿو.... ”اي جانِ وفا! توکي ٿو چوان، تو ڪهڙو نينهن نڀايو آ!؟“ ان وقت جي ناموَر ڳائڻي اياز عليءَ جي آواز ۾ EMI رڪارڊنگ ڪمپنيءَ طرفان رڪارڊ (Disk) جي صورت ۾ سنڌ جي مڙني ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيڻ شروع ٿئي ٿو - ۽ مون سميت، منهنجا سمورا بزرگ شاعر ان واقعي تي حيران ٿين ٿا... ۽ ايئين انهن بزرگن جي صحبت ويتر ويجهڙائيءَ کان نصيب ٿئي ٿي. صفا ٿورڙي شاعري، سا به وزن بحر جي فن کان اڻ ڄاڻائيءَ هوندي به (۽ ڪٿي ڇپجڻ کان اڳ) ايڏي موٽ ملڻ، مون لاءِ نصيب جي تحفي کانسواءِ ڪهڙي ٿي معنيٰ رکي!؟
ايئين ڳوٺ جي ادبي ماحول کان پرتي نڪري، ڳوٺ بهاول زئونر جي ادبي حلقي اندر پير پهچن ٿا، ۽ ڪوِتا جي ڪاروان اندر آسيءَ جو به اندراج ٿي وڃي ٿو! هر هفتي/مهيني ٽنڊو قيصر مان استاد نورل فقير جو هٿ پڪڙي، بهاول زئونر پهچي نظر ڦيرايان ٿو، ته سامهون ڪيترا ئي شاعريءَ جي قافلي جا پانڌيئڙا نظر اچن ٿا – پر سمورا مون کان عمر توڙي عمل ۾ الاءِ ڪيترا مٿانهان- پر سندن ٻاجهارو روَيو مون کي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به ويل احساسِ ڪمتريءَ ۾ نٿو وجهي، ويتر سندن همت افزائيون ماڻيندو ٿو رهان.
مومن مليرائيءَ، گدا ۽ مسڪين ملاڪاتياري، حاجي حقير ابنِ مڱڻ (کوڙ سارن ڪتابن جو ليکڪ)، سائين شفيع محمد ٻُگهيو، جيڪو پرائمريءَ ۾ منهنجو استاد به رهيو. ٽنڊو قيصر مان استاد نورل فقير نظاماڻي، شفيع محمد ”شفن“ نظاماڻي مرحوم، ۽ نوجوانن ۾ مون سميت مرحوم آغا عاصم پٺاڻ ۽ شاهه نواز نظاماڻي باقاعدگيءَ سان بهاول زئونر ۾ سائين محمد شاهه مست بخاريءَ جي آستاني تي شعري نشستن ۾ وڃڻ لڳون ٿا، جِتي مٿي ڄاڻايل بزرگن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پري پري کان شاعر دوست اچي شريڪ ٿيندا هئا – جن مان هڪ معتبر، مانائتو محترم ۽ ڀلوڙ شاعر هئڻ سان گڏ صوفي منش سائين بابا صوفي نيڀراج پڻ موري منگر مان ڪَهِي اچي رونق افروز ٿيندا هئا، جن جو سهج سڀاءُ اڄ به مون کي سندن صحبت جي نصيب ٿيڻ تي ڀاڳوان ۽ نازان ڪري ٿو. ٻيا به ڪافي گهڻا بزرگ هئا، پر نالا ياد نه پيا اچن – ها! انهن مان محترم محمد خان مجيدي مرحوم ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ شاعريءَ جي فن جا وڏا پارکو هئا. شيخ ابراهيم ”خليل“ جو شاعريءَ جي علم عروض تي لکيل ناياب ڪتاب ته اڄ تائين نوجوان شاعرن جي فني اصلاح جو نهايت ئي ناياب نسخو آهي.
خير! ايڏي ساري تمهيد ٻڌڻ جو مقصد ۽ ڪارڻ اهو آهي، ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ سائين بابا صوفي نيڀراج صاحب جن جي سدوري فرزند ارجمند، پياري دوست ڊاڪٽر/سرجن ڪرشن صوفي اها خوشخبري ڏني ته، پاڻ بابا سائين صوفي نيڀراج جن جو شعري مجموعو، ”صوفيءَ جي صدا“ ڇپرائڻ جي ڪوششن ۾، سالن کان پروفيشنل پبلشرز جي دام و پيچ ۾ سرگردان و پريشان حال آهن. سندن اُن خبر مون کي خوشيءَ سان گڏ ڪيترو ڇرڪائيو ۽ همٿائيو؟ ان جو بيان ڪرڻ کان لاچار آهيان – ها! پر اهو ضرور ٿيو، جو اهڙيءَ طرح ان ئي گهڙيءَ، ماضيءَ جا بند دروازا کُلي پيا، ۽ ان دؤر جون ساروڻيون ميڙيندي، آئون سائين بابا صوفي نيڀراج صاحبن جي حوالي سان، مٿي هيڏي وڏي تمهيد لکي ويٺس!
سائين جن تي لکڻ لاءِ ته الاءِ ڪيترو مواد، يادگيرين جي صورت ۾ ذهن اندر اُٿلون پيو کائي، پر جيئن ته سندن زيرِ نظر شعري مجموعي ”صوفيءَ جي صدا“ لاءِ بصورتِ مهاڳ، پيارو نصير مرزا پڙهندڙن کي ڪافي ڪجهه ڄاڻ مهيا ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري مون ته پنهنجي سر هتي رڳو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندي، ان مان پاڻ ئي لطف ماڻيو آهي. باقي بابا سائين صوفي نيڀراج جن ڪهڙي هستيءَ جا مالڪ هئا؟ اهو هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙ پاڻ ئي سندن تخليقن جي بحرِ بي ڪنار اندر غوطه زني ڪندي معلوم ڪري وٺندا.
آئون پنهنجي پياري دوست ۽ محسن، ڊاڪٽر صوفي ڪرشن جن جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جو پاڻ بابا سائينءَ جي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ”سليٽ“ (سنگت لائبريري اينڊ ٽرانزيڪٽ ايجوڪيشن SLATE) کي سليڪٽ ڪيائون... اهڙيءَ طرح سندن (صوفي نيڀراج) پوکيل پوک جي هڪڙي ننڍڙي داڻي، ”سليٽ“ کي اهڙو مانُ مرتبو حاصل ٿي رهيو آهي، جهڙو هن کان اڳ ڪڏهن حاصل نه ٿيو.
هتي آخر ۾ آئون پنهنجي استاد محترم بابا سائين صوفي نيڀراج جن کي ڀيٽا طور نه، پر اعتراف طور هيءُ شعر ارپن ڪريان ٿو، جيڪو منهنجي ذات جي بطور شاعر شناخت، ۽ سائين جن جي بطور شخصيت ساز حيثيت جي ڏِس ۾ هڪ ننڍڙو، پر سچو ثبوت آهي، ۽ منهنجي هن سموري تحرير جو پوتاميل آهي:
تنهنجي پيرن جي نشانن تان هلي:
ٻالڪو تنهنجو ڪِٿي پهچي ويو!
ــ آسي زميني
21-نومبر، 2016ع
دانش گاهه منصوريه آشرم،
ٽنڊو قيصر